سنڌ
سنڌوُ درياھہ جو پاڻي شهرين جي صحت لاءِ خطرو بڻجي ويو
پاڻي اندر زهريلي ۽ هاڃيڪار جزن جي خطرناڪ حد تائين واڌ جو انڪشاف
درياھ سنڌ جي پاڻيءَ ۾ زهريلي ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار جزن جي مقدار خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سبب ڄامشوري، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي صحت لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويو.
انجنيئر ڪوٽڙي بئراج، سپرنٽنڊنگ انجنيئر سرڪل حيدرآباد کي خط لکي پاڻيءَ ۾ ٽي ڊي ايس (TDS) جي وڌندڙ مقدار بابت آگاه ڪري ڇڏيو آهي.
خط موجب، سيپٽمبر مھيني ۾ درياھ سنڌ جي پاڻيءَ ۾ ٽي ڊي ايس جي مقدار 660 ملي گرام في ليٽر هئي، جيڪا پهرين آڪٽوبر تي وڌي 940 ملي گرام في ليٽر تائين پهچي وئي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ پاڻيءَ ۾ ٽي ڊي ايس جي مقدار وڌڻ سبب ڄامشوري، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي شهرين لاءِ اهو پاڻي صحت جي حوالي سان هاڃيڪار بڻجي ويو آهي.
لاڳاپيل عملدارن شهرين کي اپيل ڪئي آهي تہ درياھ سنڌ جو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال نہ ڪن.
لاڳاپيل عملدارن موجب، گندو پاڻي واپرائڻ سان گڙدن، ڪاري سائي، چمڙي ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو خدشو آهي، جڏهن تہ ترت اپاءَ نہ ورتا ويا تہ انساني صحت جو وڏو بحران پيدا ٿي سگھي ٿو.
خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي تہ منڇر ڍنڍ ۽ مٽياري شگر مل جو گندو پاڻي درياھ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، جڏهن تہ سکر بئراج کان ڪوٽڙيءَ ڏانھن ترت وڌيڪ مٺو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي.