پابندين مان پيدا ٿيل هٿيار شاهد ڊرون جي ڪهاڻي ڇا آھي؟
ايران عراق جنگ جي دور ۾ شروع ٿيل هڪ سستو ڊرون اڄ عالمي فوجي حڪمت عملي جو اهم موضوع بڻجي چڪو آهي. شاهد 136 جھڙا ڊرون نہ رڳو جنگي ميدان بدلائي رهيا آهن پر جديد دفاعي نظامن، سپلائي چينن ۽ جيوپوليٽيڪل اتحادين کي بہ نئين نموني سان ترتيب ڏئي رهيا آهن
رات جو دير سان جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ يا شهر جي مٿان هڪ اهڙو آواز گونجي، جيڪو پري کان مڇر مارڻ واري مشين جي انجڻ جھڙو لڳي تہ هاڻي اهو ڪنهن عام مشين جو شور نہ سمجھيو وڃي. يوڪرين، سعودي عرب، اسرائيل ۽ خليجي ملڪن جي ڪيترن علائقن ۾ اهو آواز آهستي آهستي خوف، حملي ۽ ايندڙ تباهي جي علامت بڻجي چڪو آهي.
پهريان ڪجھ سيڪنڊن تائين هڪ تيز پر دٻيل لھجي وارو شور ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ويجھو ايندو محسوس ٿئي ٿو. پوءِ اوچتو فضا ۾ ماٺ ڇانئجي وڃي ٿي ۽ ان ماٺ کان پوءِ ايندڙ ئي لمحي ڌماڪو ٿئي ٿو. جديد جنگ جي ٻولي ۾ هاڻي هن آواز جي سڃاڻپ واضح ٿي چڪي آهي: ان جو مطلب آهي تہ شاهد ڊرون پنهنجي هدف تائين پهچي ويو آهي.
ايران جو شاهد 136 رڳو هڪ ڊرون نہ آهي پر هڪ مڪمل فوجي سوچ، صنعتي حڪمت عملي ۽ ڊگھي سياسي صبر جو نتيجو آهي. ان جا ٺاهيندڙ ان کي “لوئٽرنگ ميونشن” چون ٿا، جڏهن تہ مغربي دفاعي ماهر ان کي “غريبن جو ڪروز ميزائل” سڏين ٿا.
هن ڊرون جي اهميت رڳو ان جي فني بناوٽ يا ٽيڪنالاجي ۾ ناهي، پر ان جنگي حساب ڪتاب ۾ آهي جيڪو اهو دشمن تي لاڳو ڪري ٿو. هي نسبتاً سستو آهي، وڏي تعداد ۾ تيار ٿي سگھي ٿو ۽ ڊگھي فاصلي تائين هدفن کي نشانو بڻائي سگھي ٿو.
ان کي ڪيرائڻ لاءِ اڪثر اهڙا دفاعي نظام استعمال ڪرڻا پون ٿا، جيڪي قيمت ۾ پاڻ ان کان ڪيترائي ڀيرا مهانگا هوندا آهن. اهڙي طرح جديد جنگ ۾ هي رڳو حملو ڪندڙ هٿيار ناھي پر دشمن تي معاشي دٻاءُ وڌائڻ، دفاعي نظام کي پريشان ڪرڻ ۽ سياسي بيچيني پيدا ڪرڻ جو هڪ مؤثر اوزار بہ بڻجي وڃي ٿو.
شاهد 136 جي ڪهاڻي ايتري نئين ناهي جيتري بظاهر لڳي ٿي. اها نہ 2022ع يا 2023ع سان شروع ٿئي ٿي ۽ نہ ئي فقط يوڪرين جي جنگ تائين محدود آهي.
ان جو اصل بنياد 1980ع واري ڏهاڪي ۾ پيو، جڏهن ايران پاڻ کي هڪ اهڙي علائقائي جنگ ۾ ڏسي رهيو هو، جتي هو اڪيلو بہ هو، عالمي پابندين هيٺ بہ هو ۽ فوجي لحاظ کان ڪمزور بہ ھو. اهڙي صورتحال ۾ تهران کي جلد ئي محسوس ٿيو تہ روايتي جنگي طريقن سان طاقتور مخالفن جو مقابلو ڪرڻ ڏکيو ٿيندو.
انهيءَ پس منظر ۾ ايران کي اهڙي فوجي حڪمت عملي ڳولڻي پئي، جيڪا گھٽ وسيلن هوندي بہ مؤثر ثابت ٿي سگھي ۽ دشمن جي روايتي برتري کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني متوازن ڪري سگھي.
پابندين ۽ جنگي دٻاءَ مان جنم وٺندڙ ايران جو ڊرون پروگرام
ايران جو ڊرون پروگرام ڪنهن وڏي فوجي توسيع يا عالمي طاقت بڻجڻ جي خواب مان پيدا نہ ٿيو، پر مجبوري، اڪيلائي ۽ بين الاقوامي دٻاءَ مان جنم ورتائين. 1979ع جي انقلاب کان پوءِ ايران تي عالمي پابنديون لڳيون، هٿيارن جي فراهمي محدود ٿي وئي ۽ پرڏيهي دفاعي مدد تقريباً ختم ٿي وئي.
جڏهن 1980ع ۾ ايران ۽ عراق جي جنگ شروع ٿي تہ تهران کي جلد ئي احساس ٿيو تہ روايتي جنگ جي ميدان ۾ سندس پوزيشن ڪمزور ٿي رهي آهي. ايراني هوائي فوج وٽ جھاز تہ موجود هئا، پر انهن جي سار سنڀال ۽ ضروري پرزن جي فراهمي آهستي آهستي هڪ سنگين مسئلو بڻجي رهي هئي.
ان جي ابتڙ عراق کي عالمي طاقتن جي مختلف ذريعن مان فوجي مدد ملي رهي هئي، جنهن جنگ جي طاقت جي توازن کي ايران جي خلاف جھڪائي ڇڏيو هو. اهڙي صورتحال ۾ ايران کي جلد ئي اهو سمجھڻ ۾ دير نہ لڳو تہ محدود وسيلن سان نوان طريقا ڳولڻ ئي سندس لاءِ بقا جو رستو ٿي سگھن ٿا. آهستي آهستي اهو خيال ايراني دفاعي پاليسي جو بنيادي اصول بڻجي ويو.
انهيءَ سوچ جي نتيجي ۾ 1980ع واري ڏهاڪي دوران اهڙا ادارا قائم ڪيا ويا، جن جو مقصد مختصر فاصلي وارا نگراني ۽ حملي جا هوائي نظام تيار ڪرڻ هو. انهن ادارن مان هڪ اهم نالو ايران ايئرڪرافٽ مينيوفيڪچرنگ انڊسٽريز ڪارپوريشن هو، جنهن کي عام طور هيسا چيو وڃي ٿو. وقت سان گڏ هي ادارو ايران جي مقامي دفاعي صنعت جو هڪ مرڪزي حصو بڻجي ويو ۽ ملڪ اندر ڊرون ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو.
ان وقت تائين جيڪي صنعتي سهولتون اڳ ۾ عالمي لائسنس تحت هيليڪاپٽر گڏ ڪرڻ يا ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿينديون هيون، انهن کي آهستي آهستي فوجي پيداوار طرف موڙيو ويو. اهڙي طرح موجود صنعتي ڍانچي کي نئين مقصد لاءِ استعمال ڪندي ايران پنهنجي مقامي دفاعي صنعت جو بنياد وڌو.
ان دور جي شروعاتي پيداوارن ۾ ابابيل-1 جھڙا ڊرون شامل هئا. اڄ جي معيار موجب اهي فني لحاظ کان سادا ۽ ابتدائي نوعيت جا هئا، پر انهن هڪ اهم نظرياتي تبديلي کي جنم ڏنو. اها تبديلي هيءَ هئي تہ جيڪڏهن ايران هٿيار ٻاهرين ملڪن کان خريد نٿو ڪري سگهي، تہ پوءِ هو انهن کي پنهنجن وسيلن، پنهنجن انجنيئرن ۽ پنهنجي صنعت جي مدد سان پاڻ تيار ڪندو.
انهيءَ دور مان ايران هڪ اهم سبق سکيو. پابنديون رڳو رڪاوٽ نہ بڻجن ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن اهي مقامي ايجاد ۽ صنعتي خودانحصاري کي بہ تيز ڪري ڇڏينديون آهن. جڏهن ٻاهران ٽيڪنالاجي يا هٿيار حاصل ڪرڻ جا رستا بند ٿين ٿا، تڏهن ملڪ کي پنهنجن وسيلن تي ڀاڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نہ رهندو آهي.
ايران جي صورت ۾ بہ ڪجھ اهڙو ئي ٿيو. جيڪو پرزو ٻاهران نہ مليو، اهو ملڪ اندر ٺاهڻو پيو ۽ جيڪو نظام درآمد نہ ٿي سگهيو، ان جو مقامي متبادل ڳولڻو پيو. شروعات ۾ هي پروگرام محدود ۽ فني لحاظ کان ابتدائي هو پر ان سان گڏ هڪ اهڙي سوچ پيدا ٿي وئي جيڪا وقت سان گڏ وڌيڪ منظم، وڌيڪ تجربيڪار ۽ وڌيڪ پختي ٿيندي وئي.
بهترين نہ، پر ڪافي حد تائين مناسب هٿيارن واري ايراني جنگي فلسفي جو اڀار
2000ع واري ڏهاڪي جي وچ تائين ايراني ڊرون پروگرام رڳو بقا جي ڪوشش تائين محدود نہ رهيو، پر آهستي آهستي هڪ واضح فوجي حڪمت عملي جي صورت اختيار ڪري ويو. تهران کي اهو اندازو ٿي چڪو هو تہ هو آمريڪا جھڙين فوجي طاقتن جي جديد ٽيڪنالاجي سان سڌو مقابلو نٿو ڪري سگھي.
ايران لاءِ ايف-35 جھڙي انتهائي جديد، پيچيدہ ۽ مهانگي فوجي ٽيڪنالاجي تيار ڪرڻ عملي طور ممڪن نہ هو. اهڙي نظام لاءِ نہ رڳو وڏو سرمايو، پر انتهائي ترقي يافتہ صنعتي ۽ سائنسي بنياد بہ گھربل هوندو آهي. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي ايراني منصوبہ بندن هڪ مختلف رستو اختيار ڪيو، جيڪو سندن وسيلن، حالتن ۽ ضرورتن سان وڌيڪ مطابقت رکندڙ هو.
اُهو رستو اِهو هو تہ دنيا جو “بهترين” هٿيار ٺاهڻ بدران اهڙو هٿيار تيار ڪيو وڃي جيڪو “ڪافي حد تائين مناسب” هجي. يعني اهڙو نظام جيڪو عملي طور ڪم ڪري، وڏي تعداد ۾ تيار ٿي سگهي، قيمت ۾ سستو هجي، ضرورت پوڻ تي وڃائجي بہ سگھي ۽ دشمن لاءِ ان جو مقابلو ڪرڻ مالي طور مهانگو ثابت ٿئي.
بظاهر هي فلسفو سادو لڳي ٿو، پر جنگي حڪمت عملي جي لحاظ کان انتهائي حساب سان ٺهيل آهي. جديد جنگ جو فيصلو هميشہ اهو نہ ڪندو آهي تہ ڪنهن وٽ سڀ کان وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي موجود آهي. گھڻين حالتن ۾ نتيجو اهو طئي ڪندو آهي تہ ڪنهن وٽ اهڙو نظام آهي جيڪو وڏي مقدار ۾، گھٽ خرچ سان ۽ ڊگھي عرصي تائين استعمال ٿي سگھي.
ان مرحلي تي ايران پنهنجي علمي ادارن کي بہ هن شعبي سان ڳنڍڻ شروع ڪيو. شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جھڙيون فني درسگاهون، جيڪي انجنيئرنگ جي ميدان ۾ ملڪ جي معتبر ادارن مان شمار ٿينديون آهن، آهستي آهستي فوجي تحقيق ۽ ترقي جي عمل جو حصو بڻايون ويون.
ان سان علمي قابليت ۽ فوجي ضرورت جو هڪ نئون ميلاپ پيدا ٿيو. يونيورسٽين ۾ موجود انجنيئرنگ مهارت ۽ فوجي ادارن جي عملي ضرورت گڏجي ڪم ڪرڻ لڳيون. هي اهو دور هو جڏهن پاسدارانِ انقلاب صرف پنهنجن ادارن تائين محدود رهڻ بدران ملڪ جي وسيع علمي ۽ صنعتي ڍانچي کي بہ متحرڪ ڪيو. نتيجي طور ڊرون ٽيڪنالاجي جي تحقيق، ڊزائين ۽ پيداوار آهستي آهستي هڪ گڏيل قومي منصوبي جي صورت اختيار ڪرڻ لڳي.
ساڳئي وقت هن پروگرام جو هڪ ٻيو اهم رخ بہ سامهون آيو. ايران پنهنجن تيار ڪيل ڊرونن کي صرف پنهنجي فوجي استعمال تائين محدود نہ رکيو. 2003ع کان پوءِ لبنان ۾ حزب الله، عراق ۾ شيعا مليشيا، يمن ۾ حوثي تحريڪ ۽ شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جھڙا علائقائي اتحادي بہ ايراني ڊرون ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي نظر آيا. اهڙي طرح هي ٽيڪنالاجي آهستي آهستي هڪ علائقائي نيٽ ورڪ جو حصو بڻجندي وئي.
هي عمل صرف هٿيارن جي فراهمي تائين محدود نہ هو، پر ان سان گڏ هڪ قسم جي ميدانِي آزمائش بہ جاري هئي. مختلف جنگي محاذن تان حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون، ناڪاميون ۽ فني خاميون واپس ايران تائين پهچنديون رهيون ۽ اهي مقامي تحقيق ۽ ترقي لاءِ نئين ڊيٽا بڻجنديون ويون. ٻين لفظن ۾ ايران هڪ ئي وقت هٿيار بہ تيار ڪري رهيو هو ۽ انهن کي حقيقي جنگي حالتن ۾ آزمائي بہ رهيو هو.
آر ڪيو-170 سينٽينل واقعي کان پوءِ ايراني ڊرون پروگرام ۾ اهم موڙ
4 ڊسمبر 2011ع تي هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن ايراني ڊرون پروگرام کي نئون رخ ڏئي ڇڏيو. ان ڏينهن ايراني سرڪاري ٽيليويزن هڪ وڊيو نشر ڪئي، جنهن ۾ تقريباً صحيح حالت ۾ هڪ آمريڪي آر ڪيو-170 سينٽينل اسٽيلٿ ڊرون ڏيکاريو ويو. هي ڊرون آمريڪي مرڪزي خفيہ اداري سي آءِ اي جو حساس نگراني وارو نظام هو. ايران ۾ ان ڊرون جي موجودگي رڳو هڪ علامتي يا تبليغي ڪاميابي نہ هئي. ان واقعي جي اهميت ان کان گھڻي وڌيڪ هئي، ڇو تہ اهو اهڙي جديد ٽيڪنالاجي تائين سڌي رسائي هئي جيڪا عام حالتن ۾ ايران لاءِ حاصل ڪرڻ تقريباً ناممڪن سمجھي ويندي هئي.
آمريڪا ان ڊرون جي واپسي جو مطالبو ڪيو، پر ايران انڪار ڪري ڇڏيو. پر اصل اهميت مطالبي يا انڪار ۾ نہ هئي، بلڪہ ان عمل ۾ هئي جيڪو ان کان پوءِ شروع ٿيو. ايراني انجنيئرن وٽ هاڻي آمريڪي اسٽيلٿ ڊزائين جو هڪ حقيقي نمونو موجود هو. کين خبر هئي تہ هو ان کي مڪمل درستگي سان نقل نٿا ڪري سگهن، پر ان مان تجربا ڪري جھاز جي شڪل، ايروڊائنامڪس، فني منطق ۽ نظامي ترتيب بابت گھڻو ڪجھ سکڻ ممڪن هو.
چند سالن اندر شاهد 171 سيمرغ ۽ شاهد 191 صاعقہ جھڙا ڊرون منظر عام تي اچي ويا. انهن جي ڊزائين ۾ سينٽينل جو اثر واضح محسوس ٿيندو هو. اهي سڌي طرح نقل نہ هئا، پر اهڙا نمونا هئا جيڪي اصل ڊزائين مان متاثر ٿي مقامي حالتن ۽ وسيلن مطابق ترتيب ڏنا ويا هئا.
هن واقعي ايران لاءِ هڪ اهم ادارتي سبق کي وڌيڪ مضبوط ڪيو تہ جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ ممڪن نہ هجي ۽ ان کي بلڪل شروعات کان تيار ڪرڻ ڏکيو هجي، تہ پوءِ موجود نموني کي حاصل ڪري ان جو تفصيلي جائزو وٺو، ان کي ٽوڙي سمجهو، ان جي فني منطق پڙھو ۽ پوءِ پنهنجي ضرورتن مطابق نئون نسخو تيار ڪريو.
هي سوچ صرف ڊرون جي بناوٽ تائين محدود نہ رهي. شاهد 136 ۾ استعمال ٿيندڙ ماڊو ايم ڊي-550 انجڻ بہ اصل ۾ جرمن ڪمپني جي لمباخ ايل 550 اي انجڻ جي بنياد تي تيار ڪيل مقامي نسخيَ طور ڏٺو وڃي ٿو. اها اصل انجڻ ماڊل جھازن جي شوقينن لاءِ سول مارڪيٽ ۾ دستياب هئي. ڇاڪاڻ تہ اها خالص فوجي پراڊڪٽ نہ هئي، تنهنڪري ان تي سخت برآمدي پابنديون بہ لاڳو نہ هيون.
ايران اهڙين سول ٽيڪنالاجين مان فائدو وٺي آهستي آهستي هڪ جنگي نظام جي بنياد تيار ڪيو. هتي شاهد پروگرام جي هڪ اهم خصوصيت سامهون اچي ٿي تہ جديد جنگي هٿيار هميشہ فوجي ليبارٽرين ۾ ئي پيدا نہ ٿا ٿين. ڪڏهن ڪڏهن انهن جو بنياد عام تجارتي مارڪيٽن ۽ سول ٽيڪنالاجي ۾ بہ موجود هوندو آهي.
شاهد 136 جو اڀار
شاهد 136 عالمي سطح تي ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ مشهور نہ ٿيو، پر ڪجھ وڏن واقعن ان کي آهستي آهستي عالمي بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو. 2019ع ۾ سعودي عرب جي ابقيق ۽ خريص تيل سهولتن تي ٿيل حملا عالمي تيل مارڪيٽ لاءِ شديد ڌڪ ثابت ٿيا. انهن حملن کان پوءِ ڪيترن دفاعي ماهرن جو خيال هو تہ استعمال ٿيل نظامن ۾ اهڙا ايراني ڊرون بہ شامل هئا، جيڪي بعد ۾ شاهد 136 جي ابتدائي شڪل طور سڃاتا ويا. ايران سرڪاري طور ان حملي ۾ پنهنجي شموليت کان انڪار ڪيو، پر ان واقعي کان پوءِ عالمي ماھرن کي اهو اندازو ٿيڻ لڳو تہ ايران وٽ گھٽ خرچ وارو پر ڊگھي فاصلي تائين پائدار حملي وارو نظام موجود آهي.
سيپٽمبر 2021ع ۾ اسرائيل پهريون ڀيرو رسمي طور شاهد 136 جو ذڪر ڪيو. ان کان ڪجھ مهينن بعد، ساڳئي سال ڊسمبر ۾ ايران هن ڊرون کي پنهنجي فوجي مشقن “گريٽ پرافٽ 17” دوران سرڪاري طور پيش ڪيو. جڏهن ان جي حد، وارهيڊ، رفتار، نيويگيشن نظام ۽ قيمت بابت تفصيل سامهون آيا تہ ڪيترن فوجي ماهرن لاءِ صورتحال واضح ٿي وئي. اهو هاڻي رڳو هڪ ايراني ڊرون نہ هو، پر اهڙو هٿيار هو جيڪو علائقائي ۽ بين الاقوامي فوجي توازن تي بہ اثر وجھي سگھي ٿو.
شاهد 136 جي خاصيتن مان سڀ کان اهم ان جي حڪمت عملي واري منطق آهي. رپورٽن موجب هي ڊرون لڳ ڀڳ 1500 ڪلوميٽر تائين پهچي سگھي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو تہ جيڪڏهن اهو ايران جي اولھ وارن علائقن مان لانچ ٿئي تہ اسرائيل، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ وچ ايشيا جا وسيع علائقا ان جي حد اندر اچي وڃن ٿا.
ان جي گھٽ اوچائي تي پرواز ۽ ننڍڙو ريڊار سگنيچر ان کي روايتي فضائي دفاعي نظامن لاءِ ڏکيو هدف بڻائين ٿا. ان جي رفتار تقريباً 185 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. بظاهر اها رفتار سست لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها ئي ان جي جزوي حفاظت بڻجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻتہ ڪيترائي ريڊار نظام تيز رفتار ۽ وڏي اوچائي تي اڏامندڙ هدفن کي ڳولڻ لاءِ ترتيب ڏنل هوندا آهن. اهڙي رفتار سان گھٽ اوچائي تي ايندڙ ڊرون کي سڃاڻڻ ۽ وقت تي نشانو بڻائڻ هر وقت آسان نہ هوندو آهي.
پر شايد هن ڊرون جي سڀ کان وڌيڪ اثرائتي خصوصيت ان جي قيمت آهي. مختلف اندازن موجب هڪ شاهد 136 جي قيمت لڳ ڀڳ 20 هزار کان 50 هزار آمريڪي ڊالر جي وچ ۾ ٿي سگھي ٿي، جڏهن تہ ان کي ڪيرائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪجھ دفاعي نظام، جھڙوڪ پيٽريئٽ، لکين ڊالرن جا ميزائل استعمال ڪن ٿا.
جديد جنگ ۾ هي رڳو ٽيڪنالاجي جو مقابلو نہ آهي، پر خرچ جي اهڙي مٽاسٽا آهي جنهن ۾ دفاع ڪندڙ ملڪ هر ڪامياب مداخلت باوجود مالي دٻاءُ ۾ اچي سگھي ٿو. ٻين لفظن ۾ شاهد 136 صرف هڪ ڊرون نہ، پر اهڙو هٿيار آهي جيڪو دشمن کي فوجي سان گڏ معاشي سطح تي بہ آهستي آهستي ٿڪائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
يوڪرين جي جنگ: جتي شاهد ڊرون جون افواهون عملي جنگي حقيقت بڻيون
13 سيپٽمبر 2022ع تي يوڪرين جي شهر ڪوپيانسڪ ڀرسان شاهد 136 ڊرون کي پهريون ڀيرو ڪيرايو ويو. ان کان ڪجھ ئي هفتن اندر يوڪريني فوج هن هٿيار بابت هڪ تفصيلي فني هدايت نامو جاري ڪيو، جنهن ۾ آواز جي سڃاڻپ، فني ڪمزورين، هدايتي نظام ۽ ان کي ناڪام بڻائڻ جي تدبيرن بابت تفصيل ڏنا ويا. اهو ان ڳالھ جو اشارو هو تہ يوڪرين هن خطري کي ميدان تي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ سمجھڻ نہ ويٺو، پر اڳ ئي ان جو جائزو وٺي چڪو هو.
روس، جنهن ايران کان هن نظام کي حاصل ڪيو، ان کي پنهنجي فوجي استعمال ۾ “گيران 2” جي نالي سان متعارف ڪرايو. نالي جي تبديليءَ جا سياسي ۽ سفارتي سبب پنهنجي جاءِ تي هئا، پر اصل اهميت ان جي استعمال جي پيماني ۾ هئي. يوڪرين جي بجلي گهرن، برقي سب اسٽيشنن، پاڻي صاف ڪرڻ وارن نظامن ۽ گرمي پهچائيندڙ نيٽ ورڪن کي منظم طريقي سان نشانو بڻايو ويو. مقصد روايتي معنيٰ ۾ فوري فوجي فتح حاصل ڪرڻ نہ هو، پر شهري ڍانچي تي مسلسل دٻاءُ وجھي اهڙي سماجي ۽ معاشي ٿڪاوٽ پيدا ڪرڻ هو، جنهن سان مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت آهستي آهستي ڪمزور ٿئي.
روسي فوج طرفان هن ڊرون جي استعمال جي شدت تاريخي معيارن موجب بہ غير معمولي هئي. پهرين مهيني جا سوين حملا، پوءِ هفتي جا سوين. يوڪرين کي هر وقت اهو فيصلو ڪرڻو پيو تہ ڪهڙي شهر، ڪهڙي بجلي مرڪز ۽ ڪهڙي اهم رستي جي حفاظت لاءِ ميزائل مختص ڪيا وڃن. هر گيران 2 کي ڪيرائڻ يقيناً هڪ جنگي ڪاميابي هئي، پر جيڪڏهن ان لاءِ استعمال ٿيندڙ ميزائل ان ڊرون کان ڪيترائي ڀيرا مهانگو هجي تہ هر ڪاميابي سان گڏ دفاع ڪندڙ ڌر مالي دٻاءُ ۽ وسيلن جي ٿڪاوٽ کي بہ منهن ڏئي ٿي.
ان صورتحال جو جواب يوڪرين روايتي ۽ نون طريقن جي گڏيل استعمال سان ڏنو. موبائل فضائي دفاعي ٽيمون، اينٽي ايئرڪرافٽ توپون، وڏن ڪيلبر جا مشين گن، مائڪروفونن تي ٻڌل آواز سڃاڻپ نيٽ ورڪ ۽ اليڪٽرانڪ جنگ جا نظام گڏجي هڪ گڏيل دفاعي ڍانچي جو حصو بڻيا. ٻي عالمي جنگ جا ڪجھ پراڻا طريقا جديد سينسرن ۽ مواصلاتي نظامن سان گڏجي نئين جنگ ۾ ٻيهر زندہ ٿيا. انهيءَ ڪري يوڪرين رڳو تباهي جو ميدان نہ رهيو، پر ڊرون جي استعمال ۽ انهن کي ناڪام بڻائڻ جي طريقن بابت دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقي تجرباتي ليبارٽري بڻجي ويو.
الابوگا ڊرون ڪارخانو: وڏي صنعتي پيداوار ۽ اخلاقي تڪرارن جي ڪهاڻي
جڏهن روس کي محسوس ٿيو تہ ايران جي موجودہ پيداوار ڊگھي عرصي تائين سندس فوجي ضرورتن کي پورو نہ ڪندي، تڏهن 2023ع ۾ تاتارستان جي الابوگا اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ هڪ خاص ڊرون پيداوار مرڪز قائم ڪيو ويو. يوڪرين جي سرحد کان لڳ ڀڳ 1300 ڪلوميٽر پري واقع هي علائقو ان وقت يوڪريني ڊگھي فاصلي وارن حملن جي حد کان ٻاهر هو، تنهنڪري وڏي پيماني تي پيداوار لاءِ نسبتاً محفوظ ۽ مناسب سمجھيو ويو.
الابوگا شاهد پروگرام جي روسي صنعتڪاري جو مرڪز بڻجي ويو. مختلف رپورٽن موجب 2025ع تائين شاهد 136 جي اسمبلي جو لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو حصو روس اندر مقامي طور تي منظم ٿي چڪو هو. ان سان هي هٿيار آهستي آهستي روسي گھريلو پيداوار جي صورت اختيار ڪرڻ لڳو. نالو تبديل ٿي ويو، نشانيون بدلجي ويون، پر بنيادي ٽيڪنالاجي ۽ حڪمت عملي ساڳي ئي رهي.
البت الابوگا بابت سڀ کان وڌيڪ تڪرار ان جي پيداوار تي نہ، پر ان جي افرادي ڍانچي تي پيدا ٿيو. صحافتي تحقيقن ۽ انساني حقن جي رپورٽن موجب اتي ڪم ڪندڙ عملي ۾ اهڙا نوجوان شاگرد بہ شامل هئا جن جي عمر ڪڏهن ڪڏهن پندرهن سالن تائين ٻڌائي وئي. ان کان بہ وڌيڪ تشويش جوڳيون اهي خبرون هيون جن ۾ چيو ويو تہ آفريقي ملڪن مان ڪجھ نوجوان عورتن کي تعليم يا روزگار جا واعدا ڪري روس آندو ويو، پر پوءِ انهن مان ڪي جنگي صنعت سان لاڳاپيل ڪم ۾ لڳل ڏٺيون ويون.
اهڙي طرح شاهد 136 جي ڪهاڻي رڳو ٽيڪنالاجي، حڪمت عملي ۽ جيوپوليٽڪس تائين محدود نہ رهي، پر مزدوري جي استحصال، سماجي بي انصافي ۽ اخلاقي سوالن سان بہ ڳنڍجي وئي.
مغربي اليڪٽرانڪ حصن سان تيار ٿيندڙ ايراني ڊرونن جي سپلائي چين
شاهد 136 بابت سڀ کان وڌيڪ غير آرامدہ حقيقتن مان هڪ اها آهي تہ ان ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي اهم اليڪٽرانڪ حصا اصل ۾ مغربي يا مغربي اتحادي ملڪن ۾ تيار ٿيل آهن. يوڪرين ۾ هٿ آيل تباہ ٿيل ڊرونن جي فارنزڪ جاچ مان ظاهر ٿيو تہ چپس، مائڪروپروسيسر، وولٽيج ريگيوليٽر ۽ نيويگيشن ماڊيول جھڙا اهم جزا گھڻو ڪري آمريڪا، يورپ يا اوڀر ايشيا جي اتحادي ملڪن ۾ ٺاهيا ويا هئا.
اهي حصا زرعي اوزارن، صنعتي ڪنٽرول سسٽمن، صارفين جي اليڪٽرانڪس ۽ ٻين سول شين ۾ بہ استعمال ٿين ٿا. ڇاڪاڻتہ اهي خالص فوجي پراڊڪٽ ناهن، تنهنڪري انهن جو واپار وڏي حد تائين آزاد آهي. مسئلو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن اهي ساڳيا سول حصا مختلف وچ وارن ملڪن، شيل ڪمپنين ۽ مبهم ڪسٽم بيانن ذريعي اهڙي سپلائي چين ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، جيڪو آخرڪار جنگي پيداوار تائين پهچي وڃي ٿو.
هن سلسلي ۾ چين جو ڪردار خاص طور نمايان ٿي چڪو آهي. الابوگا جي پيداوار بابت تجزين موجب اهم اليڪٽرانڪ حصن جو وڏو حصو چين مان فراهم ٿي رهيو آهي. چيني سپلائر اهڙي سياسي ۽ قانوني ماحول ۾ ڪم ڪن ٿا جتي ايران يا روس خلاف مغربي پابندين جي پابندي لازمي ناهي. نتيجي ۾ چين هن سپلائي چين ۾ هڪ اهم ڪڙي بڻجي ويو آهي، جنهن کان سواءِ اهو سڄو نظام آساني سان هلائڻ ممڪن نہ رهندو.
شاهد 238: ايندڙ نسل جو تيز رفتار ڊرون ۽ نئون دفاعي چئلينج
جيڪڏهن شاهد 136 اڳ ئي فضائي دفاع لاءِ وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي تہ پوءِ شاهد 238 ان چئلينج جو وڌيڪ تيز ۽ وڌيڪ پيچيدہ روپ پيش ڪري ٿو. روسي فوجي استعمال ۾ گيران 3 جي نالي سان سڃاتو ويندڙ هي ڊرون پسٽن انجڻ بدران مائڪرو ٽربو جيٽ انجڻ تي ٻڌل آهي. ان جي رفتار لڳ ڀڳ 500 کان 520 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٻڌائي وڃي ٿي، جڏهن تہ ڪجھ رپورٽن موجب حملي جي آخري مرحلي ۾ اها رفتار 800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين بہ پهچي سگھي ٿي.
اهڙي رفتار فضائي دفاع جي موجودہ طريقن کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ٿي. آواز جي بنياد تي سڃاڻپ، جيڪا شاهد 136 خلاف ڪارآمد هئي، جيٽ ڊرون خلاف گهڻي اثرائتي نہ رهندي. ساڳي طرح زميني توپون ۽ موبائل دفاعي ٽيمون بہ اهڙي تيز رفتار هدف خلاف وڌيڪ دٻاءُ محسوس ڪنديون.
ان کان علاوہ شاهد 238 جا مختلف رهنمائي نظام بہ ان کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائين ٿا. هڪ معياري جي پي ايس نسخو آهي، جڏهن تہ ٻيا نسخا اليڪٽرو آپٽيڪل ۽ انفراريڊ سينسرن سان ليس آهن، جن جي مدد سان حملي جي آخري مرحلي ۾ مخصوص هدفن جي سڃاڻپ ٿي سگھي ٿي. سڀ کان وڌيڪ جارحانہ نسخو اينٽي ريڊيئيشن وارو آهي، جيڪو فضائي دفاعي ريڊار مان نڪرندڙ سگنلن کي نشانو بڻائي ٿو. اهڙي هٿيار جو مطلب اهو آهي تہ دفاع ڪندڙ ڌر کي ريڊار آن ڪري پاڻ کي ظاهر ڪرڻ يا ريڊار بند ڪري انڌي دفاع تي ڀاڙڻ وچ ۾ چونڊڻو پوندو.
روس، ايران، چين ۽ اتر ڪوريا: مخالف اتحاد ۽ نئين جنگي صفبندي
هاڻي شاهد پروگرام کي صرف ايران جي قومي دفاعي منصوبي طور ڏسڻ ڪافي نہ رهيو آهي. روسي صنعت، ايراني ڊزائين، چيني اليڪٽرانڪس ۽ اتر ڪوريا ڏانهن ممڪن ٽيڪنالاجي منتقليءَ جا اشارا گڏجي هڪ نئين قسم جي عالمي نيٽ ورڪ جي تصوير پيش ڪن ٿا. جنهن ۾ هر ملڪ پنهنجي مخصوص صلاحيت شامل ڪري ٿو.
روس پيداوار جو صنعتي ڍانچو ۽ جنگي آزمائش جو ميدان مهيا ڪري ٿو. ايران ڊزائين، فني تجربي ۽ نظرياتي بنياد فراهم ڪري ٿو. چين اهم اليڪٽرانڪ حصا ۽ سپلائي چين جي لچڪ مهيا ڪري ٿو، جڏهن تہ اتر ڪوريا مستقبل ۾ ممڪن طور هڪ نئين پيداوار مرڪز جي صورت ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.
حڪمت عملي جي لحاظ کان هي نظام مغربي پاليسي جي هڪ پراڻي مفروضي کي چئلينج ڪري ٿو تہ سخت معاشي پابنديون جديد هٿيارن جي وڏي پيماني واري پيداوار کي ناممڪن بڻائي ڇڏينديون. شاهد پروگرام جي تجربي مطابق جيڪڏهن هڪ ملڪ اڪيلي سر اهڙي پيداوار جاري نہ رکي سگهي، تہ ڪيترن ملڪن جو گڏيل نيٽ ورڪ ان کي ممڪن بڻائي سگھي ٿو.
موجودہ جنگ کان پوءِ جا وڏا سوال: دنيا شاهد ڊرونن جو جواب ڪيئن ڏيندي؟
2026ع ۾ جڏهن ايران ۽ ان جي مخالفن وچ ۾ سڌي فوجي ڇڪتاڻ وڌي، تڏهن اهو واضح ٿي ويو تہ شاهد جھڙا ڊرون هاڻي فقط علائقائي هٿيار نہ رهيا آهن. اهي عالمي توانائي جي رستن، سامونڊي واپار، شهري ڍانچي ۽ فوجي اڏن تي اثر وجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. آبنائي هرمز جھڙي اهم سامونڊي گذرگاہ جي غير محفوظ ٿيڻ جو مطلب صرف هڪ علائقائي بحران نہ، پر عالمي معيشت لاءِ بہ وڏو ڌڪ آهي.
اڄ اصل سوال اهو ناهي تہ ڇا شاهد ڊرونن جديد جنگ جو نقشو بدلائي ڇڏيو آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ان جو جواب هاڻي لڳ ڀڳ واضح ٿي چڪو آهي. اصل سوال اهو آهي تہ ڇا دنيا وٽ اهڙي هٿيار جي منطق جو ڪو مؤثر جواب موجود آهي؟ ڇا اهڙو دفاعي ماڊل تيار ڪري سگھجي ٿو، جيڪو هر حملي کي روڪڻ لاءِ لکين ڊالر خرچ ڪرڻ تي مجبور نہ ٿئي. ڇا اهڙي پيچيدہ سپلائي چين کي ٽوڙي سگھجي ٿو، جيڪا ڪيترن ملڪن، سول مارڪيٽن ۽ وچ وارن ڳجھن نيٽ ورڪن مان گذري ٿي ۽ ڇا اهڙي صنعتي ۽ حڪمت عملي واري نظام کي ڪمزور ڪري سگھجي ٿو، جنهن اڳ ئي پنهنجا متبادل مرڪز، علائقائي ڀائيوار ۽ ڊگھي مدي واري رٿابندي ترتيب ڏئي ڇڏي آهي.
شاهد ڊرون جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي تہ جديد جنگ ۾ طاقت جي تعريف بدلجي رهي آهي. هاڻي هميشہ اهو فيصلو نہ ٿو ڪري تہ ڪنهن وٽ سڀ کان جديد جھاز آهي يا سڀ کان مهانگو ميزائل آھي. ڪڏهن ڪڏهن فيصلو اهو بہ ڪندو آهي تہ ڪنهن وٽ اهڙو هٿيار آهي، جيڪو سستو بہ هجي، وڏي مقدار ۾ موجود بہ هجي ۽ دشمن لاءِ ايترو پريشان ڪندڙ بہ هجي جو هو پنهنجي هر ڪامياب دفاع جي قيمت تي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ٿي وڃي.
رات جو دير سان گونجندڙ اهو انجڻ جھڙو آواز ڪنهن اتفاق جو نتيجو ناهي. اهو چاليهن سالن جي ادارتي ياداشت، پابندين جي دٻاءَ، مقامي صنعت، عالمي سپلائي چينن جي ڪمزورين ۽ جنگي حڪمت عملي جي هڪ نئين منطق جو حاصل آهي ۽ شايد سڀ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ اها آهي تہ دنيا اڃا تائين هن آواز جو مڪمل جواب تيار نہ ڪري سگھي آهي.