ايڊيٽوريل

سماجي ڪارڪن اسد شيرين جو مئير ڪراچي مرتضي وهاب کي خط:

آوارہ ۽ بي زبان جانورن کي مارڻ بدران پناه گاهون، ويڪسينيشن ۽ آباديءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن سماجي ڪارڪن شيرين اسد جو مطالبو

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-١١-٠٣
سماجي ڪارڪن، عورتن ۽ ٽرانسجينڊر جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ شيرين اسد، ڪراچي ۾ آوارہ ڪتن ۽ ٻين بي زبان جانورن بابت اختيار ڪيل پاليسي ۽ انهن کي مارڻ جي امڪاني فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن اهڙن فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ انسانيت تي ٻڌل متبادل قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي. شيرين اسد پنهنجي خط ۾ لکيو آهي تہ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رستن تي ڪتا ۽ ٻيا آوارہ جانور موجود آهن، پر انهن سڀني کي بيمار يا خطرناڪ قرار نٿو ڏئي سگھجي. هن جو چوڻ آهي تہ جيڪي جانور بيمار آهن، انهن جي علاج ۽ سنڀال لاءِ بہ مختلف پاليسيون ۽ ادارا موجود آهن، تنھنڪري جانورن کي مارڻ ڪنهن بہ صورت ۾ مسئلي جو مناسب حل ناهي. خط ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي تہ جانور بہ هن ڌرتيءَ جا جاندار آهن ۽ کين بہ جيئڻ جو ايترو ئي حق حاصل آهي، جيترو انسانن کي. فرق رڳو اهو آهي تہ انسان طاقتور آهن، جڏهن تہ اهي بي زبان جانور پنهنجي حق ۾ ڳالھائڻ جي سگھ نٿا رکن. شيرين اسد ميئر ڪراچي کان مطالبو ڪيو آهي تہ آوارہ جانورن بابت ڪنهن بہ اهڙي فيصلي تي ٻيهر غور ڪيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ بي گناھ جانورن جون حياتيون ختم ٿين. هن اميد ظاهر ڪئي آهي تہ شهري حڪومت اهڙو ڪو قدم نہ کڻندي، جنهن سان جانورن کي مارڻ جي اجازت يا حوصلا افزائي ٿئي. جانورن جي تحفظ لاءِ متبادل تجويزون: شيرين اسد پنهنجي خط ۾ نشاندهي ڪئي آهي تہ آوارہ ڪتن جي وڌندڙ تعداد کي منھن ڏيڻ لاءِ شهر ۾ مناسب پناه گاهون قائم ناهن ڪيون ويون، نہ ئي انهن جي سارسنڀال ۽ ويڪسينيشن جو ڪو اثرائتو انتظام موجود آهي. سندس چوڻ آهي تہ جانورن جي آباديءَ کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ بہ گھربل اپاءَ ناهن ورتا ويا، جنهن سبب آخرڪار انهن کي مارڻ کي ئي مسئلي جو حل سمجھيو وڃي ٿو. هن ميئر ڪراچي کي تجويز ڏني آهي تہ آوارہ جانورن لاءِ محفوظ پناه گاهون قائم ڪيون وڃن، انهن جي ويڪسينيشن ۽ علاج جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ انهن جي آباديءَ کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ سائنسي ۽ اثرائتا طريقا اختيار ڪيا وڃن. شهري حڪومت خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو بہ اعلان. خط ۾ سماجي ڪارڪن وڌيڪ لکيو آهي تہ هوءَ اڳ ئي جانورن جي حقن جي تحفظ بابت هڪ پٽيشن تي صحيحون ڪري چڪي آهي. جيڪڏهن ان باوجود جانورن کي مارڻ بابت ڪو فيصلو ڪيو ويو تہ هوءَ ان خلاف آواز اٿاريندي ۽ شهري حڪومت جي فيصلي خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ بہ قدم کڻندي. شيرين اسد پنهنجي خط جي پڄاڻيءَ ۾ ميئر ڪراچي کي اپيل ڪئي آهي تہ هو بي زبان جانورن جي زندگين جي اهميت کي سمجھي، انهن جي تحفظ لاءِ آواز اٿاري ۽ اهڙيون پاليسيون اختيار ڪري، جيڪي مسئلي جو حل بہ هجن ۽ انسانيت جي اصولن سان بہ هم آهنگ هجن. سندس موقف آهي تہ آوارہ جانورن جي مسئلي کي تشدد يا سندن زندگيون ختم ڪرڻ بدران علاج، ويڪسينيشن، پناه ۽ آباديءَ تي ضابطي جھڙن قدمن ذريعي حل ڪرڻ گھرجي.