تجزيا

فرض ڪريو تہ نوان صوبا ٺاهڻ بابت ريفرنڊم ڪرايو وڃي ٿو: بينظير شاھ

جيڪڏهن اڪثريت ان تجويز جي حق ۾ ووٽ ڏئي ٿي، تڏهن به اهو ضروري ناهي ته ان کي سڀني ڌرين جو اتفاقِ راءِ قرار ڏئي سگهجي.

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-١١-١٨
فرض ڪريو تہ پاڪستان ۾ 12 يا 14 نوان صوبا ٺاهڻ بابت ريفرنڊم ڪرايو وڃي ٿو. جيڪڏهن اڪثريت ان تجويز جي حق ۾ ووٽ ڏئي ٿي، تڏهن بہ اهو ضروري ناهي تہ ان کي سڀني ڌرين جو اتفاقِ راءِ قرار ڏئي سگھجي. ان کان علاوہ، ڇا نون صوبن جي قيام جھڙي انتهائي پيچيدہ معاملي کي رڳو ها يا نہ جي سادي چونڊ تائين محدود ڪري سگھجي ٿو؟ مثال طور، جيڪڏهن ووٽ ها ۾ اچي ٿو تہ ڇا ان جو مطلب اهو ٿيندو تہ ووٽرن تجويز ڪيل 12 صوبن جي حدبندين، مالي انتظامن، پاڻيءَ سميت وسيلن جي ورڇ، سينيٽ ۾ نمائندگي ۽ انتظامي ڍانچي جي بہ منظوري ڏئي ڇڏي آهي؟ انهن سمورن معاملن بابت فيصلا آخر ڪير ڪندو؟ ۽ جيڪڏهن مستقبل ۾ اهي انتظام مسئلا پيدا ڪن ٿا تہ ان جي ذميواري ڪنهن تي لاڳو ٿيندي؟ (مثال طور، برڪسٽ جو معاملو) اهو ئي سبب آهي جو چونڊيل نمائندن جي ڪردار کي رڳو عوامي ووٽ جي نتيجي تي عمل ڪندڙ ماڻهن تائين محدود نٿو ڪري سگھجي. سندن ذميواري رڳو عوامي راءِ تي عمل ڪرڻ نہ، پر ان جي امڪاني نتيجن تي بحث ڪرڻ، وقت جي تعين بابت صلاح مشورا ڪرڻ، ڌرين وچ ۾ اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ ۽ ضروري قانونسازي ڪرڻ پڻ آهي.