خبرون

ايس يو پي سنڌ اندر صوبن جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو

سنڌ جي وحدت، خودمختياري ۽ وسيلن تي ڪو بہ سمجهوتو ڪون ٿيندو: سيد زين شاھ

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-١١-١١
ايس يو پي سنڌ ورهائڻ جون تجويزون ۽ نيون آئيني ترميمون صوبي جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت خلاف سازشون قرار ڏئي ڇڏيون سکر: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاه چيو آهي تہ سنڌ جي وحدت، صوبائي خودمختياري، وسيلن ۽ سامونڊي پٽيءَ تي ڪوبہ ٺاه نہ ڪيو ويندو، جڏهن تہ سنڌ کي ورهائڻ يا نوان صوبا ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جون تجويزون صوبي جي تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت خلاف سازشون آهن. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاھ چيو تہ نون صوبن يا انتظامي يونٽن جي نالي تي ڪا بہ آئيني ترميم وفاقي نظام، صوبائي خودمختياري ۽ جمھوري حقن جي ابتڙ هوندي. سندس چوڻ هو تہ نون صوبن بابت بحث انتظامي ضرورت نہ، پر صوبن جي خودمختياري ۽ وفاق جي استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي. سيد زين شاه چيو تہ مڪاني حڪومتن جي نظام ۾ شفاف چونڊون ۽ سخت احتساب ٿيڻ گھرجي. هن يونين ڪائونسل سطح کان مٿي تائين اربين ۽ کربين رپين جي مبينا ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. هن وڌيڪ چيو تہ ايس يو پي سنڌ جي حقن ۽ قومي معاملن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سياسي ۽ عوامي رابطا مھم شروع ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ سامونڊي پٽيءَ جي تحفظ لاءِ جدوجھد جاري رهندي.