تجزيا

ڇو مشهور وڏا مذهب عورتن تي ايترو ڌيان ڏين ٿا

عورتن جي جسم، ڪردار ۽ جنسيت تي ڪنٽرول ذريعي مذهبي نظام پنهنجي طاقت ۽ سماجي ڍانچي کي برقرار رکن ٿا۔

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-٠٣-٢١
هي مضمون انهن مذهبن بابت آهي جيڪي هاڻي صرف فرد جي ذاتي عقيدي يا روحاني احساس تائين محدود نہ رهيا آهن، پر مڪمل ۽ منظم نظام بڻجي چڪا آهن. اهڙن مذهبن ۾ واضح ۽ طئي ٿيل عقيدا هوندا آهن، جن کي سمجھائڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ خاص تربيت يافتہ ماڻھو هوندا آهن، جھڙوڪ عالم، پنڊت يا پادري. انهن ۾ سخت اخلاقي اصول پڻ موجود هوندا آهن، ۽ هڪ منظم اداري جي صورت ۾ اهي مذهب رڳو هڪ ننڍي برادري تائين محدود نہ رهندا آهن، پر وڏي سماج ۽ ڪڏهن عالمي سطح تي بہ پنهنجو اثر قائم ڪندا آهن۔ هي بحث خاص طور تي هندو مذهب، عيسائيت ۽ اسلام تي مرڪوز آهي، ڇو تہ اهي دنيا جا تمام گھڻا اثرائتا ۽ منظم مذهب آهن. انهن مذهبن وٽ نہ صرف واضح عقيدا آهن، پر پنهنجا قانوني ۽ فڪري نظام پڻ موجود آهن، جھڙوڪ شريعت، چرچ جا قانون ۽ ڌرمو شاستر، جن جي تشريح لاءِ بہ علمي روايتون قائم ٿيل آهن. انهن مذهبن جي تاريخ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ سماج ۾ عورت ۽ مرد جا ڪردار، طاقت جي ورهاست، ۽ صحيح يا غلط جا معيار هڪ ٻئي سان گھڻو ويجھڙائي سان جڙيل آهن. جيتوڻيڪ اهڙا لاڙا ٻين مذهبن ۾ بہ ملن ٿا، پر انهن ٽنھي مذهبن ۾ اهي وڌيڪ واضح ۽ منظم صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا۔ تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن مذهب هڪ منظم نظام جي صورت اختيار ڪئي، تڏهن اهو سماج جي درجا بندي سان گڏ ترقي ڪرڻ لڳي. سماج ۾ مختلف طبقا پيدا ٿيا، جتي طاقتور ۽ ڪمزور ڌريون الڳ ٿي ويون ۽ انهن کي منظم رکڻ لاءِ هڪ واضح ڍانچو وجود ۾ آيو. جڏهن ماڻھو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، ملڪيت جو تصور وڌيو، خاندان وڌيڪ مضبوط ٿيا ۽ وراثت جا قانون وجود ۾ آيا، تڏهن انهن سڀني معاملن کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ اخلاقي اختيار جي ضرورت محسوس ٿي. اهو اختيار گھڻو ڪري مذهب کي مليو، جنهن جي ذريعي مذهبي ادارن ۽ اڳواڻن کي اهو حق حاصل ٿيو تہ اهي صحيح ۽ غلط جو تعين ڪن. اهڙيءَ طرح ملڪيت، خاندان، وراثت ۽ سماجي فرق کي “اخلاق” جي نالي سان منظم ۽ برقرار رکيو ويو۔ مردن جي بالادستي نہ رڳو قدرتي يا مذهبي سببن جو نتيجو آهي، پر اها سماجي ۽ معاشي تبديلين سان لاڳاپيل آهي. فيڊرڪ اينگلز جي مطابق، جڏهن انسان زراعت اختيار ڪئي، هڪ هنڌ آباد ٿيڻ لڳا ۽ ڳوٺن جي صورت ۾ سماج ٺهڻ لڳا، تڏهن ملڪيت ۽ وراثت جا سوال اهم ٿي ويا. ان مرحلي تي مردن ڪوشش ڪئي تہ ملڪيت تي پنهنجو ڪنٽرول قائم رکن ۽ اولاد کي بہ پنهنجي وراثت سان ڳنڍي رکن، جنهن جي نتيجي ۾ آهستي آهستي سماجي طاقت مردن جي هٿن ۾ مرڪوز ٿيڻ لڳي۔ پوءِ مذهب هن اڳ ۾ موجود سماجي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو. جيڪي رسمون اڳ رڳو روايتن جي صورت ۾ موجود هيون، سي هاڻي “خدا جي حڪم” طور پيش ٿيڻ لڳيون ۽ جيڪي قاعدا اڳ تبديل ٿي سگھندا هئا، اهي هاڻي سخت ۽ الھامي قانون بڻجي ويا. اهڙيءَ طرح عورت ۽ مرد جي وچ ۾ فرق هجي يا امير ۽ غريب جي وچ ۾، انهن سڀني کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو ويو ڄڻ اهي خدا طرفان مقرر ڪيل هجن، جنهن ڪري اهي فرق وڌيڪ پڪا ۽ ناقابلِ سوال بڻجي ويا۔ مختصر لفظن ۾، مردن جو اختيار صرف جسماني طاقت تائين محدود نہ رهيو، پر ملڪيت، خاندان ۽ مذهب جي گڏيل اثر ان کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستقل بڻائي ڇڏيو۔ جڏهن مذهب صرف ذاتي عقيدي تائين محدود نہ رهيو ۽ سماج کي منظم ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جو ذريعو بڻيو، تڏهن ان کي ڪجھ اهم معاملن تي سخت ضابطا قائم ڪرڻا پيا، جھڙوڪ جسم، جنسي لاڳاپا، اولاد ۽ ملڪيت يا جائزيت جا سوال. هن عمل ۾ عورت مرڪزي حيثيت اختيار ڪري وئي، ڇو تہ سندس جسم، لاڳاپا، اولاد ۽ سماجي مقام سڌي طرح انهن معاملن سان ڳنڍيل هئا. نتيجي طور مختلف مذهبن ۾ هڪجھڙو نمونو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي شادي، پاڪيزگي، وراثت ۽ عزت سان لاڳاپيل قاعدا خاص طور عورتن جي ڪردار ۽ رويي کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا۔ عورتن سان لاڳاپيل قانونن ۾ جيڪا سختي ۽ بار بار ڪنٽرول ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ڪو اتفاقي عمل ناهي، پر هڪ واضح نموني جو حصو آهي. شادي، طلاق، وراثت ۽ پاڪدامني جھڙن معاملن ۾ عورتن کي خاص طور نشانو بڻايو وڃي ٿو، ۽ اهو رجحان مختلف مذهبن ۾ هڪجھڙي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ هي ڪو بي ترتيب يا اوچتو پيدا ٿيل عمل نہ آهي، پر هڪ منظم نظام آهي جيڪو عورتن کي محدود ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ترتيب ڏنل آهي. ٻين لفظن ۾، اهو هڪ مرد مرڪزيت وارو ڍانچو آهي، جيڪو مختلف مذهبي ۽ قانوني شڪلين ۾ بار بار ورجائجي ٿو۔ تاريخ ۾ ڀلي عورتن بابت سڌا حوالا گھٽ ملن، پر انهن جا نتيجا واضح نظر اچن ٿا. عورت جي “تاريخي شڪست” ان وقت شروع ٿي، جڏهن مردن کي پنهنجي اولاد جي پڪ ڪرڻي هئي تہ جيئن ملڪيت سندن ئي نسل ۾ رهي. گريڊا لرنر جي مطابق، مردن لاءِ صرف طاقت ڪافي نہ هئي، پر اهو بہ ضروري بڻجي ويو تہ سندن نسل يقيني طور باآاساني اڳتي وڌي. انھيءَ مقصد لاءِ عورتن تي سخت ڪنٽرول قائم ڪيو ويو. ڪارل پي ڪرسٽ وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿي تہ پدرشاهي اهو نظام آهي، جتي عورتن جي جنسي زندگي تي ڪنٽرول ذريعي مردن کي طاقت حاصل ٿئي ٿي. انھيءَ ڪري عورت جو جسم، سندس حيض، حمل، شادي ۽ طلاق جھڙيون سڀ ڳالھيون مذهبي، قانوني ۽ سماجي قاعدن جي دائري ۾ آڻي، مرد مرڪزيت واري نظام جي ڪنٽرول هيٺ رکيو ويو۔ اهو ئي سبب آهي جو عورتن تي مذهبي ڪنٽرول صرف عقيدي يا ايمان جو معاملو ناهي، پر اهو سماجي ۽ معاشي تبديلين سان ڳنڍيل آهي. جڏهن سماج زراعت، ملڪيت، خاندان ۽ وراثت جي بنيادن تي منظم ۽ مضبوط ٿيو، تڏهن مردن لاءِ پنهنجي نسل جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ اهم بڻجي ويو. انھيءَ مقصد لاءِ عورتن تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ ضروري سمجھيو ويو، ۽ مذهب اچي ان ڪنٽرول کي “اخلاقي” ۽ “روحاني” جواز ڏئي ان کي وڌيڪ مضبوط ۽ جائز بڻائي ڇڏيو۔ هن عمل دوران عورت کي مرڪزي حيثيت ضرور ڏني وئي، پر اها حيثيت آزادي ۽ اختيار واري نہ، بلڪہ ذميواري ۽ نگراني سان جڙيل هئي. کيس نسل جي حفاظت ڪندڙ، عزت جي علامت ۽ اخلاق جي نگھبان طور پيش ڪيو ويو. ٻين لفظن ۾، اهميت تہ ملي، پر حقيقي اختيار نہ ڏنو ويو. سندس جسم، پاڪدامني، حيض، حمل، شادي ۽ طلاق جھڙيون سڀ ڳالھيون مذهبي قاعدن جي دائري ۾ آڻي، کيس هميشہ “تحفظ” ۽ “عزت” جي نالي تي محدود رکيو ويو، جڏهن تہ اصل طاقت مردن وٽ ئي مرڪوز رهي۔ مذهب عورتن کي نظرانداز نہ ٿو ڪري، بلڪہ انهن کي سماج ۾ هڪ مخصوص ۽ اهم حيثيت ڏئي ٿو. عورت کي ايندڙ نسل جي پرورش ڪندڙ، عزت جي علامت ۽ اخلاق جي ذميوار طور ڏٺو وڃي ٿو. پر اها اهميت حقيقي اختيار يا آزادي جي صورت ۾ نہ هوندي، بلڪہ ذميوارين ۽ مقرر حدن اندر محدود هوندي آهي. اهڙي ترتيب عورت کي مڪمل برابري يا آزادي فراهم نٿي ڪري، ڇو تہ اختيار رڳو ايترو ئي ڏنو وڃي ٿو، جيترو نظام جي ضرورت هجي. نتيجي طور، عورت کي عزت تہ ڏني وڃي ٿي، پر ساڳئي وقت کيس فرمانبرداري، تحفظ ۽ حيا جي نالي تي حدن ۾ رکيو وڃي ٿو۔ سماج جي “استحڪام” کي اڪثر عورتن جي ڪنٽرول سان ڳنڍيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ شادي، طلاق، وراثت ۽ پاڪدامني جھڙن قاعدن ذريعي عورت جي زندگي کي حدن ۾ رکيو وڃي ٿو. پر حقيقت ۾ عورت جو جسم، خاص ڪري حيض، حمل ۽ زچگي، اهڙا فطري عمل آهن جيڪي مڪمل طور ڪنهن بہ سماجي يا مذهبي ڪنٽرول هيٺ نٿا اچي سگھن۔ ان ڪري مذهب هن معاملي کي رڳو نظرياتي يا فلسفي انداز ۾ نہ، پر عملي طور سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇو تہ خاندان ۽ وراثت جو سڄو نظام عورت جي زرخيزي سان ڳنڍيل آهي، تنھنڪري ان کي اخلاقي ضابطن جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح عزت، حيا ۽ فرمانبرداري جھڙا تصور خاص طور عورتن سان لاڳاپي ۾ رکيا وڃن ٿا تہ جيئن سماجي نظام کي برقرار ۽ مستحڪم رکيو وڃي۔ عورتن تي ڪنٽرول کي سڌي زبردستي طور پيش ڪرڻ بدران، ان کي اخلاقي قدرن جي صورت ۾ لڪائي پيش ڪيو وڃي ٿو. عزت، حيا ۽ فرمانبرداري جھڙن لفظن ذريعي اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو تہ اهي سڀ ڳالھيون “صحيح” ۽ “ضروري” آهن. نتيجي طور مردن جي برتري ۽ عورتن تي پابنديون عام ۽ فطري محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون، جڏهن تہ انهن جي خلاف آواز اٿارڻ يا پنهنجو فيصلو ڪرڻ کي غلط يا گناه سمجھيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح اخلاقي ٻولي استعمال ڪري ماڻهن کي يقين ڏياريو وڃي ٿو تہ هي نظام بلڪل درست آهي، ۽ ان کان هٽڻ کي اخلاقي يا روحاني غلطي طور پيش ڪيو وڃي ٿو۔ اهو پڻ حقيقت آهي تہ انهن مذهبن جي اندر هميشہ متبادل آواز موجود رهيا آهن، جھڙوڪ عورت عالم، سڌاري جون تحريڪون ۽ برابري جا خيال. پر تاريخ مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اهي آواز گھڻي عرصي تائين برقرار نہ رهي سگھيا، کين يا تہ دٻايو ويو يا آهستي آهستي ڪمزور ڪيو ويو. اهو معاملو صرف مذهبي قاعدن تائين محدود نہ هو، پر سماجي، معاشي ۽ سياسي طاقت پڻ ساڳي مرد مرڪزيت واري نظام جي هٿ ۾ هئي. شروعاتي مرحلن ۾ عورتن جي تحريڪن کي ڪجھ حد تائين قبوليت ملي، پر وقت سان گڏ انهن کي محدود ڪيو ويو يا اهڙي نموني تبديل ڪيو ويو جو آخرڪار ساڳيو پراڻو نظام وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. نتيجي طور برابري ۽ آزادي جا خيال پوئتي رهجي ويا، ۽ طاقت وري بہ مردن وٽ ئي مرڪوز رهي۔ مذهب رڳو ڪجھ خيالن يا عقيدن جو مجموعو نہ رهيو آهي، بلڪہ اهو سماج جو هڪ مضبوط ۽ گهرو حصو بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن اهو صرف ذاتي ايمان تائين محدود هجي ها تہ ان ۾ تبديلي آڻڻ شايد آسان هجي ها، پر حقيقت ۾ مذهب خاندان، طبقاتي ڍانچي، ملڪيت، قانونن ۽ روايتن سان گھڻو ڳنڍيل آهي، جنهن ڪري ان کي تبديل ڪرڻ ايترو سولو ناهي۔ ٻي اهم ڳالھ اها آهي تہ مذهب رڳو قانونن ذريعي نہ هلي ٿو. قانون ماڻھوءَ کي زبردستي روڪي سگھي ٿو، پر مذهب ماڻهن جي اندروني سوچ ۽ احساسن تي اثر انداز ٿئي ٿو. ماڻهن کي اهو يقين ڏياريو وڃي ٿو تہ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي، اهو درست ۽ جائز آهي. هن عمل ۾ مذهبي ڪهاڻيون اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جيڪي صرف قصا نہ، پر ماڻهن جي سوچ، خوف، خواهشن ۽ ذميوارين کي اهڙي نموني ترتيب ڏين ٿيون جو سڄو نظام کين قدرتي ۽ صحيح لڳڻ لڳي. نتيجي طور ماڻھو بغير ڪنهن زبردستي جي بہ ان کي پاڻمرادو قبول ڪرڻ لڳن ٿا۔ مذهبي ڪهاڻيون رڳو پراڻا قصا نہ آهن، بلڪہ اهي انسان جي سوچ، فيصلن ۽ اخلاقي قدرن کي ترتيب ڏين ٿيون. انهن ذريعي ماڻهن کي سيکاريو وڃي ٿو تہ ڇا سٺو آهي ۽ ڇا خراب، ۽ ڪير صحيح آهي يا غلط. خاص طور عورتن بابت، سندس جسم، جنسيت (جنسي تعلقات)، عزت، حيا ۽ فرمانبرداري سان لاڳاپيل تصور گھڻو ڪري انهن ئي ڪهاڻين جي ذريعي ٺهن ٿا ۽ سماج ۾ مضبوط ٿين ٿا۔ حوا جو مثال هن ڳالھ کي واضح ڪري ٿو. علم حاصل ڪرڻ هڪ فطري خواهش آهي، پر جڏهن هن اهو قدم کنيو تہ ان کي نافرماني قرار ڏنو ويو، ۽ سزا صرف سندس ذات تائين محدود نہ رهي، پر سڄي انسانيت سان ڳنڍي وئي. هتي پيغام اهو ڏنو ويو تہ عورت جي پنهنجي مرضي سان عمل ڪرڻ کي خطري طور ڏٺو وڃي. اهڙي نموني جا مثال ٻين روايتن ۾ بہ ملن ٿا، جتي درائوپادي، ڪيڪئي يا ٻين مذهبي تعبيرن ۾ عورت کي اڪثر اهڙي شخصيت طور پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪا نظام لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿي. نتيجي طور ماڻهن جي ذهنن ۾ اڳ ئي اهو تصور ويهاريو وڃي ٿو تہ عورت جي آزادي يا بغاوت غلط يا خطرناڪ آهي۔ نتيجي طور قانون صرف ٻاهرين زبردستي طور لاڳو نٿو ٿئي، بلڪہ ماڻھو ان کي پنهنجي اندر ئي صحيح سمجھي قبول ڪرڻ لڳن ٿا، جنهن ڪري عورت جي خودمختياري نامناسب لڳڻ لڳي ٿي، ۽ عزت، حيا ۽ فرمانبرداري کي ئي درست رستو تصور ڪيو وڃي ٿو۔ اسلامي روايتن ۾ عورت جو ڪردار ٻن مختلف صورتن ۾ نظر اچي ٿو. قرآن ۾ عورت کي سڌي طرح قصوروار يا منفي انداز ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي، پر بعد ۾ پيدا ٿيل تفسيرن، فقهي راين ۽ ڪجھ روايتن ۾ عورت کي اڪثر “ڪمزور” يا “فريبڪار” طور بيان ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح وقت سان گڏ عورت جي هڪ منفي تصوير آهستي آهستي ٺهي ۽ مضبوط ٿيندي وئي۔ ٻئي پاسي، مريم جھڙيون عورتون مثالي صورت ۾ پيش ڪيون ويون، جن کي عزت، پاڪدامني ۽ فرمانبرداري جي علامت بڻايو ويو. پر هتي بہ ساڳيو اصول قائم رهيو: عورت جي تعريف تڏهن ئي ڪئي وڃي ٿي جڏهن هوءَ مڪمل فرمانبردار هجي ۽ پنهنجي مرضي سان آزاد فيصلا نہ ڪري۔ ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو تہ عورت کي ٻن انتهاوَن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، يا تہ گناه جو سبب، يا مڪمل فرمانبردار مثالي ڪردار ۽ ٻنھي حالتن ۾ سندس ذاتي اختيار ۽ خودمختياري محدود ٿي وڃي ٿي۔ عورت جي خودمختياري کي بار بار خطري يا غلطي طور پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري جڏهن بہ عورت پنهنجي مرضي سان ڪو فيصلو ڪري ٿي تہ ان کي نقصان يا بي ترتيبي سان ڳنڍيو وڃي ٿو، ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ويهي وڃي ٿو تہ عورت جي آزادي پاڻ ۾ ئي مسئلو آهي. ساڳئي وقت، قانون يا ضابطا اوچتو لاڳو نٿا ڪيا وڃن، بلڪہ ماڻهن جي سوچ اڳ ئي مذهبي ۽ سماجي خيالن ذريعي اهڙي طرح تيار ڪئي وڃي ٿي، جتي عورت لاءِ حدون، فرمانبرداري ۽ “تحفظ” کي صحيح سمجھيو وڃي ٿو. نتيجي طور جڏهن قانون سامهون اچي ٿو تہ ماڻھو ان کي قدرتي ۽ جائز سمجھي قبول ڪن ٿا، ۽ ان جي مخالفت کين غلط يا غير اخلاقي محسوس ٿئي ٿي۔ مذهب ۾ شادي کي رڳو ذاتي يا جذباتي لاڳاپو نہ سمجھيو وڃي ٿو، بلڪہ اهو هڪ منظم نظام بڻجي وڃي ٿو جيڪو عورت جي جسم، جنسي لاڳاپن، زندگي، اولاد ۽ وراثت کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. شادي کان پوءِ عورت اڪثر ڪنهن نہ ڪنهن مرد جي نگراني هيٺ رهي ٿي، پهريان پيءُ، پوءِ مڙس ۽ پوءِ پٽ ۽ اهم فيصلا گھڻو ڪري مرد جي هٿ ۾ هوندا آهن. عزت ۽ پاڪدامني جا تصور بہ خاص طور عورت سان ڳنڍيا وڃن ٿا، جتي عورت کان مڪمل پاڪدامني جي اميد رکي وڃي ٿي، جڏهن تہ مردن جون غلطيون، جنسي تعلقات عام يا معاف لائق سمجھيون وڃن ٿيون. نتيجي طور عورت جي معمولي لغزش بہ وڏي بدنامي يا سزا جو سبب بڻجي سگھي ٿي، ۽ اهڙي طرح هي سڄو نظام عورت کي سماجي طاقت ۽ اختيار کان پري رکي ٿو۔ ڪيترن مذهبن ۾ عورت جي حيض، زچگي ۽ ماءُ ٿيڻ جھڙا فطري عمل هڪ طرف اهم ۽ معنيٰ خيز سمجھيا وڃن ٿا، پر ساڳئي وقت انهن کي “ناپاڪ” يا مخصوص حدن سان بہ ڳنڍيو وڃي ٿو. انھيءَ سبب عورتن کي اهڙن ڏينھن ۾ عبادتن يا مقدس جڳهن کان پري رکيو وڃي ٿو. ساڳي طرح قانوني معاملن ۾ بہ فرق رکيو وڃي ٿو، جھڙوڪ وراثت، طلاق يا شاهدي ۾ عورت کي مرد جي برابر حيثيت نہ ملي ٿي. ٻي طرف ماءُ کي وڏي عزت ڏني وڃي ٿي ۽ کيس خاندان جو مرڪز قرار ڏنو وڃي ٿو، پر اها عزت مڪمل آزادي يا اختيار ۾ تبديل نٿي ٿئي. ان جي ابتڙ، “ذميواري” جي نالي تي عورت کي وڌيڪ حدن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ سماجي نظام ساڳيو ئي برقرار رهي ٿو۔ عورتن تي مذهب ۽ سماج جو اثر رڳو قانون يا زبردستي ذريعي قائم نٿو رهي، بلڪہ اهو هڪ ڊگھي تربيتي عمل جو نتيجو هوندو آهي. ننڍپڻ کان ئي عورتن کي سيکاريو وڃي ٿو تہ سندن عزت پاڪدامني، حيا ۽ فرمانبرداري ۾ آهي، جنهن ڪري هو پاڻ ئي انهن قدرن کي صحيح سمجھڻ لڳن ٿيون. جڏهن ماڻھو پاڻ ئي انهن ضابطن کي قبول ڪن ٿا، تڏهن نظام کي زبردستي جي ضرورت نٿي رهي ۽ اهو ذهنن اندر ئي مضبوط ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪا عورت انهن حدن کان ٻاهر نڪري ٿي، تہ کيس بدنامي، اڪيلائپ يا ڪڏهن ڪڏهن تشدد ۽ قتل تائين جا نتيجا ڀوڳڻا پون ٿا. اهڙيءَ طرح هي نظام نہ رڳو ٻاهرين دٻاءَ تي هلندو آهي، پر اندروني دٻاءَ ذريعي بہ ماڻهن کي بغاوت کان روڪي ٿو۔ عورتون اهڙي مرد مرڪزيت واري مذهبي نظام ۾ ان ڪري بہ رهنديون آهن، ڇو تہ مذهب رڳو پابنديون نٿو لڳائي، پر سڃاڻپ، مقصد ۽ برادري جو احساس بہ ڏئي ٿو. ڪيترين عورتن لاءِ مذهب زندگي جو مرڪز هوندو آهي، ۽ ان کان پري ٿيڻ جو مطلب اڪيلائپ، سماجي بائڪاٽ يا پنھنجن ويجھن ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ ٿي سگھي ٿو. سماجيات ۾ هن صورتحال کي “پدرشاهي سودو” سڏيو وڃي ٿو، جتي عورتون تحفظ، برادري جا فائدا ۽ روحاني عزت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجھ پابنديون ۽ غلامي قبول ڪن ٿيون۔ پر ان جو مطلب اهو ناهي تہ عورتون بيخبر يا بي وس آهن. اهي پنهنجي حالتن کي سمجھي، پنهنجي جي اندر ئي ڪجھ آزادي جا رستا پيدا ڪن ٿيون، ڪڏهن روايتن کي ٿورو موڙي، تہ ڪڏهن پنهنجي لاءِ ننڍيون جڳهيون ٺاهيندي. تنھن هوندي بہ بنيادي تضاد برقرار رهي ٿو: عورت کي عزت تہ ملي ٿي، پر حقيقي اختيار نٿو ملي. ان فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو معمولي يا سطحي سڌارا ڪافي ناهن، بلڪہ وڌيڪ گھري ۽ بنيادي تبديلي جي ضرورت آهي۔ اصل ڳالھ اها آهي تہ مذهب جو بنيادي ڍانچو اڄ بہ گھڻو تبديل ٿيل نظر نٿو اچي. طاقت اڃا بہ گھڻو ڪري مردن وٽ مرڪوز آهي، جڏهن تہ عورت اڪثر ماتحت حيثيت ۾ رکيل آهي. مذهب عورت کي عزت، پاڪيزگي ۽ اخلاق جي علامت تہ بڻائي ٿو، پر ساڳئي وقت سندس زندگيءَ جا اهم فيصلا، جھڙوڪ شادي، طلاق، جسم يا ذاتي چونڊون سندس پنهنجي ڪنٽرول ۾ نٿو ڏئي. مذهب مردن کي برادري، سهارو ۽ زندگيءَ جو مقصد ڏئي ٿو، جڏهن تہ عورتن لاءِ اهي فائدا اڪثر هڪ شرط سان ڳنڍيل هوندا آهن: فرمانبرداري. جيڪڏهن عورت انهن حدن اندر رهي ٿي تہ کيس قبوليت ملي ٿي، ٻي صورت ۾ کيس رد يا نظرانداز ڪيو وڃي ٿو۔ جڏهن مذهب قانوني ۽ سماجي نظام جي صورت اختيار ڪئي، تڏهن اهڙا قاعدا ٺهيا جيڪي گھڻو ڪري عورتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ مردن جي طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪندا رهيا. ان ڪري رڳو ننڍن يا سطحي سڌارن سان ڪا وڏي تبديلي ممڪن ناهي. جيڪڏهن حقيقي فرق آڻڻو آهي، تہ پوءِ هن نظام جي بنيادي سوچ ۽ ڍانچي کي ئي تبديل ڪرڻ ضروري ٿيندو۔ مذهب صديون ان ڪري قائم رهيو آهي، جو هن عورتن کي اهو سيکاريو آهي تہ هو پنهنجي زندگيءَ جي تضادن کي بہ قبول ڪن ۽ انهن کي ئي “سٺو” يا “مقدس” سمجھن. عورت کي عزت ۽ اهميت تہ ڏني وڃي ٿي، پر ساڳئي وقت کيس ڪنٽرول ۽ پابندين کي بہ برداشت ڪرڻو پوي ٿو. کيس ماءُ، عزت ۽ اخلاق جي علامت بڻايو وڃي ٿو، پر پنهنجي زندگيءَ جا اهم فيصلا ڪرڻ جو مڪمل اختيار کيس حاصل نٿو ٿئي۔ جيڪڏهن مذهب واقعي عورتن جي اهميت کي سچي معنيٰ ۾ تسليم ڪرڻ چاهي ٿو، تہ پوءِ ان کي عورتن تي موجود ڪنٽرول ختم ڪرڻو پوندو. پر حقيقت ۾ اڃا تائين اهڙي ڪا بنيادي تبديلي نظر نٿي اچي. برابري ۽ حقن بابت ڳالھيون ضرور ڪيون وڃن ٿيون، پر اصل طاقت اڃا بہ مردن وٽ ئي مرڪوز آهي. هلڪا ڦلڪا سڌارا يا نرم بيان هن مسئلي جو حل ناهن، ڇاڪاڻ⁠تہ بنيادي ڍانچو اڃا بہ ساڳيو ئي برقرار آهي۔ مسئلو رڳو مٿين سطح تي نہ آهي، پر سڄي نظام جي بنياد ۾ موجود آهي. جيستائين مذهب عورت بابت پنهنجا بنيادي خيال تبديل نٿو ڪري، جھڙوڪ عزت کي فرمانبرداري سان ۽ حيا کي خاموشي سان ڳنڍڻ، تيستائين حقيقي برابري حاصل نہ ٿي سگھي. ان لاءِ صرف سطحي سڌارا ڪافي ناهن، بلڪہ سوچ، قانون ۽ سماجي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ ضروري آهي۔