خطو

ايران ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي بابت نوان انڪشاف، پراڻي معلومات استعمال ٿيڻ جو امڪان

رپورٽن موجب حملي ۾ 150 کان وڌيڪ شاگردياڻيون مارجي ويون، آمريڪي فوج اندروني جاچ شروع ڪري ڇڏي

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-٠٣-١١
آمريڪي فوج جي ايران خلاف ڪارروائين دوران ڏکڻ ايران جي شهر ميناب ۾ هڪ ڇوڪرين جي اسڪول تي ٿيل حملي بابت نوان تفصيل سامھون آيا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ابتدائي ڄاڻ مان ظاهر ٿيو آهي تہ هي حملو شايد پراڻي يا غير تازہ معلومات استعمال ٿيڻ سبب ٿيو هجي. ذريعن موجب آمريڪي فوج طرفان هدف چونڊڻ وقت استعمال ٿيل ڄاڻ پراڻي هئي، جنھن سبب حملي دوران اسڪول کي نشانو بڻايو ويو. ٻن ڄاڻ رکندڙ ذريعن ٻڌايو آهي تہ هدفن جي چونڊ لاءِ تيار ڪيل فهرست ۾ شايد پراڻي استخباراتي معلومات شامل هئي. هي حملو ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل ڪارروائين جي پهرين ڏينھن دوران ٿيو هو. ايراني اختيارين موجب حملي ۾ تقريباً 150 شاگردياڻيون مارجي ويون، جڏهن تہ ڪيترائي ٻيا ماڻھو زخمي پڻ ٿيا. وڊيو ۽ تصويرون بہ سامھون آيون آهن، جن بابت ڪجھ ماهرن جو چوڻ آهي تہ اهي آمريڪي ٽوماهاڪ ميزائل جي حملي جا نشان ظاهر ڪن ٿيون. تنھن هوندي بہ واقعي جي مڪمل تفصيل اڃا واضح نہ ٿي سگھيا آهن. آمريڪي بچاءَ واري اداري چيو آهي تہ واقعي بابت جاچ جاري آهي ۽ حتمي نتيجو سامھون اچڻ تائين ڪو بہ تبصرو نٿو ڪري سگھجي. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي تہ آمريڪا ڄاڻي واڻي ڪري شهري هدفن تي حملو نٿو ڪري. ساڳئي وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شروعاتي طور بنا ثبوت دعويٰ ڪئي هئي تہ شايد ايران پاڻ هن حملي جو ذميوار هجي، پر بعد ۾ هن چيو تہ واقعي بابت مڪمل معلومات اڃا موجود ناهي ۽ جاچ جا نتيجا سامھون اچڻ بعد ئي واضح ٿي سگھندو تہ اصل ذميواري ڪنهن تي اچي ٿي. بين الاقوامي قانون موجب اسڪول، اسپتال يا ٻين شهري عمارتن تي ڄاڻي واڻي حملو ڪرڻ جنگي ڏوھ سمجھيو ويندو آهي. ان واقعي کان پوءِ ايران ۾ فوت ٿيل ڇوڪرين جون جنازي نمازون ۽ تدفين جا منظر بہ سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيا ويا، جتي ننڍڙن تابوتن کي قومي جھنڊن سان ڍڪي وڏي انگ ۾ ماڻھن جي موجودگي ۾ قبرستان ڏانھن آندو ويو.