”اڄ اسين الحمدلله چونداسين“: عبدالالسيد آمريڪا جو پهريون مسلمان سينيٽر چونڊجي ويو
آمريڪا جي وچ مُدي وارين چونڊن ۾ عبدالالسيد مشي گن رياست مان مائيڪ راجرز کي شڪست ڏئي ملڪ جو پهريون مسلمان سينيٽر چونڊجي ويو آهي
ڪاميابيءَ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عبدالالسيد چيو تہ "مشي گن" اسان اهو ڪري ڏيکاريو.
هن خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو تہ منھنجو نالو عبدالرحمان محمد السيد آهي ۽ مون کي اوهان جي چونڊيل سينيٽر طور هتي بيهڻ تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ ”اوهان ڏٺو هوندو تہ جڏهن بہ اسان انهن نتيجن بابت ڳالھائيندا هئاسين تہ گڏ
’ان شاءَ الله‘ چوندا هئاسين، پر اڄ ’ان شاءَ الله‘ بدران ’پاڻ اڄ الحمدلله‘ چونداسين.
آمريڪا ۾ ٿيل وچ مدي وارين چونڊن ۾ عبدالالسيد کانسواءِ ڊيموڪريٽڪ اميدوار آدم حموي بہ نيو جرسي جي 12هين ڪانگريشنل ضلعي مان ريپبلڪن اميدوار گريگ ميلي کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي آهي.
هن ڪاميابيءَ کانپوءِ اڳڪٿين موجب آدم حموي نيو جرسي رياست مان آمريڪي ڪانگريس جو پهريون مسلمان ميمبر بڻجي ويو آهي.
مائيڪ راجرز کي شڪست ڏيندڙ عبدالالسيد آمريڪي رياست مشي گن سان واسطو رکندڙ ڊاڪٽر ۽ سياستدان آهي.
سندس والد مصري نسل سان تعلق رکندڙ پناهگير آهن. عبدالالسيد جي تعليم ۽ پيشيوراڻي زندگي آمريڪي ادارن توڙي عالمي تعليمي مرڪزن سان لاڳاپيل رهي آهي، جڏهن تہ کيس ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ترقي پسند ڌڙي سان واسطو رکندڙ اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو.
چونڊ مھم دوران مسلمان هجڻ سبب عبدالالسيد کي نہ رڳو ريپبلڪن پارٽي پر خود آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران بہ ’صنفي ۽ مذهبي متڀيد‘ کي منھن ڏيڻو پيو.
ڪاميابيءَ کانپوءِ عبدالالسيد مخالفن جي اهڙي رويي ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ ”مخالفن اسان کي ورهائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شروعات ۾ ئي منھنجي نالي ۽ مذهب کي نشانو بڻائيندي چيو تہ هي مختلف آهي.
هن وڌيڪ چيو تہ ”اسان بدترين چونڊ مھم ڏٺي، مخالفن منھنجي نالي ۽ مذهب تي آڱريون کنيون، پر اوهان پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جو سامان خريد نٿا ڪري سگھو، ان جو سبب منھنجو نالو يا مذهب ناهي.
تضاد سنڌي | اربع، 4 نومبر 2026ع