سنڌي قوم جي بقا ۽ تھذيب جو سوال
ھزارين سالن جي تاريخ، موھن جي دڙي کان جنم وٺندڙ سنڌي تھذيب ۽ ثقافت ئي اھا طاقت آھي جيڪا سنڌي قوم کي سڃاڻپ، مزاحمت ۽ بقا ڏئي ٿي.
توھان ڪافي ڏينھن کان پاڪستاني ٽي وي چينلن تي مختلف مبصرن کان هڪ لفظ بار بار ٻڌي رھيا آهيو. اهو لفظ نئون تہ ناهي، پر پاڪستان ۾ ان جو استعمال يا تہ گھٽ ڪيو ويندو هو يا غلط انداز سان ڪيو ويندو هو. انھن مان گھڻن ان جو صحيح مطلب بہ بيان ناهي ڪيو. جيڪو مفهوم اوھان کي سرڪار يا رياست ڏي ٿي، اهي اهو ئي مطلب کڻي ان کي استعمال ڪن ٿا. اهو لفظ آهي “تهذيب.”
هڪ انسان طور منھنجو ڊگھو لاڳاپو ميڊيا سان رھيو آهي، تنھنڪري مان ميڊيا کي غور سان ڏسندو رھندو آهيان. جيڪي بہ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جھڙا ٽي وي چينل آهن، يا جيڪي اينڪر ۽ مبصر آهن، اهي گذريل ڏهن ٻارنھن ڏينھن کان هڪڙي ڳالھ بار بار ڪري رھيا آهن: “تهذيب”، “هزارين سالن جي تهذيب”، “هزارين سالن جي تهذيب کي شڪست نٿي ڏئي سگھجي.” اصل ۾ اها ڳالھ صحيح بہ آهي. بلڪل اصل نقطي جي ڳالھ آهي.
تهذيب ڪنھن بہ قوم لاءِ تمام اهم هوندي آهي. هاڻي چيو پيو وڃي تہ ايران جو سمورو دفاعي فلسفو بہ تهذيب تي بيٺل آهي، ڇو تہ ان وٽ هزارين سالن جي تهذيب آهي. اها ڳالھ قبول آهي، ان تي ڪو اختلاف ناهي. تهذيبي طاقت جي اهميت کان بہ ڪو اختلاف نٿو ٿي سگھي، ڇو تہ تهذيب اصل ۾ اوھان جي تاريخ هوندي آهي.
هزارين سالن کان وٺي اوھان هڪ ئي علائقي، هڪ ئي خطي ۽ هڪ ئي جغرافيائي ماحول ۾ گڏ رھندا آيا آهيو. ساڳي ٻولي ڳالھائيندا آهيو، ساڳين موسمن ۾ رھندا آهيو، ساڳين مسئلن ۽ مصيبتن کي منھن ڏيندا آهيو. ساڳين حالتن ۾ دشمنن ۽ حملي آورن سان وڙھندا آيا آهيو ۽ گڏجي پنھنجو بچاءُ ڪندا آيا آهيو. اهڙي تاريخ پاڻمرادو اوھان جي طاقت بڻجي ويندي آهي.
اها حالت بلڪل ائين آهي جيئن ڪنھن مريض کي بيمارين کان بچڻ لاءِ ويڪسين ڏني ويندي آهي. ويڪسين جسم ۾ مدافعت پيدا ڪندي آهي، جيڪا ايندڙ بيمارين کان بچاءُ ڪري ٿي. قومن لاءِ بہ اهڙي ويڪسين تاريخ ۽ تهذيب هوندي آهي. اها قوم کي دشمنن، بحرانن ۽ مصيبتن جي سامھون بيهڻ جي سگھ ڏئي ٿي.
هاڻي اچون ٿا پنھنجي سنڌ ڏانھن. سنڌ سان تاريخ ۾ ٻه وڏا لقاءُ ٿيا آهن. پهريون لقاءُ ان وقت ٿيو، جڏهن 712ع ۾ شهيد مھاراجا ڏاهر کي شڪست ملي. ان کان پوءِ آهستي آهستي سرڪاري پاليسين ذريعي سنڌين کي پنھنجي تهذيب کان پري ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.
اسان کي ٻڌايو ويو تہ عرب ئي اصل تهذيب آهن، عربي ئي سڀ ڪجھ آهي. توھان جاهل آهيو، ڪافر آهيو، ڇو تہ توھان اڳ ۾ هندو يا ٻڌ هئا. توھان کي پنھنجي ماضي تي شرم اچڻ گھرجي. توھان تہ نوان مسلمان آهيو، جڏهن تہ اسان پيدائشي مسلمان آهيون. ان طريقي سان سنڌين کي پنھنجي تهذيب کان شرمسار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو عمل وڌيڪ تيز ٿي ويو. پاڪستان پاڻ بہ هڪ خاص سياسي سوچ تحت ٺاهيو ويو. ان سوچ جي پويان اهي ماڻھو هئا، جيڪي مغلن جا وفادار يا انھن جا انتظامي وارث هئا. انھن جو بنيادي مقصد اهو هو تہ پاڪستان ۾ گڏ ٿيندڙ قومون بنگالي، سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ پنھنجي الڳ قوميت ۽ تهذيب جي ڳالھ نہ ڪن. انھن کي چيو ويو تہ توھان جي ڪا الڳ قوم يا تهذيب ناهي؛ جيڪا تهذيب هاڻي توھان کي ٻڌائي ويندي، اها ئي توھان جي تهذيب آهي.
اهڙي طرح اسان سان ٻه وڏا ظلم ٿيا. پهريون اهو تہ صدين تائين حڪمران قوتن اسان کي ٻڌايو تہ اوھان جي ڪا پنھنجي تهذيب ناهي. جيڪڏهن اوھان پنھنجي تهذيب سان ڳنڍيل رھندا تہ اوھان ڪمتر سمجھيا ويندؤ.
انھيءَ نتيجي ۾ سنڌي سماج جي ڪيترن ئي طبقن پنھنجي اصل تهذيب کان پري ٿيڻ شروع ڪيو. ڪنھن پاڻ کي سيد سڏائڻ شروع ڪيو، ڪنھن شاہ، ڪنھن قادري، عباسي يا چشتي بڻجڻ شروع ڪيو. ماڻھن پنھنجا اصل نسب ۽ سڃاڻپون تبديل ڪيون، ڇو تہ کين لڳو تہ سنڌي سڃاڻپ ڪمتر آهي.
اڄ حالت اها آهي تہ جيڪڏهن توھان ڪنھن بہ ٽي وي چينل کوليو، تہ اوھان کي ڪو رياستي دفاعي تجزيہ نگار يا سياسي مبصر تهذيب جي طاقت بابت ڳالھائيندو نظر ايندو. پر ساڳئي وقت اوھان کي چيو ويندو تہ پنھنجي اصل تهذيب کان پري رھو. حقيقت ۾ اهو قومي خودڪشي جي برابر آهي.
اسان کي سمجھڻ گھرجي تہ دشمنن کان بچاءُ جو سڀ کان وڏو هٿيار قوم جي تهذيب ۽ ثقافت هوندي آهي. سنڌي قوم لاءِ بہ اهو ئي هٿيار آهي, سنڌي تهذيب، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ.
جيڪي ماڻھو اوھان کي چون ٿا تہ توھان ڪمتر آهيو، يا اوھان جي اصل تهذيب عرب يا ڪا ٻي تهذيب آهي، اهي اصل ۾ اوھان کي قومي خودڪشي ڏانھن ڌڪي رھيا آهن. اوھان وٽ جيڪو سڀ کان وڏو خزانو آهي, تاريخ ۽ تهذيب اهي اوھان کان کسڻ چاهين ٿا.
بدقسمتي سان سنڌين ۾ بہ ڪيترائي ماڻھو اهڙا آهن، جيڪي ان ڳالھ تي خوش ٿين ٿا تہ اسان عرب آهيون، سيد آهيون، شاہ آهيون يا قادري ۽ چشتي آهيون، پر پاڻ کي سنڌي چوڻ ۾ جھجھڪ محسوس ڪن ٿا.
مان ڪٿي پڙھيو ۽ ٻڌو تہ تهذيبي ٽڪراءُ بابت هڪ ڪتاب ۾ لکيل هو تہ چين صرف هڪ ملڪ ناهي، پر هڪ تهذيب آهي. ان ڪري چين شڪست قبول نٿو ڪري، ڇو تہ تهذيبون ختم ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ٿينديون.
پر اسان جي حالت اها آهي جو اسان پاڻ کي تهذيب سمجھڻ لاءِ تيار ناهيون. رياست ۽ حڪمران قوتون بہ اهو ئي چاهين ٿيون تہ سنڌي پنھنجي تاريخ ۽ تهذيب سان پاڻ کي نہ ڳنڍين. ڇو تہ جڏهن سنڌي موھن جي دڙي سان، پنھنجي تاريخ سان ۽ پنھنجي ثقافت سان ڳنڍجي ٿو، تڏهن هو پنھنجي الڳ وجود جو اعلان ڪري ٿو.
جڏهن اوھان چئو ٿا تہ اسان سنڌي آهيون، اسان جي پنھنجي تهذيب آهي، تڏهن اوھان پنھنجي الڳ تاريخ، الڳ سڃاڻپ ۽ الڳ تهذيبي قوت جو اعلان ڪندا آهيو.
منھنجي چوڻ جو مقصد رڳو اهو آهي تہ پنھنجي تهذيب کي سمجھو. سنڌي تهذيب، سنڌين جي تهذيب، موھن جي دڙي جي تهذيب، موھن جي دڙي جي پادري ۽ ناچڻي جي تهذيب اها سڀ اسان جي تاريخي سڃاڻپ آهي.
جيڪڏهن ڪنھن ڏکي وقت ۾ سنڌي قوم جو بچاءُ ٿيندو تہ اهو صرف تهذيب جي ذريعي ٿيندو. ڇو تہ تهذيبون شڪست تہ برداشت ڪري سگھن ٿيون، پر پنھنجي تهذيب کي ڇڏي نٿيون سگھن.
ڪهڙو سچو سنڌي هوندو جيڪو چوندو تہ سنڌ جي تهذيب ختم ٿي وڃي ۽ مان ان کي قبول ڪريان؟
جن قومن وٽ تهذيب ناهي، اهي ڪمزور ۽ بي سڃاڻپ قومون بڻجي وينديون آهن. پر جيڪي قومون هزارين سالن جي تهذيب رکن ٿيون، انھن وٽ هزارين سالن جي تاريخي طاقت موجود هوندي آهي.
تنھنڪري سنڌي قوم کي پنھنجي تهذيب ۽ تاريخ موھن جي دڙي کي پنھنجو قبلو ۽ مرڪز سمجھڻ گھرجي. ڇو تہ سنڌ جو بچاءُ، سنڌي قوم جو تحفظ، ۽ اسان جي ثقافت جي بقا انھيءَ تاريخي تهذيب سان جڙيل آهي.
اسان وٽ ان کان سواءِ ڪو وڏو بچاءُ جو هٿيار ناهي, سواءِ پنھنجي هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جي.