ٻٻرلوءِ ويجھو پوليس مقابلو ڄاڻائي ٻہ ڄڻا قتل، پوليس جا الزام ۽ وارثن جو موقف آمھون سامهون

ٻٻرلوءِ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي ۾ ارشاد ميراڻي ۽ نور احمد بروهي جي موت بعد تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، پوليس فائرنگ جي ڏي وٺ جو موقف اختيار ڪري ٿي، جڏهن تہ وارثن ۽ مقامي ماڻھن جو چوڻ آهي تہ ٻنهي کي اڳواٽ گرفتار ڪري بعد ۾ مقابلي جو ڏيک ڏئي رھيا آھن.

سکر ڀرسان ٻٻرلوءِ واري علائقي ۾ پوليس ۽ مبينا ڏوھارين وچ ۾ پيش آيل مقابلي ۾ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. پوليس موجب جوابدار فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مارجي ويا، جڏهن تہ وارثن، مقامي ماڻھن ۽ سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جو چوڻ آهي تہ ٻنھي ڄڻن کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو شاہ لطيف موڙ ڀرسان ايڪانامڪ زون ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي تہ هڪ گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي پوليس ٽيم علائقي ۾ پهتي، جتي مبينا هٿياربند ساٿين طرفان پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن ڄڻن جو قتل ٿيو. پوليس مطابق مارجي ويلن جي سڃاڻپ ارشاد ميراڻي، رھواسي سکر، ۽ نور احمد بروھي، رھواسي ڳوٺ شير علي خانپور، ضلعو شڪارپور طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي تہ مقابلي دوران ٻٻرلوءِ ٿاڻي جو وڏو منشي جاويد جتوئي پڻ زخمي ٿي پيو، جنھن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو موقف ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو جو چوڻ آهي تہ پوليس هڪ گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ڪارروائي لاءِ پهتي هئي، جتي جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي جنھن بعد مقابلو ٿيو. پوليس وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي تہ مارجي ويل ارشاد ميراڻي مختلف ضلعن جھڙوڪ سکر، گھوٽڪي، شڪارپور ۽ شهيد بينظيرآباد سميت ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل هو. پوليس طرفان جاري ڪيل ڪرمنل رڪارڊ موجب سندس مٿان لڳ ڀڳ ويہ ڪيس داخل هئا، جن ۾ ڦر، چوري ۽ ٻين ڏوھن جا الزام شامل آهن. وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي ڪجھ وڊيوز ۽ تصويرون تيزي سان وائرل ٿيون آهن. انهن وڊيوز ۾ مبينا طور ٻنھي ڄڻن کي ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڀرسان پوليس طرفان گرفتار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. وڊيوز سامھون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي واقعي بابت مختلف سوال اٿاريا پيا وڃن. هڪ ٻي تصوير پڻ گردش ۾ آهي جنھن ۾ زخمي پوليس اهلڪار اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل نظر اچي رھيو آهي، جڏهن تہ پوليس اهلڪار ساڻس گڏ بيٺل آهن. وارثن ۽ مقامي ماڻھن جا الزام مارجي ويلن جي وارثن پوليس جي الزامن کي رد ڪندي صحافين کي موقف ڏنو آهي تہ ٻنھي ڄڻن کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ مقابلي جو ڏيک ڏئي قتل ڪيو ويو. نور احمد بروھي جي وارثن جو چوڻ آهي تہ سندن نوجوان کي بيگناہ پوليس رستي تان کڻي وئي ۽ بعد ۾ مقابلي جو نالو ڏئي قتل ڪيو ويو. ارشاد ميراڻي جي وارثن جو چوڻ آهي تہ هو مائٽن سان ملڻ لاءِ گھران نڪتو هو، جتان پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ مقابلي جو ڏيک ڏئي ماريو ويو. هڪ وڊيو ۾ مارجي ويل ارشاد ميراڻي جي وارث عورتون لاش ڀرسان روئيندي نظر اچن ٿيون، جڏهن تہ هو انصاف جو مطالبو ڪري رھيون آهن. مارجي ويل ارشاد ميراڻي جي ڀاءُ محمد بچل ۽ سندس سئوٽ دين محمد پڻ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي تہ نوجوان کي عوام سامھون پوليس گرفتار ڪيو هو. سندن چوڻ هو تہ: "اسان جو ڀاءُ مائٽن ڏي گھمڻ وڃي رھيو هو تہ ٻٻرلوءِ پوليس کيس ماڻھن سامھون زندہ گرفتار ڪيو، بعد ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو." دين محمد پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو: "جنھن منشي لاءِ چون ٿا تہ اهو زخمي آهي، گرفتاري دوران پڪڙيل نوجوانن جي وڊيوز وائرل ٿيل آهن، انهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو تہ اهو منشي بلڪل سلامت بيٺو آهي." سماجي ۽ سياسي حلقن جو ردعمل واقعي تي سماجي ۽ سياسي حلقن پاران پڻ ردعمل سامھون آيو آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي اڳواڻ آڪاش ملاح چيو آهي تہ: "ٻٻرلوءِ پوليس پاران ڳوٺاڻن جي پاران گرفتار ڪري ڏنل جوابدارن کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي سخت مذمت ڪجي ٿي. هر فيصلو ۽ اختيار پوليس پاڻ وٽ رکندي تہ پوءِ ڪورٽن کي تالا هڻي ڇڏيا وڃن. ڪوڙو مقابلو ڪندڙ پوليس پارٽي مٿان ڪوڙي مقابلي جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي." انساني حقن جي ڪارڪن ڊاڪٽر سورٺ سنڌو چيو آهي: "پوليس جو ڪم مجرم کي پڪڙڻ آهي، فيصلو ڪندڙ عدالتون آهن. پوليس کي قانون جي پاسداري ڪرڻ سيکاريو ان کان پهرين جو عوام پاڻ پوليس ٿئي." پسمنظر سنڌ ۾ پوليس مقابلن بابت اڳ بہ بحث ٿيندو رھيو آهي. مقامي اصطلاحن ۾ ڪڏهن ڪڏهن “هالف فراءِ” جوابدار کي زخمي ڪرڻ ۽ “فل فراءِ” جوابدار کي مارڻ جھڙا لفظ استعمال ٿيندا آهن، جيڪي مبينا پوليس مقابلن جي حوالي سان ٻڌا ويندا آهن. انساني حقن جون تنظيمون بار بار زور ڏينديون رھيون آهن تہ ڪنهن بہ پوليس مقابلي ۾ موت جي صورت ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ضروري آهي تہ جيئن حقيقتون سامھون اچي سگھن. موجودہ صورتحال هن واقعي بابت هن وقت تائين ڪنهن سرڪاري يا عدالتي سطح تي جاچ جو باضابطہ اعلان سامھون نہ آيو آهي. پوليس پنهنجي موقف تي قائم آهي تہ جوابدار مقابلي دوران مارجي ويا، جڏهن تہ وارث ۽ مقامي ماڻھو واقعي کي مبينا ماورائي عدالت قتل قرار ڏئي رھيا آهن. واقعي بابت حتمي حقيقتون جاچ ۽ سرڪاري تحقيق بعد ئي واضح ٿي سگھنديون.