پاڪستان

اسلام آباد ۾ عورت مارچ کان اڳ پوليس ڪارروائي، ڊاڪٽر فرزانہ باري سميت ڪارڪن حراست ۾

اسلام آباد ۾ عالمي عورتن جي ڏينهن تي رٿيل عورت مارچ کان اڳ پوليس سيڪشن 144 تحت ڊاڪٽر فرزانہ باري سميت ڪيترن ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو، جڏهن تہ رپورٽن موجب انتظاميا لال مسجد سان لاڳاپيل ام حسن جي شرط تحت عورت مارچ کي اجازت نہ ڏني.

شايع ٿيل: ٢٠٢٦-٠٣-٠٨
اسلام آباد ۾ عالمي عورتن جي ڏينهن جي موقعي تي آچر تي رٿيل عورت مارچ کان اڳ پوليس ڪيترين ئي عورت حقن جي ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جن ۾ عورت مارچ سان لاڳاپيل منتظمين ۽ سماجي اڳواڻ شامل آهن. پوليس ذريعن موجب ڪارڪنن کي سيڪٽر ايف-6 جي سپر مارڪيٽ واري علائقي مان ان وقت حراست ۾ ورتو ويو جڏهن اهي مارچ جي شروعات لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا. عورت مارچ اسلام آباد پنهنجي سرڪاري انسٽاگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيل وڊيو سان گڏ بيان ۾ چيو تہ “عورت مارچ اسلام آباد جا منتظمين ۽ رضاڪار پُرامن احتجاج جي تياري سبب پوليس طرفان گرفتار ڪيا ويا آهن”. سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل وڊيو ۾ ڪجھ عورتون پوليس گاڏي اندر ويٺل نظر اچن ٿيون، جن ۾ عورتن جي حقن جي سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر فرزانہ باري پڻ شامل آهن. پوليس ذريعن تصديق ڪئي آهي تہ ڊاڪٽر فرزانہ باري سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. اختيارين موجب اسلام آباد ۾ ضابطہ فوجداري جي قلم 144 لاڳو هجڻ سبب ڪارروائي ڪئي وئي، جيڪا ضلعي انتظاميہ کي محدود مدي لاءِ چئن يا وڌيڪ ماڻھن جي گڏجاڻي تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿي. عورت مارچ جي منتظمين طرفان جاري ڪيل هڪ ٻي وڊيو ۾ ڪارڪنن دعويٰ ڪئي آهي تہ گرفتار ڪيل عورتن جي گھرڀاتين ۽ وڪيلن کي بہ ساڻن ملڻ جي اجازت نہ ڏني پئي وڃي. بعد ۾ جاري ڪيل بيان ۾ اهو بہ چيو ويو تہ پوليس اسٽيشن ٻاهران گڏ ٿيل ڪجھ گھرڀاتين ۽ ساٿين کي بہ حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي جي-7 وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو. عورت مارچ اسلام آباد جي نمائندن ڇنڇر تي نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن سال جي مهم جو موضوع “فيمينسٽ آئين” قرار ڏنو هو. پريس ڪانفرنس دوران هنن علائقائي صورتحال، خاص طور ايران خلاف جنگي ڇڪتاڻ تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ الزام هنيو تہ عورتن جي نالي ۾ ايران تي جنگ مسلط ڪرڻ جون ڪوششون سامراجي مفادن ۽ معاشي مقصدن سان ڳنڍيل آهن. هنن پنهنجي مطالبن ۾ هُدود آرڊيننس سميت 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن جي خاتمي جو بہ مطالبو ڪيو. ساڳئي وقت سينيئر صحافي اعزاز سيد جي حوالي سان رپورٽ سامهون آئي آهي تہ انتظاميہ لال مسجد سان لاڳاپيل ام حسن کي “حيا مارچ” نالي جوابي احتجاج نہ ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو هو، جنهن لاءِ شرط رکيو ويو تہ عورت مارچ کي بہ اجازت نہ ڏني ويندي. رپورٽن موجب پوليس ۽ انتظاميا انهي شرط تي عمل ڪندي عورت مارچ کي بہ روڪيو. گرفتارين تي سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ سخت ردعمل ڏٺو پيو وڃي. ملڪ جي انساني حقن ۽ شهري سماج سان لاڳاپيل ڪيترين تنظيمن سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي. هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان بيان جاري ڪندي چيو تہ عالمي عورتن جي ڏينهن تي عورتن کي پنهنجا حق اجاگر ڪرڻ کان روڪڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي ۽ اختيارين کي فوري طور گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ گھرجي. وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ عورت مارچ اسلام آباد جي منتظمين جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي سندن فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. اڳوڻي سفارتڪار مليحہ لودهي پڻ سوشل ميڊيا تي ردعمل ڏيندي چيو تہ پُرامن مارچ ڪرڻ چاهيندڙ عورتن کي گرفتار ڪرڻ حد کان وڌيڪ عمل آهي ۽ سوال اٿاريو تہ اختيارين آخر ڪجھ سو عورتن کان ڇو ڊڄي رهيا آهن. صورتحال بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ جو امڪان آهي جڏهن تہ هي معاملو اڃا ترقي ڪندڙ خبر طور سامهون اچي رهيو آهي.