سنڌ يوٿ ڪارڊ ڇا آهي؟ نوجوانن کي ڪهڙيون سهولتون ملنديون؟
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪري ڇڏيو
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت صوبي جي نوجوانن کي مختلف سهولتون فراهم ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.
سنڌ يوٿ ڪارڊ سنڌ حڪومت جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جو پروگرام آهي، جنهن ذريعي نوجوانن کي هڪ ئي ڪارڊ، بئنڪ اڪائونٽ ۽ موبائل ايپ جي سهولت وسيلي تعليم، فني سکيا، روزگار، ڪاروبار، خريداري ۽ سفر سميت مختلف شعبن ۾ سهولتون حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويندو.
رجسٽريشن جو عمل 23 نومبر 2026ع کان شروع ٿيندو. پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي سمورن 30 ضلعن مان 15 کان 29 سالن جي عمر وارن هڪ لک نوجوانن جي رجسٽريشن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ مستقبل ۾ هن پروگرام جو دائرو وڌائي 10 لک نوجوانن تائين پهچائڻ جو ارادو آهي.
پروگرام ۾ نوجوان عورتن، اقليتي برادرين ۽ معذوريءَ جو شڪار نوجوانن جي شموليت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.
يوٿ ڪارڊ ذريعي ڇهن قسمن جون سهولتون مرحليوار فراهم ڪيون وينديون
بينک اکاؤنٹ اور ڈيبٹ کارڈ:
نوجوانن کي جي ايس بئنڪ جي ڊجيٽل پليٽفارم زندگي (Zindigi) ذريعي بئنڪ اڪائونٽ کولڻ، ڊجيٽل والٽ ۽ ويزا ڊيبٽ ڪارڊ جي سهولت ڏني ويندي. ان لاءِ سڃاڻپ جي تصديق موبائل ايپ ذريعي آڱرين جي نشانن سان ڪئي ويندي.
هن ڪارڊ ذريعي نوجوان اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي سگھندا، دڪانن تان خريداري ڪري سگھندا ۽ آن لائين ادائيگيون پڻ ڪري سگھندا. ان کانسواءِ اسڪالرشپ، وظيفن ۽ سرڪاري سبسڊيءَ جي رقم بہ سڌي ريت سندن بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.
2. خريداري ۽ مختلف خدمتن ۾ رعايت:
رجسٽريشن ٿيندي ئي نوجوانن کي 180 کان وڌيڪ ڪاروباري ادارن ۾ رعايت جي سهولت ملندي. انهن ادارن ۾ هوٽلون، ڪپڙن ۽ جوتن جا دڪان، دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽور، ليبارٽريون، ڪلينڪون، تعليمي ادارا، راندين ۽ وندر جا مرڪز شامل آهن.
رعايت جي شرح هر اداري جي پنهنجي آڇ موجب هوندي. تعليمي سهولتن تي سراسري طور 20 کان 40 سيڪڙو، جڏهن تہ صحت جي سهولتن تي 10 کان 15 سيڪڙو تائين رعايت ملڻ جو امڪان آهي.
3. اسڪالرشپس ۽ هنر سکڻ جا موقعا:
نوجوان هڪ ئي آن لائين پورٽل ذريعي قابليت ۽ مالي ضرورت جي بنياد تي اسڪالرشپس لاءِ درخواستون ڏئي سگھندا. هن پروگرام ۾ سرڪاري يونيورسٽين جي فيسن ۾ رعايت، مالي سهائتا، شاگردن جي مٽاسٽا وارن پروگرامن سان گڏ فني ۽ ڊجيٽل سکيا جا موقعا پڻ شامل آهن.
ان کانسواءِ ٻهراڙي وارن علائقن جي باصلاحيت شاگردن ۽ سائنس توڙي ٽيڪنالاجيءَ جي شعبن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردياڻين لاءِ خاص وظيفا پڻ شروع ڪرڻ جو منصوبو آهي.
4. سفر ۾ رعايت:
پيپلز بس سروس جي ڀاڙن ۾ 20 کان 30 سيڪڙو، جڏهن تہ پاڪستان ريلوي جي ٽڪيٽن تي 20 کان 40 سيڪڙو رعايت ڏيڻ لاءِ ڪم جاري آهي.
تجويز آهي تہ رعايتي ڀاڙي تي بس جون ٽڪيٽون يوٿ ڪارڊ جي موبائل ايپ ذريعي بُڪ ڪرايون وڃن، جڏهن تہ ملڪ اندر هوائي سفر جي ڀاڙن ۾ 5 کان 15 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جي تجويز پڻ پروگرام جي ايندڙ مرحلي ۾ شامل ڪئي وئي آهي.
5. روزگار، پگھاردار انٽرن شپ ۽ ڪاروباري رهنمائي:
خاص جاب پورٽل ذريعي نوجوان لاڳاپيل ادارن ۾ نوڪرين ۽ پگھاردار انٽرن شپ لاءِ درخواستون ڏئي سگھندا. ان کانسواءِ ڪيريئر ميلن ۾ کين مختلف ادارن جي ملازمت ڏيندڙن سان سڌيءَ ريت ملاقات جو موقعو پڻ فراهم ڪيو ويندو.
پهرئين سال 10 ڪيريئر ميلا منعقد ڪرڻ ۽ نوڪرين لاءِ 2500 کان وڌيڪ اميدوارن جا نالا مختلف ادارن کي موڪلڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جا خواهشمند نوجوان سنڌ انٽرپرائز انڪيوبيشن سينٽر (SEIC) کان ڪاروبار بابت رهنمائي ۽ گھربل سهائتا حاصل ڪري سگھندا.
6. وياج کانسواءِ قرض ۽ آسان قسطن جي سهولت:
پروگرام جي ايندڙ مرحلي ۾ 18 کان 29 سالن جي اهل نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 10 هزار کان 5 لک رپين تائين بنا وياج قرض ڏيڻ جي تجويز آهي. منصوبي جي منظوري ملڻ جي صورت ۾ قرض تي وياج حڪومت ادا ڪندي، جڏهن تہ نوجوانن کي 6 کان 36 مھينن اندر رڳو اصل رقم واپس ڪرڻي پوندي.
تجويز ڪيل شرطن موجب قرض لاءِ درخواست ڏيندڙ نوجوان وٽ گھٽ ۾ گھٽ 6 مھينن کان فعال يوٿ ڪارڊ هجڻ، ڪاروبار رجسٽرڊ هجڻ، نالو فعال ٽيڪس ڏيندڙن جي فهرست (ATL) ۾ شامل هجڻ ۽ بئنڪ کان قرض جي منظوري حاصل ڪرڻ لازمي هوندو.
ان کانسواءِ ليپ ٽاپ، ٽيبليٽ، اسمارٽ فون، موٽرسائيڪل، اليڪٽرڪ بائيڪ ۽ ڪم ڪار لاءِ گھربل ٻين اوزارن جي بنا وياج آسان قسطن تي خريداريءَ جي سهولت ڏيڻ جي تجويز پڻ غور هيٺ آهي.