سنڌ
ماروي ميمڻ جي سربراهي ۾ وچن سنڌ فورم جو باضابطہ اعلان، فورم ۾ ڪير ڪير شامل آهن؟
سوشل ميڊيا ۽ سياسي حلقن ۾ فورم تي تنقيد، ناقدن طرفان اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي جا الزام، ۽ سوال تہ ڇا هي علمي پليٽفارم آهي يا سياسي ايجنڊا جو نئون روپ؟
اڳوڻي وفاقي وزير ماروي ميمڻ جي سربراهي ۾ هڪ نئين فورم جي باضابطہ شروعات جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن کي وچن سنڌ جي عنوان سان “هسٽورينس وِڌآؤٽ بارڊرز سنڌ پاڪستان چيپٽر” طور متعارف ڪرايو ويو آهي۔ فورم موجب ان جو بنيادي مقصد سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ ۽ بيانيي کي مضبوط ڪرڻ آهي۔
هي اعلان 17 مارچ تي جاري ڪيل هڪ پريس رليز ۾ ڪيو ويو، جڏهن تہ فورم جو باني چارٽر 12 مارچ 2026 تي ڪراچي ۾ منظور ۽ صحيح ٿيل قرار ڏنو ويو آهي۔ جاري ڪيل بيان موجب هي فورم عالمي سطح تي موجود “انٽرنيشنل نيٽ ورڪ آف هسٽورينس وِڌآؤٽ بارڊرز” جي 2016ع هيلسنڪي واري اعلان جي اصولن سان وابستگي رکي ٿو۔
فورم جي پريس رليز موجب هن پليٽفارم جو مقصد سنڌ جي تاريخ بابت “صححيح بيانيي” کي اڳيان آڻڻ، تاريخ جي غلط استعمال کي روڪڻ، علمي گفتگو ذريعي تاريخي تڪرارن کي سمجھڻ ۽ گھٽائڻ، پاڪستان جي قومي بيانيي اندر سنڌ جي ڪردار کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ آهي۔
فورم جو پسمنظر: بند ڪمري واري اجلاس کان باضابطہ اعلان تائين
ياد رهي تہ 13 مارچ 2026ع تي ڪراچي جي علائقي ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ ماروي ميمڻ جي رهائشگاه تي ٿيل لڳ ڀڳ پنج ڪلاڪن تي ٻڌل گڏجاڻي کان پوءِ سندس ممڪن سياسي يا فڪري واپسي بابت بحث شروع ٿيو هو۔ ان وقت مختلف ذريعن اها دعويٰ ڪئي هئي تہ اهو اجلاس ڪنهن “بنيادي فورم” جي شروعات ٿي سگھي ٿو، جڏهن تہ ڪجھ شرڪت ڪندڙن ان کي رڳو علمي ۽ فڪري ويهڪ قرار ڏنو هو۔
هاڻي تازي پريس رليز سان اها ڳالھ واضح ٿي وئي آهي تہ ان گڏجاڻي جو نتيجو هڪ منظم فورم جي صورت ۾ سامهون اچي چڪو آهي، جنهن جي قيادت ماروي ميمڻ وٽ آهي۔
پريس رليز ۾ اهم ڳالھيون
فورم طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ “هسٽورينس وِڌآؤٽ بارڊرز سنڌ پاڪستان چيپٽر” هڪ کليل ۽ شامل فورم هوندو، جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ جي تاريخي سڃاڻپ کي بااختيار بڻائڻ آهي۔ بيان موجب فورم عام ماڻهن ۾ تاريخ بابت شعور وڌائڻ، مختلف تاريخي بيانين جي وچ ۾ مڪالمو پيدا ڪرڻ، ۽ غلط يا تحريف ٿيل تاريخي دعوائن جي سائنسي بنيادن تي وضاحت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو۔
پريس رليز ۾ ماروي ميمڻ چيو آهي تہ سنڌ جي تاريخ بابت جيڪو ڪم سياسي ڌرين ۽ پاليسي سازن کي ڪرڻ گھرجي ها، اهو اڃا تائين مڪمل طور تي نہ ٿي سگھيو آهي، ۽ هاڻي اهو ڪم هڪ “ذهني طور سنجيدہ ۽ علمي ٽيم” اڳتي وڌائيندي۔
“شائن” تصور ۽ چارٽر جا مقصد
فورم جي چارٽر موجب ان جو مرڪزي مقصد “سنڌز هسٽاريڪل آئيڊينٽي نيئريٽو ايمپاورمينٽ (شائن)” آهي۔ ان تحت سنڌ جي تاريخي بيانيي کي درست ڪرڻ، ان کي علمي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ ۽ قومي سطح تي نمايان بڻائڻ کي بنيادي ترجيح ڏني وئي آهي۔
چارٽر ۾ واضح ڪيو ويو آهي تہ سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ کي پاڪستان اندر اهم ۽ بنيادي حصو طور مڃرايو وڃي، جڏهن تہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڏيکارڻ واري بياني جي مخالفت ڪئي وڃي۔
ساڳئي وقت سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وچ ۾ پيدا ڪيل سماجي ۽ معاشي ورهاست کي تاريخي تناظر ۾ چئلينج ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، ۽ سنڌي ٻولي کي قومي سطح تي اهم حيثيت ڏيڻ کي پڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي۔
چارٽر ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن، ماحول، جھنگلي جيوت، ادب، لوڪ ورثي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جي تحفظ تي پڻ زور ڏنو ويو آهي، جڏهن تہ ميڊيا ۽ وندر جي صنعت ۾ سنڌ بابت ٿيندڙ منفي تصويرڪشي جي مخالفت کي بہ اهم مقصدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔
ان کان علاوہ نصاب، تحقيق، علمي مواد ۽ ڊجيٽل آرڪائيو ذريعي سنڌ جي تاريخ کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ کي فورم جي بنيادي ذميوارين مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي۔
باني ميمبر ۽ فروم جو ڍانچو
پريس رليز موجب فورم جي چيئرپرسن ماروي ميمڻ هوندي، جڏهن تہ باني ميمبرن ۾ نصير ميمڻ، انعام شيخ، عامر رضا ميمڻ، عامر لطيف صديقي، غازي صلاح الدين، قاضي آصف، شمس جعفراڻي، شهزاد غياث شيخ، ڊاڪٽر سورٺ سنڌو، محسن ٻٻر، جنيد انصاري، نور ميمڻ، ثريا منظور، يسرا آخوند ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن۔
فورم ۾ رڪنيت مفت هوندي ۽ اها رڳو تاريخدانن تائين محدود نہ پر استادن، محققن، اديبن، سماجي ڪارڪنن ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ پڻ کليل هوندي۔
سوشل ميڊيا تي ردعمل: حمايت سان گڏ سخت تنقيد
فورم جي اعلان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي۔ ڪجھ ماڻهن هن کي هڪ علمي ۽ ٽيڪنوڪريٽ نوعيت جو پليٽفارم قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي تہ اهو سنڌ جي تاريخي سوالن تي سنجيدہ ڪم ڪري سگھي ٿو۔
پر ٻئي طرف سخت تنقيد پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، خاص طور تي انهن حلقن طرفان جيڪي هن فورم کي “غير سياسي” قرار ڏيڻ تي سوال اٿاري رهيا آهن۔ ڪيترن ناقدن جو خيال آهي تہ هي فورم دراصل اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي هيٺ ٺاهيو ويو آهي۔
جڏهن تہ فورم جو حصو ايڪٽوئسٽ ڊاڪٽر سورٺ سنڌوُ فيسبڪ تي ڪمينٽ ڪندي چيو آهي فورم جو مقصد غير سياسي آهي ۽ ڪم رڳو سنڌ جي صحيح تاريخ کي پيش ڪرڻ هوندو. سندس چوڻ آهي تہ منھنجو ڪردارن سان تعلق ناهي رهيو ڪڏهن جتي سنڌ جي ڳالھ ٿيندي مان سنڌ لاء ساٿ ڏيندم. ۽ فورم جو ڪم سنڌ جي تاريخ کي بچائڻ لاء آهي تڏهن مون حامي ڀري آهي.
صحافي حسن مجتبيٰ لکيو تہ: “سنڌ کي اصل ۾ هڪ برگيڊيئر ٽي ڪرنل هلائين ٿا، هي فورم شورم سڀ انهن جي مرضي سان ٺهن ٿا.”
هلال آريجو پڻ لکيو تہ: “فورم ڀلي ٺاهي، پر هي مائي اسٽيبلشمينٽ جي آشرواد کان سواءِ اهڙو قدم نہ کڻندي.”
قادر ملاح پنهنجي ردعمل ۾ چيو تہ: “ماروي ميمڻ جي پوڊڪاسٽ ٻڌي لڳي ٿو هوءَ مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي حامي آهي، سندس آئيڊيل مشرف جھڙا ماڻھو آهن، سنڌ جي انهن نالن کي گڏ ڏسي افسوس ٿيو.”
تاريخي پسمنظر بابت تنقيدي اشارا
ڪجھ تبصرن ۾ ماروي ميمڻ جي خانداني ۽ سياسي پسمنظر ڏانھن بہ اشارو ڪيو ويو آهي۔
ابراهيم ڪنڀر لکيو تہ: “پڻس بہ دي ريفارمرز ٺاهي مشرف سان گڏجي ويو هو.”
علي اڪبر پنھور لکيو تہ: “ماروي ميمڻ جي والد بہ اڳ سنڌ پرست بڻجي فورم ٺاهيو، پوءِ وقت سان گڏ وري نئين رخ اختيار ڪيو.”
مشتاق علي ميراڻي چيو تہ: “ريفارمز (جيڪا سندن والد صاحب ٺاهي هئي) سنڌ جا وڏيرا گڏ ڪيا، پوءِ انهن کي ڪراچي ۾ گڏ ڪري سياسي رنگ ڏنو ويو.”
“فورم يا سياسي متبادل؟” سوال برقرار
ٻين ناقدن جو چوڻ آهي تہ سنڌ کي هن وقت هڪ منظم سياسي تحريڪ جي ضرورت آهي، جڏهن تہ اهڙا فورم مسئلن جو حل نہ آهن۔
شيراز نائچ لکيو تہ: “جنھن وقت سنڌ کي سياسي جماعت جي ضرورت آهي، ان وقت فورم ٺاهڻ سان مسئلا حل نہ ٿيندا.”
نتيجو: بحث جو نئون رخ
“وچن سنڌ” جي قيام سان ماروي ميمڻ بابت هلندڙ بحث هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي۔ هاڻي معاملو صرف امڪاني واپسي تائين محدود نہ رهيو آهي، بلڪہ هڪ منظم فڪري پليٽفارم سامهون اچي چڪو آهي۔
بهرحال، هي فورم واقعي غير سياسي علمي اداري طور ڪم ڪندو يا اڳتي هلي سنڌ جي سياسي بيانيي ۾ ڪردار ادا ڪندو يا مڪمل ناڪام ويندو، ان جو حتمي اندازو ايندڙ مھينن ۾ ان جي عملي سرگرمين ۽ موقفن مان لڳائي سگھجي ٿو۔