وڪيل برادري جي وڃايل ساک بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي

وڪيلن جي وڃايل ساک بحال ڪرڻ لاءِ ڪرمنل عنصرن جو خاتمو ضروري آهي: حق نواز ٽالپور

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدارت جي چونڊ ۾ اميدوار حق نواز ٽالپور چيو آهي تہ بار ايسوسيئيشن هميشہ سول سوسائٽي، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عدليا جي آزاديءَ وارين تحريڪن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن چيو تہ ڪجھ ڪرمنل عنصرن جي ڪري هاڻي ماڻهن کي وڪيلن سان گڏ ويهڻ ۽ سماجي لاڳاپا رکڻ ۾ بہ هٻڪ محسوس ٿئي ٿي، جنهن سبب وڪيل برادري جي ساک متاثر ٿي آهي. حق نواز ٽالپور جو چوڻ هو تہ گڏيل ڪوششن ذريعي اهڙن ڪرمنل عنصرن جو خاتمو آڻڻ ۽ وڪيل برادري جي وڃايل ساک بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.