سنڌي ميڊيا کي ڊجيٽل ميڊيا جو نالو ڏئي ماڻھن کي ڪيئن بيوقوف بڻايو پيو وڃي؟

سنڌي ميڊيا ڊجيٽل دور ۾ داخل تہ ٿي وئي آهي، پر گھڻا ادارا اڃا بہ پراڻين عادتن، ڪمزور ٽيڪنالاجي ۽ غير معياري صحافت ۾ ڦاٿل آهن. نتيجي طور ٻولي، پڙھندڙن جو اعتماد ۽ صحافت جو مستقبل هڪ نئين بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.

سنڌي ميڊيا جي ڊجيٽلائيزيشن بابت پهرين وڏي دعويٰ سنڌ جي هڪ مشهور ميڊيا سيٺ 2018ع جي اليڪشن ھارائڻ کانپوءِ ڪئي، جنهن کي ڪيترائي ماڻھو سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو بنياد وجھندڙ بہ سمجھن ٿا. ان سياسي شڪست کان پوءِ هڪ نئين سنڌي ڊجيٽل ميڊيا اداري جي شروعات جو اعلان ڪيو. چونڊن کان پوءِ سندس قائم ڪيل چينل ۾ خانداني اختلاف پيدا ٿيا، ۽ انهيءَ پسمنظر ۾ هن “مڪمل ڊجيٽل” ميڊيا ادارو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اعلان وڏي جوش ۽ اميد سان پيش ڪيو ويو. نئون لوگو جاري ٿيو، يوٽيوب چينل شروع ڪيو ويو، ۽ ورڊپريس تي ٺهيل ويب سائيٽ “جلد اچي رهي آهي” واري صفحي سان ظاهر ڪئي وئي. مجموعي تاثر اهو ڏنو ويو تہ سنڌي ميڊيا هاڻي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهي آهي، جتي هڪ جديد ۽ مڪمل ڊجيٽل نيوز پليٽفارم جلد سامهون ايندو. وقت سان گڏ جڏهن اداري جو مرڪزي مواد ۽ پروگرامنگ سامهون اچڻ لڳي تہ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي وئي. نئين اداري جي نالي سان جيڪو ڪجھ پيش ڪيو ويو، ان ۾ نواڻ گھٽ ۽ پراڻ پسندي وڌيڪ محسوس ٿي. ڊزائين رسمي اخبار جھڙي هئي، سوشل ميڊيا لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيمپليٽ پراڻن انداز جا هئا ۽ گرافڪس اهڙا لڳندا هئا ڄڻ تخليقي سوچ ڪيترائي سال اڳ جي استعمال ٿيل آھي. پليٽفارم ضرور نئون هو پر صحافت جو انداز گھڻو ڪري اڳ جھڙو ئي رهيو. مواد جو ڏيک، ادارتي مزاج ۽ ٻولي تقريباً ساڳي هئي جيڪا ان سربراہ جي اڳوڻي ڪيبل ٽيليويزن واري دور ۾ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. فرق رڳو ايترو هو تہ هاڻي اهو مواد ٽيليويزن بدران يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي منتقل ٿي ويو. جلد ئي واضح ٿي ويو تہ اها صورتحال ڪنهن هڪ اداري تائين محدود نہ هئي. سنڌي ميڊيا جي ڪيترن ئي ادارن ۾ ساڳي تصوير بار بار نظر اچڻ لڳي. ڪجھ ٽي وي چينل سوشل ميڊيا تي منتقل ٿيا، ڪجھ هنڌن تي نالا تبديل ٿيا، ۽ ڪيترن ادارن نوان پليٽفارم اختيار ڪيا، پر خبر ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جو بنيادي انداز گھڻو ڪري ساڳيو رهيو. انهيءَ ڪري مسئلو رڳو ڪنهن فني ڪمزوري يا انتظامي غلطي تائين محدود نہ رهيو. حقيقت ۾ اها صورتحال پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صحافت ۾ موجود هڪ گھري بحران جي علامت بڻجي وئي. ڊجيٽل تبديلي بابت جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، اهي وڏا هئا. چيو ويو تہ خبرون وڌيڪ تيز ٿينديون، معيار بهتر ٿيندو، موبائل لاءِ خاص مواد تيار ٿيندو، ڊيٽا جي بنياد تي صحافت کي هٿي ملندي، ۽ پڙھندڙن سان سڌو رابطو قائم ٿيندو. پر عملي طور جيڪو ٿيو، اهو گھڻو ڪري رڳو پليٽفارم جي تبديلي هئي. جيڪي ادارا اڳ ڪيبل ٽيليويزن تي خبرون نشر ڪندا هئا، اهي هاڻي ساڳيون خبرون يوٽيوب ۽ فيسبڪ تي نشر ڪرڻ لڳا. ڇپيل اخبارن جا صفحا بہ گھڻو ڪري تصويرن جي صورت ۾ ويب سائيٽن يا سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿيڻ لڳا. ذريعو تبديل ٿي ويو، پر صحافت جو انداز گھڻو ڪري ساڳيو ئي رهيو. اهي سڀ تبديليون هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن، جڏهن سنڌي ٻولي شايد پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي بيٺي آهي. ڊجيٽل دور ۾ ٻولين جي بقا ۽ ترقي لاءِ مضبوط، سنجيدہ ۽ منظم آن لائين ڍانچي جي ضرورت اڳ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي. سنڌي ڏکڻ ايشيا جي قديم ترين زندہ ٻولين مان هڪ سمجھي وڃي ٿي. سنڌ، ڀارت جي راجسٿان ۽ گجرات جي ڪجھ علائقن، ۽ خليج، يورپ، برطانيا ۽ اتر آمريڪا ۾ آباد سنڌي ڊائسپورا سميت لڳ ڀڳ ڇھہ کان ست ڪروڙ ماڻھو سنڌي ڳالھائين ٿا. هن ٻوليءَ جو پنهنجو رسم الخط آهي، جيڪو صدين جي ادبي ۽ ثقافتي روايتن سان ڳنڍيل رهيو آهي. صحافت جي حوالي سان بہ سنڌي ٻولي هڪ ڊگھي تاريخ رکي ٿي. پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو آغاز ٿي چڪو هو. وقت سان گڏ اهي رڳو خبرن جا ذريعو نہ رهيا، پر سماجي بحث، سياسي شعور ۽ فڪري تحريڪن جا اهم مرڪز بڻيا. ويهين صديءَ ۾ “هلال پاڪستان” جھڙيون اخبارون راءِ سازي، ادبي بحثن ۽ سياسي شعور کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون. 1948ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سنڌي نشريات جي شروعات سان سنڌي ٻوليءَ کي پهريون باقاعدہ براڊڪاسٽ پليٽفارم مليو. ان کان پوءِ ٽيليويزن جو دور آيو. ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ مهراڻ ٽي وي جھڙا چينل ظاهر ٿيا. انهن چينلن ڪيترن سالن تائين سنڌ ۾ عوامي بحث ۽ سياسي گفتگو کي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پوءِ ٽيڪنالاجي جي تبديلي هڪ نئون مرحلو آندو. براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون جي تيزي سان پکڙجڻ سنڌي ميڊيا لاءِ نوان امڪان پيدا ڪيا. خاص طور 2016ع کان پوءِ جڏهن پاڪستان ۾ 4G سروس عام ٿي، تڏهن معلومات تائين رسائي جو انداز ئي بدلجي ويو. هاڻي پهريون ڀيرو اهو امڪان پيدا ٿيو تہ سنڌي ميڊيا روايتي ورڇ جي حدن کان ٻاهر نڪري سگھي. ڊجيٽل پليٽفارم ذريعي ميڊيا سڌو سنئون پڙھندڙن تائين پهچي سگھي ٿي، ۽ پرڏيھہ ۾ رهندڙ سنڌين تائين بہ خبرون آساني سان پهچي سگھن ٿيون. نظرياتي طور اهو دور سنڌي صحافت لاءِ وڏو موقعو ٿي سگھي پيو. پر عملي طور ڪيترن ادارن ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي نئين صحافتي امڪان طور استعمال ڪرڻ بدران ان کي ساڳيو پراڻو ڪم وڌيڪ سستو نموني جاري رکڻ جو طريقو بڻايو. هن بحران کي سمجھڻ لاءِ صحافتي اخلاقيات ۽ پيشاور معيارن کي بہ نظر ۾ رکڻو پوندو. پرنٽ ميڊيا جي دور ۾، جيتوڻيڪ وسيلا محدود هئا، تڏهن بہ خبر ٺاهڻ لاءِ هڪ منظم ادارتي عمل موجود هوندو هو. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ سان اهو نظام آهستي آهستي ڪمزور ٿيڻ لڳو. ڪيترن سنڌي چينلن جي شروعات محدود وسيلن سان ٿي. پراڻا يا گھٽ معيار وارا ڪئميرا استعمال ٿيا، آواز جي رڪارڊنگ ڪمزور رهي ۽ وڊيو پروڊڪشن لاءِ تربيت بہ محدود هئي. پر فني معيارن کان بہ وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالھ صحافتي اخلاقيات سان لاڳاپيل هئي. ڪيترن ادارن ۾ رپورٽرن کي مناسب پگھار نہ ڏني ويندي هئي. ڪڏهن گھٽ معاوضو، ڪڏهن بلڪل بغير پگھار جي ڪم ڪرڻو پوندو هو. اهڙي صورتحال ۾ ڪجھ هنڌن تي صحافت جي نالي ۾ غير اخلاقي طريقا پيدا ٿيڻ لڳا. ڪجھ ماڻھن صحافتي حيثيت کي استعمال ڪندي سرڪاري عملدارن يا سياستدانن تي دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو. ڪيترن علائقن ۾ صحافت ۽ بليڪ ميلنگ جي وچ ۾ فرق ظاھر ٿيڻ لڳو. جڏهن ادارن وٽ تربيت يافتہ صحافين کي رکڻ لاءِ وسيلا گھٽ هئا، تڏهن ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھو بہ وڏي انگ ۾ ميڊيا سان جڙڻ لڳا. استاد، مقامي ڪاروباري ماڻھو يا ٻيا فرد پاڻ کي رپورٽر سڏائڻ لڳا. نتيجي طور پيشاور صحافت آهستي آهستي ڪمزور ٿيڻ لڳي. اهو ساڳيو ماحول پوءِ ڊجيٽل ميڊيا ۾ بہ منتقل ٿيو. نظرياتي طور ڊجيٽل ميڊيا رڳو نئون پليٽفارم نہ آهي. اهو خبر ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جو مڪمل طور مختلف نظام آهي. هڪ جديد ڊجيٽل نيوز روم ۾ رپورٽرن سان گڏ ڊجيٽل ايڊيٽر، گرافڪ ڊيزائنر، وڊيو پروڊيوسر، ڊيٽا صحافي ۽ ڊولپر بہ هوندا آهن. پر سنڌي ميڊيا جي گھڻين جڳهن تي اهو نظام قائم نہ ٿي سگھيو. ساڳيا رپورٽر ۽ ساڳيا اينڪر هاڻي يوٽيوب يا فيسبڪ تي نظر اچڻ لڳا، پر ڊجيٽل صحافت لاءِ گھربل مهارتون ۽ ادارتي ڍانچو گھڻو ڪري موجود نہ هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو تہ ڊجيٽل ميڊيا گھڻين جڳهن تي رڳو پليٽفارم جي تبديلي تائين محدود ٿي وئي. هن بحران جو هڪ وڌيڪ خطرناڪ پاسو ٻوليءَ جي ڊجيٽل موجودگي سان جڙيل آهي. سنڌي اخبارن جي گھڻين ويب سائيٽن تي مواد ٽيڪسٽ جي صورت ۾ رکڻ بدران پوري اخبار جي صفحي کي تصوير جي صورت ۾ رکيو ويندو آهي. ظاهر ۾ پڙھندڙ کي لڳي ٿو تہ اخبار آن لائين موجود آهي، پر ڊجيٽل نظامن لاءِ اهو مواد عملي طور غير پڙھڻ لائق هوندو آهي. سرچ انجڻون، لسانياتي اوزار ۽ اي آءِ ماڊل تصويري متن مان ساڳي نموني فائدو نٿا وٺي سگھن جيئن اهي اصل ٽيڪسٽ مان وٺن ٿا. ٻوليءَ جي ڊجيٽل انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ماهر امر فياض ٻرڙو هن صورتحال بابت چوي ٿو: “اسان جون اخبارون آن لائين تہ آهن، پر جتي ٽيڪسٽ هجڻ گھرجي اتي تصوير آهي. نتيجي ۾ ٻوليءَ جو ڪارپس نٿو ٺهي، ۽ جنهن ٻوليءَ جو ڪارپس نہ ٺهي، اها مشيني سکيا ۾ ڪمزور رهندي.” هي مسئلو صرف ٽيڪنيڪل ناهي، پر ٻوليءَ جي مستقبل سان جڙيل آهي. جيڪڏهن اخبارن جو مواد ٽيڪسٽ جي صورت ۾ محفوظ نہ ٿيندو تہ پوءِ سرچ انجڻون ۽ اي آءِ نظام سنڌي مواد کي صحيح نموني سڃاڻي نہ سگھندا. مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻھو ڪنهن اي آءِ سرچ انجڻ ۾ لکي تہ “اڄ ايران ۾ ڇا ٿي رهيو آهي”، تہ نظام مختلف ويب سائيٽن تان خبرون گڏ ڪري جواب ڏئي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو ساڳيو سوال سنڌي ۾ ڪري تہ “اڄ لاڙڪاڻي بابت ڇا خبر آهي”، تہ گھڻين حالتن ۾ جواب ملڻ مشڪل ٿي پوي ٿو، ڇو تہ سنڌي خبرن جو وڏو حصو سرچ لائق ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود ئي ناهي. اهڙي طرح سنڌي سماج بابت موجودہ واقعن جو وڏو حصو عالمي ڊجيٽل آرڪائيو ۽ اي آءِ نظامن لاءِ تقريباً اڻ ڏٺو رهجي وڃي ٿو. سنڌي ڊجيٽل ميڊيا ۾ انفراسٽرڪچر جا مسئلا بہ موجود آهن. ڪيترين ويب سائيٽن کي بغير پيشاور رهنمائي جي تيار ڪيو ويو آھي. نتيجي طور انهن سائيٽن جا صفحا کولڻ ۾ ڪڏهن 15 کان 20 سيڪنڊ لڳن ٿا، جيڪا ڊجيٽل دنيا ۾ تمام سستي رفتار سمجھي ويندي آهي. ڊجيٽل ڊيزائن ۾ بہ مسئلا نظر اچن ٿا. ڪيترين سائيٽن تي پراڻا گرافڪس، ڳرا رنگ ۽ ڀريل لي آئوٽ استعمال ٿين ٿا. جڏهن تہ جديد ڊجيٽل صحافت صاف، سادي ۽ پڙھڻ ۾ آسان ڊيزائن تي زور ڏئي ٿي. ٽائيپوگرافي بہ هڪ اهم مسئلو آهي. سنڌي رسم الخط جي خاصيتن سبب فونٽ، لائين اسپيسنگ ۽ پيراگراف جي ترتيب تمام اهم هوندي آهي. پر ڪيترين سنڌي ويب سائيٽن تي اهي عنصر مناسب نموني استعمال نٿا ٿين، جنهن سبب اسڪرين تي پڙھڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. مواد جي ترجيحن ۾ بہ مسئلا نظر اچن ٿا. ڪيترين خبرن ۾ غير ضروري يا سنسني خيز موضوعن کي نمايان ڪيو ويندو آهي، جڏهن تہ اهم سماجي مسئلا نظرانداز ٿي وڃن ٿا. هڪ صحافي ۽ ميڊيا ٽرينر چوي ٿو: “اهي خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون جيڪي رپورٽنگ ڪرڻ ۾ آسان هجن. ڪنهن وزير جي اسڪول ٻاهران رپورٽر بيهاري وڊيو ٺاهڻ آسان آهي، ڪنھن سياستدان جي ذاتي زندگيءَ ۽ چوٿين شادي بابت ھفتو ڪوَر ڪرڻ، يا ڪنھن گهران نڪتل شادي شدہ جوڙي جي رپورٽنگ ڪرڻ پر جيڪڏهن ڪنهن ضلعي ۾ سرڪاري پئسن جي خرچ بابت تحقيق ڪرڻي هجي، يا انساني حقن يا ماحوليات بابت رپورٽ ٺاھڻي ھجي تہ ان لاءِ وقت ۽ وسيلا گھرجن.” آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سينئر سنڌي صحافي پنھنجي فيسبڪ پوسٽ ۾ لکيو تہ: “جڏهن مون هڪ نئين سنڌي ڊجيٽل ميڊيا اداري جو فيسبڪ پيج لائيڪ ڪيو تہ مون کي اميد هئي تہ بهتر معيار جون خبرون ملنديون. پر ڪجھ وقت ۾ منهنجي سڄي فيڊ غير ضروري خبرن سان ڀرجي وئي ۽ مون کي اهو پيج انفالو ڪرڻو پيو.” اهڙي صورتحال جو نتيجو اعتماد جي بحران جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. ڪيترن پڙھندڙن لاءِ سنڌي ڊجيٽل ميڊيا جو تصور گھٽ معيار ۽ غير سنجيدہ مواد سان ڳنڍجي ويو آهي. جڏهن پڙھندڙن جو اعتماد گھٽجي ٿو تہ اشتهارن مان ايندڙ آمدني بہ گھٽجي وڃي ٿي. نتيجي ۾ ادارا مالي طور ڪمزور ٿين ٿا ۽ ڪجھ ادارا سرڪاري اشتهارن يا فنڊنگ تي وڌيڪ ڀاڙڻ لڳن ٿا. اهو عمل وقت سان گڏ ادارتي آزادي تي بہ اثر وجھي سگھي ٿو. اهڙي ماحول ۾ نوان ڊجيٽل ادارا جيڪي واقعي جديد معيارن سان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اعتماد حاصل ڪرڻ بڻجي وڃي ٿو. حقيقي ڊجيٽل سنڌي صحافت لاءِ ڪجھ بنيادي شرط ضروري آهن: تيز رفتار ۽ موبائل لاءِ موزون ويب سائيٽون، ھائي ڪوالٽي ريلز، وڊيوز، فوٽوگرافز، معياري سنڌي فونٽ، ۽ ٽيڪسٽ تي ٻڌل اهڙو مواد جيڪو سرچ لائق ۽ آرڪائيو لائق هجي. ان سان گڏ ڊيٽا تي ٻڌل صحافت، ملٽي ميڊيا ڪهاڻيون ۽ صحافين جي جديد اوزارن ۾ تربيت بہ ضروري آهي. پر شايد سڀ کان اهم شرط پڙھندڙن سان ايمانداري آهي. سنڌي صحافت صرف هڪ ڪاروبار نہ آهي. اها هڪ سماجي اداري جي حيثيت رکي ٿي، جيڪو ماڻھن جي ڄاڻ، سياسي احتساب ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي شڪل ڏئي ٿو. جڏھن صحافت پنهنجي سنجيدگي وڃائي ويهي ۽ خبرن جي جاءِ تي غيرمعياري مواد سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿئي تہ پوءِ نقصان رڳو ميڊيا جو نہ هوندو پر پوري سماج جو ٿيندو. ان جي باوجود اميد جا نشان موجود آهن. نئين نسل جا ڪيترائي سنڌي صحافي ڊجيٽل ماحول ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. ٻوليءَ جي ڊجيٽل انجنيئرنگ تي ڪم ڪندڙ ماڻھو بہ موجود آهن ۽ عالمي سطح تي بہ انڊجينيس ٻولين جي ميڊيا ڏانهن ڌيان وڌي رهيو آهي. ٽيڪنالاجي موجود آهي، اوزار موجود آهن ۽ موقعا بہ موجود آهن. هاڻي اصل سوال اهو آهي تہ ڇا سنڌي ميڊيا پنهنجي پراڻين عادتن ۽ سستي ماڊل کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار آهي يا نہ؟ شايد هاڻي اهو سوال اڳ کان بہ وڌيڪ تڪڙو ۽ اهم بڻجي چڪو آهي.