گلوڪار سيف سميجو سنڌ جي فنڪارن کي امڪاني پابندين بابت خبردار ڪري ڇڏيو

پنجاب ۾ فنڪارن جي رجسٽريشن ۽ پرفارمنس لاءِ لائسنس جي تجويز، سنڌ ۾ بہ اهڙي قدم جو خدشو، سنڌ جا فنڪار هوشيار رهن: سيف سميجو

سنڌ جي نامياري گلوڪار سيف سميجو پنجاب ۾ فنڪارن جي رجسٽريشن ۽ فن پيش ڪرڻ لاءِ سرڪاري لائسنس لازمي قرار ڏيڻ بابت تجويز ڪيل قانون تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ جي فنڪار برادريءَ کي بہ خبردار رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سيف سميجو چيو آهي تہ پنجاب ۾ تجويز ڪيل قانون فن، ثقافت ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ جي هڪ خطرناڪ ڪوشش آهي، جنهن کي نظرانداز نہ ڪرڻ گھرجي. هن چيو تہ اهڙو ئي خيال سنڌ ۾ بہ نگران حڪومت دوران بحث هيٺ آيو هو جنهن جي پٺيان مبينا طور ڪراچيءَ جي هڪ آرٽ اسپيس سان لاڳاپيل شخص، هڪ سرڪاري کاتي ۽ نگران وزير جي پٺڀرائي هئي. پنجاب ۾ تجويز ڪيل قانون تحت فنڪارن، اداڪارن، هدايتڪارن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي رجسٽريشن لازمي بڻائڻ، جڏهن تہ ٿيٽر ۽ اسٽيج پرفارمنس لاءِ سرڪاري لائسنس ۽ ڊرامن جي اسڪرپٽ جي اڳواٽ منظوريءَ جا شرط شامل آهن. مجوزہ قانون موجب فنڪارن جي رجسٽريشن لاءِ 10 هزار، ٿيٽر لائسنس لاءِ 25 هزار ۽ اسڪرپٽ جي منظوريءَ لاءِ 35 هزار رپيا فيس تجويز ڪئي وئي آهي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ، قيد ۽ ٿيٽر جا لائسنس معطل يا منسوخ ڪرڻ جون شقون پڻ شامل آهن. سيف سميجو خدشو ظاهر ڪيو تہ مالي وسيلن ۽ بااثر ڌرين جي حمايت سان اهڙيون ڪوششون اڳتي وڌي سگھن ٿيون، تنھن ڪري سنڌ جي فنڪارن کي هن معاملي تي اڳواٽ هوشيار رهڻ گھرجي.