ايران جنگ کان پوءِ عالمي تيل مارڪيٽ ۾ ڇڪتاڻ، جي-7 ملڪ ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار
تيل جي قيمت لڳ ڀڳ 120 ڊالر في بيرل تائين پهتي، هرمز آبنائي ۾ رڪاوٽن سبب عالمي توانائي فراهمي تي خطرا وڌي ويا.
وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ سبب عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جنهن بعد جي-7 ملڪن چيو آهي تہ اهي عالمي توانائي فراهمي کي برقرار رکڻ لاءِ “ضروري قدم” کڻڻ لاءِ تيار آهن.
جي-7 ملڪن جي ناڻي وزيرن ۽ بين الاقوامي توانائي اداري جي آفيسرن وچ ۾ ٿيل هڪ ورچوئل اجلاس ۾ عالمي تيل جي فراهمي بابت پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران عالمي تيل جي مارڪيٽن ۾ وڌندڙ بيچيني تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، جڏهن تہ هنگامي حالتن لاءِ رکيل تيل جا ذخيرا جاري ڪرڻ بابت بہ خيال ڪيو ويو.
تنهن هوندي بہ اجلاس ڪنهن حتمي فيصلي کانسواءِ ختم ٿي ويو ۽ في الحال اسٽريٽجڪ تيل جا ذخيرا جاري ڪرڻ تي اتفاق نہ ٿي سگھيو.
انهيءَ دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت سومر ڏينهن لڳ ڀڳ 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جنهن سبب عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن تي بہ دٻاءُ وڌي ويو.
بين الاقوامي توانائي اداري جي سربراہ فاتيح بيرول چيو تہ گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ عالمي تيل جي مارڪيٽن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. هن چيو تہ هرمز آبنائي ذريعي تيل جي ترسيل ۾ رڪاوٽن ۽ ڪجھ ملڪن ۾ پيداوار گھٽجڻ سبب عالمي مارڪيٽ لاءِ وڏا خطرا پيدا ٿي رهيا آهن.
بيرول موجب آءِ اي ايَ جا ميمبر ملڪ ھڪ ئي وقت 1.2 ارب بيرل کان وڌيڪ هنگامي تيل جا سرڪاري ذخيرا رکندا آهن، جڏهن تہ صنعتن وٽ حڪومت جي نگراني هيٺ وڌيڪ لڳ ڀڳ 60 ڪروڙ بيرل تيل جا ذخيرا موجود آهن.
اجلاس کان پوءِ فرانس جي ناڻي واري وزير رولان ليسڪيور چيو تہ في الحال هنگامي تيل جا ذخيرا جاري ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر صورتحال تي ويجھو نظر رکي پئي وڃي.
جيڪڏهن مستقبل ۾ اهي ذخيرا جاري ڪيا وڃن تہ اهو 2022 کان پوءِ پهريون ڀيرو هوندو، جڏهن روس طرفان يوڪرين تي حملي کان پوءِ عالمي مارڪيٽن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو ويو هو.
اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ جي-7 ملڪن چيو تہ اهي عالمي توانائي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، جنهن ۾ تيل جا ذخيرا جاري ڪرڻ جھڙا آپشن بہ شامل ٿي سگھن ٿا.
برطانيا جي ناڻي واري وزير ريچل ريوز چيو تہ برطانيا اجلاس دوران وچ اوڀر ۾ فوري ڇڪتاڻ گھٽائڻ تي زور ڏنو آهي ۽ علائقي ۾ سامونڊي رستن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي.
هن چيو تہ جيڪڏهن ضرورت پئي تہ برطانيا بہ آءِ اي ايَ جي گڏيل تيل جي ذخيرن مان تيل جاري ڪرڻ واري قدم جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ وچ اوڀر مان توانائي جي فراهمي ۾ وڏي رڪاوٽ عالمي معيشت تي وڏو اثر وجھي سگھي ٿي. جيڪڏهن تيل جون قيمتون وڌنديون رهيون تہ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مهانگائي وڌي سگھي ٿي ۽ مرڪزي بئنڪون وياج جي شرح گھٽائڻ بدران وڌائڻ تي مجبور ٿي سگھن ٿيون.
عام حالتن ۾ دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جيترو تيل هرمز آبنائي ذريعي منتقل ڪيو ويندو آهي. پر جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ هن اهم سامونڊي رستي تان تيل جي آمد و رفت تقريباً بند ٿي وئي آهي.
گذريل هفتي دوران آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ ڪيترن هنڌن تي هوائي حملا ڪيا، جن ۾ تيل جا ذخيرا ۽ توانائي سان لاڳاپيل تنصيبات بہ نشانو بڻايون ويون. ان جي جواب ۾ ايران پاڙيسري خليجي ملڪن ۾ توانائي جي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
سعودي عرب چيو آهي تہ هن رات جو پنهنجي هڪ اهم آئل فيلڊ ڏانهن ايندڙ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
جنگ جي شدت وڌڻ سان عالمي مارڪيٽن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي. سومر ڏينهن ايشيا ۾ برينٽ خام تيل جي قيمت هڪ موقعي تي 25 سيڪڙو وڌي 119.50 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جيڪا بعد ۾ گھٽجي لڳ ڀڳ 102 ڊالر في بيرل تي اچي وئي.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن جنگ ڊگھي عرصي تائين جاري رهي تہ تيل جون قيمتون 120 کان 150 ڊالر في بيرل تائين بہ وڃي سگھن ٿيون.
نائينٽي ون ايسٽ مئنيجمينٽ جي قدرتي وسيلن واري شعبي جي سربراہ پال گوڊن چيو تہ تيل جي مارڪيٽن ۾ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي تہ هي تڪرار ڪيترو ڊگھو هلي ٿو. هن چيو تہ جيترو تڪرار ڊگھو ٿيندو، اوتري ئي مارڪيٽن ۾ بيچيني وڌندي.
ساڳئي وقت گئس جون قيمتون بہ وڌي ويون آهن. برطانيا ۾ ايندڙ مهيني لاءِ گئس جي قيمت تقريباً 25 سيڪڙو وڌي 171 پينس في ٿرم تائين پهچي وئي، جيڪا بعد ۾ ڪجھ گھٽجي 149 پينس في ٿرم تي اچي وئي.
گئس جون قيمتون هاڻي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ جي ڀيٽ ۾ تقريباً ٻيڻي ٿي چڪيون آهن، جيتوڻيڪ اهي اڃا تائين 2022 ۾ روس طرفان يوڪرين تي حملي دوران ڏٺل 640 پينس في ٿرم جي بلند ترين سطح کان گھڻو گھٽ آهن.
جنگ سبب عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن تي بہ اثر پيو آهي. آمريڪا ۾ ايس اينڊ پي 500 انڊيڪس ۾ تقريباً 0.2 سيڪڙو گھٽتائي ٿي، جڏهن تہ ڊائو جونز انڊسٽريل ايوريج بہ لڳ ڀڳ 0.5 سيڪڙو هيٺ ٿي ويو.
لنڊن اسٽاڪ مارڪيٽ جو ايف ٽي ايس اي 100 انڊيڪس ڏينهن جي آخر تائين 0.3 سيڪڙو گھٽتائي سان بند ٿيو، جڏهن تہ شروعاتي واپار دوران اهو تقريباً ٻن مهينن جي گھٽ ترين سطح تي اچي ويو هو.
ان جي ابتڙ توانائي ڪمپنين جا شيئر وڌي ويا. شيل جا شيئر 2.4 سيڪڙو ۽ بي پي جا شيئر لڳ ڀڳ 1.9 سيڪڙو وڌي ويا.
يورپ ۾ جرمني جو ڊيڪس انڊيڪس 0.8 سيڪڙو گھٽ ٿيو، جڏهن تہ فرانس جو سي اي سي 40 انڊيڪس 1 سيڪڙو گھٽتائي سان بند ٿيو. ايشيا ۾ جاپان جو نڪي 225 انڊيڪس 5.2 سيڪڙو ۽ ڏکڻ ڪوريا جو ڪوسپي انڊيڪس 6 سيڪڙو هيٺ ٿي ويو.
ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن تيل جون قيمتون ڊگھي عرصي تائين وڌيل رهيون تہ ان سان عالمي مهانگائي ۾ واڌ ٿي سگھي ٿي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ وياج جي شرح گھٽائڻ جا امڪان بہ متاثر ٿي سگھن ٿا.