سنڌ

سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جو احتجاج.

سنڌ زرعي ڪيمپس عمرڪوٽ جي بحاليءَ لاءِ شاگردياڻين جو احتجاج ٽئين ڏينھن بہ جاري، سنڌ جي اديبن، شاگردن ۽ استادن کي جدوجھد ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل.

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-١١-١٣
عمرڪوٽ: سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي طرفان سنڌ زرعي ڪيمپس عمرڪوٽ جي بحاليءَ جي مطالبي لاءِ شاگردياڻين جو احتجاج مسلسل ٽئين ڏينھن بہ جاري. شاگردياڻيون پنهنجي تعليمي حقن جي حاصلات لاءِ روڊن تي نڪري آيون آهن، سندن چوڻ آهي تہ ڪيمپس جي غيرفعال هجڻ سبب علائقي جي شاگردن، خاص طور نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. احتجاج ڪندڙ شاگردياڻين جو چوڻ آهي تہ سندن جدوجھد ڪنهن بہ سياسي جماعت خلاف ناهي، پر اها مڪمل طور پرامن جدوجھد آهي ۽ هو پرامن طريقي سان ئي پنهنجو احتجاج جاري رکنديون. سندن بنيادي مطالبو سنڌ زرعي ڪيمپس عمرڪوٽ جي بحالي ۽ تعليمي سرگرمين جي ٻيهر شروعات آهي. شاگردياڻين موجب ڪيمپس جي بحالي نہ ٿيڻ سبب عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي نياڻين لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا محدود ٿي رهيا آهن، جنهن جا سندن تعليمي مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. شاگردياڻين موجب ڪيمپس جي بحالي نہ ٿيڻ سبب عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي نياڻين لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا محدود ٿي رهيا آهن، جنهن جا سندن تعليمي مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هنن سنڌ جي اديبن، دانشورن، شاگردن، استادن ۽ عمرڪوٽ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي تہ نياڻين جي تعليم ۽ ڪيمپس جي بحاليءَ واري پرامن جدوجھد واري تحريڪ ۾ سندن ساٿ ڏين ۽ ڀرپور آواز اٿارين. شاگردياڻين پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ زرعي ڪيمپس جي بحاليءَ تائين احتجاجي تحريڪ کي مقرر ڪيل شيڊول موجب جاري رکڻ جو اعلان ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تہ ڪيمپس کي ترت بحال ڪري تعليمي سرگرميون ٻيهر شروع ڪيون وڃن.