سنڌي شاگردن جا اعتراض ۽ ڪَي ايس پي پاليسي

ڪراچي يونيورسٽي جي KSP داخلا پاليسي ڇا آهي؟ سنڌي شاگردن جا اعتراض ۽ تڪرار جا بنيادي سبب

ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ اچي وئي آهي، جتي سنڌي شاگردن پاران ڪراچي-سنڌ-پاڪستان (KSP) پاليسي تي اعتراض واريا پيا وڃن. شاگردن جو موقف آهي تہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ داخلا ڪيٽيگري ۾ رکڻ سبب صوبي جي ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي داخلا جي موقعن ۾ برابر حيثيت نٿي ملي. ڪَي ايس پي پاليسي ڇا آهي؟ ڪراچي يونيورسٽي ۾ KSP مان مراد ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان (Karachi-Sindh-Pakistan) جي بنياد تي داخلا ڏيڻ وارو نظام آهي، جيڪو يونيورسٽي ۾ 1990ع کان لاڳو آهي. هن پاليسي تحت بي ايس جي پهرين سال ۽ ٽئين سال جي داخلا لاءِ اميدوارن کي ٽن ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويندو آهي. 1. ڪيٽيگري K (ڪراچي): هن ڪيٽيگري ۾ اهي اميدوار شامل آهن، جن ميٽرڪ، انٽرميڊيٽ ۽ گريجوئيشن جون لاڳاپيل تعليمي ڊگريون ڪراچي جي يونيورسٽي سان لاڳاپيل يا تسليم ٿيل تعليمي ادارن مان حاصل ڪيون هجن. 2. ڪيٽيگري S (سنڌ): هن ڪيٽيگري ۾ اهي اميدوار شامل آهن، جن ميٽرڪ، انٽرميڊيٽ يا بيچلر جي گھٽ ۾ گھٽ هڪ گھربل امتحان سنڌ جي ڪراچي کانسواءِ ڪنهن ٻئي ضلعي جي تسليم ٿيل تعليمي اداري مان پاس ڪيو هجي. 3. ڪيٽيگري P (پاڪستان): هن ڪيٽيگري ۾ اهي اميدوار شامل آهن، جن لاڳاپيل تعليمي امتحان سنڌ کان ٻاهر پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي جي تسليم ٿيل تعليمي اداري مان پاس ڪيو هجي. داخلا ڪيئن ڏني ويندي آهي؟ ڪراچي يونيورسٽي جي 2026ع واري پراسپيڪٽس موجب، داخلا لاءِ پهرين ڪيٽيگري K جي اميدوارن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن انهن اميدوارن کانپوءِ سيٽون خالي بچن تہ ڪيٽيگري S جي شاگردن تي غور ڪيو ويندو آهي، جڏهن تہ ان کانپوءِ بچيل سيٽن لاءِ ڪيٽيگري P جي اميدوارن کي موقعو ڏنو ويندو آهي. يونيورسٽي موجب هر ڪيٽيگري اندر داخلا ميرٽ جي بنياد تي ڏني وڃي ٿي. تنھن هوندي بہ ڪيٽيگريز جي ترجيحي ترتيب سبب ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن لاءِ مقابلي جا موقعا هڪجھڙا نٿا رهن. واضح رهي تہ KSP ڪيٽيگري وارو نظام ٽيسٽ جي بنياد تي داخلا ڏيندڙ شعبن تي لاڳو ناهي سنڌي شاگردن جا اعتراض ڪهڙا آهن؟ KSP پاليسي تي اعتراض ڪندڙ سنڌي شاگردن جو بنيادي موقف آهي تہ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، تنھنڪري ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن وچ ۾ علائقائي بنياد تي فرق نہ هئڻ گھرجن. شاگردن جو چوڻ آهي تہ ڪراچي يونيورسٽي سنڌ جو وڏو سرڪاري تعليمي ادارو آهي، جنهن ۾ صوبي جي سمورن ضلعن جي شاگردن کي هڪجھڙا موقعا ملڻ گھرجن. سندن اعتراض آهي تہ موجودہ پاليسي تحت ڪراچي مان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي پهرين ترجيح ڏني وڃي ٿي، جڏهن تہ سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، گھوٽڪي ۽ ٻين ضلعن جا شاگرد ٻي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا اعتراض ڪندڙن موجب، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جا تعليمي نمبر وڌيڪ آهن، پر هو ڪراچي کان ٻاهر سنڌ جي ڪنهن ضلعي مان تعليم حاصل ڪري آيو آهي تہ ڪيٽيگري جي ترجيحي ترتيب سبب سندس داخلا جا امڪان متاثر ٿي سگھن ٿا. مخصوص پاليسي خلاف 2023 ۾ ٿيندڙ احتجاج جي تصوير شاگردن جو مطالبو آهي تہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ داخلا ڪيٽيگري ۾ رکڻ بدران سڄي صوبي جي ڊوميسائيل رکندڙ شاگردن لاءِ هڪجھڙو داخلا نظام متعارف ڪرايو وڃي، جنهن ۾ داخلا جو بنيادي معيار تعليمي قابليت ۽ ميرٽ هجي. ٻين ضلعن لاءِ 90 مخصوص سيٽون ڪراچي يونيورسٽي جي 2026ع واري پراسپيڪٽس ۾ سنڌ جي ڪراچي کانسواءِ ٻين ضلعن جي شاگردن لاءِ 90 مخصوص سيٽن جو بہ ذڪر موجود آهي. اهي سيٽون S ڪيٽيگري کان علاوہ آهن. انهن سيٽن لاءِ اميدوار وٽ سنڌ جي ڪراچي کانسواءِ ڪنهن ٻئي ضلعي جو ڊوميسائيل هجڻ سان گڏوگڏ سموري تعليم پڻ ان ئي علائقي مان حاصل ڪيل هجڻ ضروري آهي. تنھن هوندي بہ شاگردن جو اعتراض آهي تہ مخصوص سيٽن جي موجودگي سان KSP پاليسي تحت موجود ڪيٽيگريز جو بنيادي مسئلو حل نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ سندن مطالبو سموري سنڌ جي شاگردن لاءِ داخلا جي هڪجھڙي ميرٽ جو آهي. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو موقف KSP پاليسي تي اعتراض نئون ناهي. ان معاملي تي ماضي ۾ بہ سياسي، تعليمي ۽ شاگرد تنظيمن پاران آواز اٿاريو ويو آهي. نومبر 2025ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (PAC) جي چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا پاليسي جو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو. اجلاس دوران يونيورسٽي جي رجسٽرار ٻڌايو تہ ڪراچي يونيورسٽي 1990ع کان سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي فيصلن تحت KSP نظام تي عمل ڪري رهي آهي، جڏهن تہ ڪجھ شعبن ۾ اوپن ميرٽ جو نظام پڻ موجود آهي. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ داخلا ڪيٽيگري ۾ رکڻ تي سوال اٿاريندي يونيورسٽي انتظاميا کي KSP پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ ۽ سنڌ ڊوميسائيل جي بنياد تي اوپن ميرٽ ذريعي داخلا جو نظام اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. ڪميٽي ان سلسلي ۾ اڳڀرائي بابت رپورٽ پڻ طلب ڪئي هئي. قانوني ۽ آئيني بحث: پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 22(3)(b) ۾ چيو ويو آهي تہ سرڪاري امداد حاصل ڪندڙ تعليمي اداري ۾ ڪنهن بہ شهري کي نسل، مذهب، ذات يا مقامِ پيدائش جي بنياد تي داخلا کان محروم نٿو ڪري سگھجي. ان کانسواءِ گڏيل قومن جي مقامي ماڻهن جي حقن بابت پڌرنامي (UNDRIP) جو آرٽيڪل 14 مقامي ماڻهن کي بنا ڪنهن امتياز جي تعليم جي سڀني سطحن تائين رسائي جو حق ڏئي ٿو. پاليسي تي اعتراض ڪندڙ شاگرد انهن آئيني ۽ عالمي اصولن کي پنهنجي موقف جي حمايت ۾ پيش ڪن ٿا ۽ سوال اٿارين ٿا تہ جڏهن ڪراچي سنڌ جو حصو آهي تہ پوءِ سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن کي ساڳئي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ الڳ ڪيٽيگري ۾ ڇو رکيو وڃي ٿو؟ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊين آف لا ڊپارٽمينٽ بئريسٽر سرفراز ميتلو شاگردن جا خدشا درست قرار ڏيندي KSP ايڊميشن پاليسي سان اختلاف ڪري ڇڏيو: تضاد ڊجيٽل ميڊيا سان ڳالھائيندي بئريسٽر سرفراز ميتلو چيو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل سال 2027ع جي داخلا لاءِ اڪيڊمڪ پاليسي منظور ڪئي هئي، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل آهي تہ سال 2027ع جي داخلا لاءِ کي ايس پي (KSP) جو سيڪڙو لاڳو نہ ٿيندو. تنھن هوندي بہ، بظاهر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ايڊميشن اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ان فيصلي کي نظرانداز ڪندي ڪراچي ڊويزن کان ٻاهر جي اميدوارن کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن چيو تہ اڪيڊمڪ ڪائونسل تعليمي معاملن بابت يونيورسٽيءَ جو اعليٰ ترين فورم آهي ۽ ان جي فيصلن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. جيئن قانون ساز ادارو قانون جوڙيندو آهي، پر جڏهن انتظاميا ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي تہ متاثر ڌريون پنهنجي حقن جي تحفظ ۽ داد رسيءَ لاءِ عدالت سان رجوع ڪنديون آهن. ساڳيءَ ريت، ڊائريڪٽر ايڊميشن هڪ انتظامي آفيسر آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي سڌي ماتحت ڪم ڪري ٿو، جڏهن تہ وائيس چانسلر يونيورسٽيءَ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آهي. تنھن ڪري متاثر اميدوار قانون موجب پنهنجا قانوني حق استعمال ڪندي داد رسيءَ لاءِ مناسب قانوني رستا اختيار ڪري سگھن ٿا. پاليسي جو مستقبل، اهم سوال برقرار: هڪ طرف ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميا پنهنجي پراسپيڪٽس ۾ KSP ڪيٽيگريز کي داخلا جي نظام جو حصو ڄاڻائي ٿي، تہ ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ان پاليسي تي نظرثاني ۽ سڄي سنڌ جي ڊوميسائيل جي بنياد تي اوپن ميرٽ جو نظام اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهم سوال اهو آهي تہ ڇا ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي هدايتن تي عمل ڪندي KSP پاليسي ختم ڪندي يا موجودہ ڪيٽيگريز وارو نظام برقرار رهندو؟ سنڌي شاگردن جو مطالبو آهي تہ ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ سڄي سنڌ جي شاگردن کي هڪجھڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ داخلا جو بنياد علائقي بدران ميرٽ ۽ تعليمي قابليت تي رکيو وڃي.