سنڌ
ڌرتي ٽي وي بند؟ پيمرا جي نئين فهرست ۾ نالو غائب، 100 کان وڌيڪ سنڌي صحافي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو
پيمرا جي نئين لائسنس فهرست ۾ ڌرتي ٽي وي جو نالو غائب، مھراڻ ٽي وي جي جاءِ تي اردو “14 نيوز” درج، چينل بند ٿيڻ سان 100 کان وڌيڪ سنڌي صحافين جي بيروزگار ٿيڻ جو خدشو.
سنڌي ٻولي جو ٽي وي چينل ڌرتي ٽي وي پيمرا جي دستاويزن موجب بند ٿي ويو آهي. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) طرفان جاري ڪيل سيٽلائيٽ ٽي وي چينلن جي نئين لائسنس لسٽ ۾ بہ ان جي تصديق ٿي وئي آهي، جتي چينل جو نالو هاڻي سرڪاري فهرست ۾ موجود ناهي. چينل جي بند ٿيڻ سان 100 کان وڌيڪ سنڌي صحافين جي روزگار وڃائڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
ڌرتي ٽي وي کي بند ڪري ان جي جاءِ تي اردو نيوز چينل شروع ڪرڻ جون خبرون ڪافي عرصي کان گردش ۾ هيون. رپورٽن ۾ چيو پئي ويو تہ انتظاميا سنڌي ٻولي جي چينل کي ختم ڪري اردو نيوز چينل آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي. پر چينل انتظاميا انهن خبرن جي مسلسل ترديد ڪندي رهي ۽ اندروني ذريعن موجب سنڌي عملي کي يقين ڏياريو ويندو رهيو تہ چينل بند نہ ڪيو ويندو.
هاڻي پيمرا طرفان جاري ڪيل نئين لسٽ انهن خبرن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي. فهرست موجب مھراڻ ٽي وي (پرائيويٽ) لميٽيڊ، جنهن ڪمپني جي نالي تي ڌرتي ٽي وي جو لائسنس جاري هو لسٽ ۾ سيريل نمبر 36 تي شامل آهي. پر ان جي سامهون هاڻي ڌرتي ٽي وي بدران “نيوز 14 ايڇ ڊي” نالي اردو نيوز چينل درج آهي، جڏهن تہ ڌرتي ٽي وي جو ڪٿي بہ ذڪر موجود ناهي. ٻين سنڌي ٽي وي چينلن جا نالا فهرست ۾ برقرار آهن.
ڌرتي ٽي وي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ سنڌ جي صوبائي وزير علي حسن زرداري جي ملڪيت سمجھيو ويندو آهي. سندس سنڌي ٻولي جي چينل کي بند ڪري ان جي جاءِ تي اردو چينل آڻڻ واري فيصلي تي ميڊيا حلقن ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن.
ذريعن جو چوڻ آهي تہ تبديلي جو عمل ڪجھ وقت کان خاموشي سان جاري هو. ڌرتي ٽي وي جي آفيس اندر نئين اردو چينل نيوز 14 لاءِ مڪمل اسٽوڊيو سيٽ اپ اڳ ئي لڳايو ويو آهي ۽ اردو ڳالھائيندڙ عملي کي بہ ڀرتي ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ سنڌي ملازمن کي آخري وقت تائين ان بابت واضح ڄاڻ نہ ڏني وئي.
ڌرتي ٽي وي ۾ ڪم ڪندڙ صحافين تضاد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ چينل جي انتظاميا کين ڊگھي عرصي تائين يقين ڏياريندي رهي تہ سنڌي چينل بند نہ ڪيو ويندو ۽ اردو چينل رڳو گڏ هلندو. صحافين موجب، عملي کي بار بار اها ئي ڳالھ ٻڌائي وئي تہ سندن نوڪريون محفوظ آهن، پر هاڻي صورتحال بلڪل ابتڙ سامهون آئي آهي.
ڌرتي ٽي وي جي بندش کي پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي جي نشريات لاءِ هڪ وڏو ڌڪ قرار ڏنو پيو وڃي. نقادن جو چوڻ آهي تہ مقامي ٻولين جي ميڊيا اڳ ئي ڪيترين مشڪلاتن کي منھن ڏئي رهي آهي، ۽ اهڙيون تبديليون سنڌي ميڊيا کي وڌيڪ ڪمزور ڪري سگھن ٿيون.