ڊاڪٽر شاهنواز ڪُنڀر قتل ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي، اهم فيصلو جاري

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس بابت اهم فيصلو، سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي مبينا ماوراءِ عدالت قتل واري ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت ميرپورخاص مان ضلعي عدالت منتقل ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپورخاص بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت ميرپورخاص ۾ ئي جاري رهندي. ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ محمد ابراهيم ڪنڀر موجب، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ميرپورخاص بينچ جوابدارن ۽ سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل جي درخواستن تي ٻڌڻي بعد ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت مان عام ضلعي عدالت منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف فريادي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ اندر جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهيءَ ۾ بينچ نمبر 4 ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪيس جو فريادي ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو برادرِ نسبتي پڻ آهي. سندس گڏ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو ۽ مير منگريو بہ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ٿيا.