سنڌ
جھنگلي جيوت کاتي سنڌ جي ڪارروائي
ڄامشورو ضلعي ۾ جھنگلي جيوت کاتي جي ڪارروائي، هڪ هزار ست سئو مئل جھنگلي پکي هٿ، 5 جوابدار گرفتار.
ڄامشورو ضلعي ۾ جھنگلي جيوت کاتي جي ڪارروائي، 1700 مئل جھنگلي پکي هٿ ڪري 5 جوابدار گرفتار.
گرفتار جوابدارن تي الزام آهي تہ اهي پکين کي ڄار وسيلي پڪڙي فريزر ۾ محفوظ ڪندا هئا ۽ انهن جو گوشت مختلف ضلعن ۾ وڪرو ڪندا هئا.
جھنگلي جيوت کاتي موجب هٿ ڪيل پکين ۾ بيبلر، ڪوٽس، ملارڊ، پن ٽيلز ۽ ٻين قسمن جا پکي شامل آهن، جيڪي ڪٺل حالت ۾ هٿ آيا، جڏهن تہ انهن جي کل ۽ کنڀ پڻ موجود هئا.
جھنگلي پکين کي حلال قرار ڏئي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف، 700 کان وڌيڪ پکي غير حلال قرار ڏنل نسلن جا هئا:چيف ڪنزرويٽر جاويد احمد مھر
جھنگلي جيوت کاتي جي چيف ڪنزرويٽر جاويد احمد مھر ٻڌايو تہ گرفتار جوابدار مبينا طور جھنگلي پکين کي کائڻ لائق ۽ حلال قرار ڏئي وڪرو ڪندا هئا، جڏهن تہ هٿ ڪيل پکين ۾ 700 کان وڌيڪ اهڙا پکي بہ شامل آهن، جن کي کائڻ لاءِ حلال تصور نٿو ڪيو وڃي.
سندس چوڻ موجب جھنگلي پکين جي غيرقانوني واپار جو معاملو رڳو گوشت جي وڪري تائين محدود ناهي، پر اهو جھنگلي جيوت جي تحفظ سان پڻ لاڳاپيل آهي، ڇاڪاڻ تہ هر نسل ماحولياتي نظام ۾ پنهنجي الڳ اهميت رکي ٿي.
جھنگلي پکين جو شڪار ڪري گوشت ڪيئن وڪرو ڪيو ويندو هو؟
جھنگلي جيوت کاتي موجب جوابدار ڄارن ذريعي جھنگلي پکين کي پڪڙيندا هئا، جن کي ڪُهڻ بعد فريزرن ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو ۽ آرڊر ملڻ تي مختلف ضلعن جي مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ موڪليو ويندو هو.
گرفتار جوابدارن ۾ امام بخش ملاح، نظام الدين ملاح، راشد سولنگي، شاهنواز سولنگي ۽ سلطان ملاح شامل آهن، جن خلاف سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن ايڪٽ 2020ع تحت ڪيس نمبر 11 داخل ڪيو ويو آهي.
کاتي موجب ڪيس کي مختصر عدالتي ڪارروائي (سمري ٽرائل) لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڄامشورو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
ڇھ سالن دوران جھنگلي جيوت بابت 440 ڪيس داخل
جھنگلي جيوت کاتي جي انگن اکرن موجب 2020ع کان 2026ع تائين جھنگلي جيوت بابت قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مجموعي طور 440 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
انهن مان 309 ڪيسن جا فيصلا عدالتون ٻڌائي چڪيون آهن، جڏهن تہ 131 ڪيس اڃا تائين ٻڌڻي هيٺ آهن.
چيف ڪنزرويٽر جاويد احمد مھر موجب انهن ڪيسن ۾ سزا ملڻ جي شرح 70 سيڪڙو آهي
هن ٻڌايو تہ جھنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ سرڪاري سطح تي ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ لاڳاپيل قانونن جو نئين سر جائزو وٺي منظوري ڏيڻ، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن لاءِ سزائن ۽ ڏنڊن ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ڪيسن جا تڪڙا فيصلا ڪرڻ لاءِ سمري ٽرائل جو طريقيڪار متعارف ڪرائڻ شامل آهن.
سندس چوڻ موجب سيشن جج جي عدالت کي ٽرائل ڪورٽ جو درجو ڏنو ويو آهي، تہ جيئن جھنگلي جيوت بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو عمل تيز ڪري سگھجي.
جھنگلي جيوت کاتي موجب ڄامشورو، دادو، قمبر، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعا جھنگلي پکين جي غيرقانوني واپار جا اهم مرڪز شمار ٿين ٿا.
انهن علائقن ۾ پکين جي غيرقانوني شڪار ۽ واپار جي روڪٿام لاءِ قلم 144 تحت پابندي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي.