سنڌ

فلم “رنڪل” بابت اسڪرپٽ چوري جو تڪرار: مصور چوهاڻ جو الزام، اسد چانڊيو ترديد ڪري ڇڏي

اسد چانڊيو چيو آهي تہ رنڪل ڪماري ۽ ڀورو ڀيل جھڙا ڪيس عوامي جدوجھد سان لاڳاپيل آهن. سندس بقول: “اسان پنهنجون زندگيون داءُ تي لڳايون آهن، اسان جو صحافتي ڪم اوپن سورس آهي. جيڪو بہ اسان کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ان کي عوامي ڪم طور مڪمل معلومات ڏينداسين.

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-٠٣-١٠
سنڌ سان لاڳاپيل ٻن مشهور واقعي رنڪل ڪماري جي پس منظر تي فلم “رنڪل” جي ٽريلر سامھون اچڻ کانپوءِ اسڪرپٽ جي مبينا چوري بابت تڪرار پيدا ٿي ويو آهي. سنڌ جي نوجوان ليکڪ مصور چوھاڻ دعويٰ ڪئي آهي تہ سندس لکيل فلمي اسڪرپٽ چوري ڪري بالي ووڊ تائين پهچايو ويو آهي. جڏهن تہ آمريڪا ۾ رھندڙ سنڌي صحافي ۽ سياسي، سماجي ڪارڪن اسد چانڊيو انهن الزامن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. رنڪل ڪماري ۽ فلم بابت پڙھو. مصور چوھاڻ جو الزام مصور چوھاڻ موجب هن لڳ ڀڳ ٻن سالن جي مسلسل محنت سان اردو ٻولي ۾ تقريباً 200 صفحن تي مشتمل تحقيقي فلمي اسڪرپٽ “آءِ ايم ڀورو ڀيل” تيار ڪيو هو، جيڪو سندس چوڻ موجب ڀورو ڀيل ۽ رنڪل ڪماري جي واقعن ۽ انهن جي پس منظر تي ٻڌل هو. چوھاڻ جو چوڻ آهي تہ هن اهو اسڪرپٽ پي ڊي ايف فائل جي صورت ۾ صرف ٻن ماڻھن کي پڙھڻ لاءِ ڏنو هو، جن مان هڪ شخص هاڻي فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن تہ ٻيو شخص آمريڪا ۾ رھندڙ هڪ اڳوڻو سنڌي صحافي آهي. هن دعويٰ ڪئي آهي تہ تازو جاري ٿيل انڊين فلم “رنڪل” جي ٽريلر ۾ ڏيکاريل ڪيترائي منظر, جھڙوڪ اغوا، مذهب جي تبديلي ۽ پوليس ٿاڻي جا واقعا سندس اسڪرپٽ سان ملندڙ جلندڙ آهن. مصور چوھاڻ الزام هنيو آهي تہ سندس اسڪرپٽ مان واقعا ۽ خيال وٺي ڊائلاگ تبديل ڪيا ويا آهن ۽ فلم ۾ انڊين پروپيگنڊا شامل ڪئي وئي آهي. هن اها بہ دعويٰ ڪئي تہ فلم جي ٽريلر ۾ هڪ اڳوڻي سنڌي صحافي جو نالو “خاص مھرباني” طور شامل ڪيو ويو آهي. ليکڪ موجب فلم جي مڪمل رليز کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون سامھون اينديون. هن اعلان ڪيو آهي تہ هو جلد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ثبوت پيش ڪندو ۽ مبينا طور ذميوار شخص خلاف قانوني نوٽيس ۽ هرجاڻي جو ڪيس پڻ داخل ڪندو. اسد چانڊيو جو موقف آمريڪا ۾ رھندڙ سنڌي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن اسد چانڊيو مصور چوھاڻ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي تہ هن نہ تہ چوھاڻ جو اسڪرپٽ ڏٺو آهي ۽ نہ ئي ڪنهن کي وڪرو ڪيو آهي. اسد چانڊيو موجب ڪجھ سال اڳ رضا چانڊيو جي معرفت مصور چوھاڻ ساڻس رابطو ڪيو هو. سندس چوڻ آهي تہ چوھاڻ کيس ٻڌايو تہ هو ڀورو ڀيل جي ڪيس تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿو ۽ ان حوالي سان معلومات گھري رھيو آهي. چانڊيو جو چوڻ آهي تہ سندس سموري صحافتي ۽ سماجي جدوجھد هميشہ اوپن سورس رهي آهي ۽ هن پنهنجي آرٽيڪلز، تحقيق، جلسن ۽ تحريڪن بابت گھڻي معلومات فيس بڪ ۽ ٻين پليٽ فارمن تي عام طور تي شيئر ڪئي آهي. ان اهو بہ چيو تہ سندن ڀوري ڀيل بابت "مان ڀورو ڀيل آهيان" مضمون ڇاپيل آهي ۽ سماج ۾ مشهور پڻ ٿيل آهي. ياد رهي تہ مٿي ذڪر ٿيل ليکڪ مصور چوھاڻ انگريزي ۾ "آي ايم ڀورو ڀيل" نالي فلم جو ذڪر ڪيو آهي. تضاد ميڊيا طرفان آزادنہ طور تي تحقيق ڪئي وئي آهي تہ "مان ڀورو ڀيل آهيان" جي نالي سان مضمون صحافي اسد چانڊيو طرفان لکي وئي هئي. سندن مضمون سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيسبڪ، پروفائيل تي پيل آهي. اسد چيو تہ هن چوھاڻ کي صلاح ڏني هئي تہ ڀورو ڀيل جي ڪيس بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ سماجي ڪارڪن راج ڪمار وڻجاري سان بہ ملاقات ڪري، ڇاڪاڻ ⁠تہ ان جدوجھد ۾ راج ڪمار جو بہ اهم ڪردار رھيو آهي. اسد چانڊيو موجب ڪجھ وقت بعد کيس خبر پئي تہ مصور چوھاڻ، رضا چانڊيو ۽ راج ڪمار وچ ۾ ملاقات ٿي. بعد ۾ چوھاڻ ٻيهر رابطو ڪري ٻڌايو تہ فلم جي ڪهاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ اداڪار بہ طئي ٿي ويا آهن، پر کيس مالي مسئلو پيش اچي رھيو آهي. چانڊيو جو چوڻ آهي تہ هن واضح ڪيو تہ هو اهڙي منصوبي لاءِ مالي مدد ڏيڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي. راج ڪمار سان لاڳاپيل معاملو اسد چانڊيو جي مطابق بعد ۾ ڳالھين دوران کيس خبر پئي تہ مصور چوھاڻ مبينا طور راج ڪمار وڻجاري کان 50 هزار رپيا ورتا هئا. هن جو چوڻ آهي تہ جڏهن چوھاڻ ٻيهر راج ڪمار وٽ پئسا وٺڻ لاءِ ويو تہ رضا چانڊيو راج ڪمار کي صلاح ڏني تہ وڌيڪ پئسا نہ ڏنا وڃن. چانڊيو موجب ان واقعي کانپوءِ هن مصور چوھاڻ سان رابطو مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو. مھيش واسُو ۽ فلم “رنڪل” اسد چانڊيو موجب ڀارت ۾ رھندڙ فلمساز مھيش واسُو، جيڪو اصل ۾ سنڌي آهي ۽ سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي سان تعلق رکي ٿو، ساڻس رابطو ڪري رنڪل ڪماري جي واقعي تي فلم ٺاهڻ بابت ڳالھ ڪئي. چانڊيو جو چوڻ آهي تہ هن مھيش واسُو کي واضح ڪيو تہ هو رڳو واقعاتي معلومات مھيا ڪري سگھي ٿو، جڏهن تہ اسڪرپٽ لکڻ ۽ فلم ٺاهڻ جو ڪم فلمساز جو پنهنجو هوندو. سندس چوڻ آهي تہ مھيش واسُو کيس پنهنجو اسڪرپٽ موڪليو هو، پر مصروفيتن سبب هن تفصيل سان پڙھڻ جو وقت نہ ڪڍيو. هن چيو تہ فلم جي ٽريلر بابت کيس بہ ايتري ئي ڄاڻ آهي جيتري ٻين ماڻھن کي آهي. فلم جي ٽريلر آخر ۾ خاص مھربان طور تي ٻن ماڻھن جا نالا شامل آهن جن ۾ راج وڻجارو جيڪو هاڻ فوت ٿي چُڪو آهي ۽ اسد چانڊيو جيڪو هاڻ آمريڪا ۾ رھائش‌پزير آهي. رضا چانڊيو جو تبصرو رضا چانڊيو بہ سوشل ميڊيا تي هن تڪرار بابت تبصرو ڪندي چيو تہ مصور چوھاڻ جي اسد چانڊيو ۽ راج ڪمار ونجارا سان ملاقات سندس معرفت ٿي هئي. “اسد ۽ راج منھنجا دوست آهن ۽ مون ئي مصور چوھاڻ کي انهن سان ملرايو هو. ان کانپوءِ جيڪو ڪجھ ٿيو، ان بابت مصور مون کي آگاہ نہ ڪيو، جڏهن ⁠تہ اسد ۽ راج مون سان مسلسل شيون شيئر ڪندا رھيا.” هن وڌيڪ چيو تہ هو اسد چانڊيو ۽ راج ڪمار رڻجاري کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو ۽ انهن ماڻھن سنڌي هندو نياڻين جي مسئلن تي پنهنجي وس کان وڌيڪ جدوجھد ڪئي آهي. رضا چانڊيو موجب اهڙن ماڻھن تي الزام لڳائڻ مناسب عمل ناهي. پس منظر اسد چانڊيو ۽ سماجي ڪارڪن راج ڪمار وڻجارو ماضي ۾ سنڌ جي سياسي ۽ قومپرست ۽ سياسي ڪارڪنن جي قتل ۽ جبري گمشدگين، سنڌي هندو برادري سان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي جبري مذهب تبديلين ۽ اغوا جي ڪيسن بابت آواز اٿاريندا ۽ جدوجھد رھيا آهن. انهن ڪيسن ۾ خاص طور تي رنڪل ڪماري (2012) جو واقعو عالمي سطح تي بحث جو موضوع بڻيو هو، جڏهن تہ ڀورو ڀيل جو ڪيس پڻ اقليتي برادري خلاف ٿيندڙ مبينا زيادتين جي حوالي سان اهم مثال طور پيش ڪيو ويندو رھيو آهي. موجودہ صورتحال فلم “رنڪل” جي ٽريلر جاري ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل هن تڪرار بابت حتمي حقيقتون اڃا سامھون نہ آيون آهن. مصور چوھاڻ جلد ثبوت پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن تہ اسد چانڊيو انهن الزامن کي اهو چئي رد ڪري ڇڏيو آهي تہ سندن ڪم قومي ۽ اوپن سورس ڪم آهي ڪنھن جي ذاتي فائدي لاءِ يا ملڪيت ناهي.