پاڪستان
افطار، محبت ۽ بغير معاوضي جي محنت: سوشل ميڊيا تي شروع ٿيل بحث
6 مارچ تي شيئر ٿيل هڪ سادي افطار پوسٽ سوشل ميڊيا تي وڏي بحث کي جنم ڏنو. ڪجھ ماڻھن ان کي محبت ۽ گھريلو تعريف قرار ڏنو، جڏهن تہ ٻين لاءِ اها ڏکڻ ايشيا ۾ عورتن جي بغير معاوضي واري گھريلو محنت بابت هڪ وڏي سماجي حقيقت جي ياد ڏياريندڙ بڻجي وئي.
سوشل ميڊيا تي ڪڏهن ڪڏهن هڪ معمولي پوسٽ بہ اهڙو بحث پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪو گھريلو زندگي، سماجي قدرن ۽ صنفي برابري بابت وڏن سوالن کي جنم ڏئي ٿو. 6 مارچ تي بہ اهڙو ئي هڪ واقعو سامهون آيو، جڏهن هڪ يوزر پنهنجي افطار جي ميز جي تصوير شيئر ڪئي. تصوير ۾ افطار جا مختلف کاڌا سجايل هئا، جن ۾ برياني، نيهاري، سموسا، لزانيہ ۽ فروٽ چاٽ شامل هئا. تصوير سان گڏ رڳو هڪ سادو جملو لکيل هو:
“اڄ جو افطار منهنجي پياري زال تيار ڪيو آهي.”
هي پوسٽ قاسم نالي هڪ يوزر ايڪس (ٽوئيٽر) تي شيئر ڪئي. شروعات ۾ اها رڳو هڪ عام گھريلو لمحي جي تصوير لڳي. هڪ مڙس پنهنجي زال جي محنت ۽ محبت جي تعريف ڪري رهيو هو. پر ڪجھ ئي ڪلاڪن اندر اها تصوير لکين ماڻھن تائين پهچي وئي ۽ آهستي آهستي ان جي چوڌاري هڪ وڏو بحث شروع ٿي ويو.
سدرہ نالي هڪ يوزر جو تبصرو جنھن ان تصوير کي زير بحث بڻائي ڇڏيو. ان پوسٽ کي سدرہ ري ڪوٽ ڪري صرف ٻہ انگريزي لفظ لکيا هئا:
“فري ليبلر.”
اهي ٻہ لفظ مختصر هئا، پر انهن سوشل ميڊيا تي بحث جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو. ڪجھ ماڻھن هن تبصري سان اتفاق ڪندي چيو تہ اهڙو افطار جيڪڏهن ڪنهن ريسٽورنٽ يا ڪيٽرنگ سروس کان تيار ڪرايو وڃي ها تہ شايد ان تي هزارين رپيا خرچ ٿين ها پر جڏهن ساڳيو ڪم گھر ۾ عورت ڪندي آهي تہ ان کي معاشي محنت بدران محبت يا گھريلو ذميواري جي نالي سان بيان ڪيو ويندو آهي.
ڪجھ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو خيال هو تہ گھريلو ڪم، خاص طور رمضان دوران وڏا افطار تيار ڪرڻ، آسان ڪم نہ آهي. ان لاءِ وقت، توانائي ۽ مسلسل ذميواري گھربل هوندي آهي. پر سماج ۾ ان کي گھڻو ڪري فطري يا محبت ڀري ذميواري طور پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ڪري ان ڪم کي باقاعدہ محنت طور گھٽ تسليم ڪيو ويندو آهي.
انهن ماڻھن لاءِ مسئلو رڳو هڪ افطار جي ميز نہ هو. اصل مسئلو اهو سماجي رويو هو، جتي گھريلو ذميواريون گھڻو ڪري عورتن تي اچي پونديون آهن ۽ انهن جي محنت کي عام ڳالھ سمجھيو ويندو آهي.
پر سوشل ميڊيا تي هر ماڻھو ان خيال سان متفق نہ هو.
ڪيترن ماڻھن تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏيندي چيو تہ هڪ مڙس پنهنجي زال جي تيار ڪيل کاڌي جي تعريف ڪري رهيو آهي، ان کي استحصال قرار ڏيڻ مناسب ناهي. انهن جي خيال ۾ افطار تيار ڪرڻ ڪيترن گھرن ۾ محبت، مهمان نوازي ۽ گڏجي خوشي ملھائڻ جو حصو پڻ هوندو آهي.
ڪجھ ماڻھن اهو بہ چيو تہ هر عورت جو تجربو ساڳيو نہ هوندو آهي. ڪيتريون عورتون واقعي شوق سان کاڌو ٺاهينديون آهن ۽ ماڻھن کي کارائڻ مان خوشي محسوس ڪنديون آهن. انهن جي نظر ۾ اهڙي ڪم کي صرف استحصال يا سماجي دٻاءُ جي نتيجي طور بيان ڪرڻ، انهن جي ذاتي چونڊ کي گھٽ اهميت ڏيڻ برابر آهي.
پر ان دليل جي مقابلي ۾ ڪيترائي سماجي محقق هڪ وڌيڪ پيچيدہ سوال اٿارين ٿا. انهن جو چوڻ آهي تہ جنهن کي اسان “شوق” يا “چونڊ” سمجھون ٿا، اهو بہ گھڻو ڪري سماجي تربيت ۽ ثقافتي ڍانچن سان ٺهندو آهي. ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن سماجن ۾ ڇوڪريون ننڍپڻ کان ئي اهڙي ماحول ۾ وڏيون ٿينديون آهن، جتي گھر سنڀالڻ، کاڌو ٺاهڻ ۽ ٻين جي خدمت ڪرڻ کي عورت جي فطري ڪردار طور پيش ڪيو ويندو آهي.
گھرن ۾، اسڪولن ۾، ٽي وي ڊرامن ۾ ۽ روزمرہ جي سماجي ڳالھين ۾ بار بار اهو ئي پيغام ڏنو ويندو آهي تہ “سگهڙ عورت” اها آهي جيڪا خاندان لاءِ پاڻ کي وقف ڪري يا سگهڙ ٿي رھي. اهڙي ماحول ۾ عمر ۾ وڏيون ٿيندڙ ڇوڪريون آهستي آهستي ساڳين ڪردارن يا جنس جي بنياد تي ڪمن کي پنهنجي سڃاڻپ جو حصو بڻائي وٺنديون آهن.
انهيءَ پسمنظر ۾ ڪجھ نقادن جو چوڻ آهي تہ ڪيترين عورتن لاءِ جيڪو ڪم “شوق” يا “محبت” طور محسوس ٿئي ٿو، اهو دراصل سالن جي سماجي تربيت جو نتيجو هوندو آهي. جڏهن سماج مسلسل هڪ خاص ڪم کي عورت جي فطري ذميواري طور پيش ڪندو رهي، تہ پوءِ اهو حيران ڪندڙ ناهي تہ ڪيتريون ئي عورتون ساڳئي ڪردار کي پنهنجي پسند ۽ سڃاڻپ طور قبول ڪرڻ لڳن.
اهو دليل اهو بہ واضح ڪري ٿو تہ فردي خوشي ۽ سماجي ڍانچي کي مڪمل طور الڳ ڪري سمجھڻ آسان ناهي. هڪ عورت شايد واقعي کاڌو ٺاهڻ مان خوشي محسوس ڪري پر اهو بہ ممڪن آهي تہ اها خوشي اهڙي سماجي نظام اندر پيدا ٿي هجي، جتي ان کان ٻيا ڪم چونڊڻ جا موقعا محدود هجن.
سوشل ميڊيا تي ھلندڙ بحث ان وقت نئون رخ اختيار ڪيو جڏهن پوسٽ ڪندڙ جي زال پاڻ سوشل ميڊيا تي اچي وضاحت ڪئي تہ افطار تيار ڪرڻ هن لاءِ شوق ۽ خوشي جو ڪم آهي. هن لکيو تہ کيس ماڻھن کي کارائڻ ۽ کاڌو ٺاهڻ پسند آهي، ۽ هن ڪم کي ڪنهن جبر سان ڳنڍڻ درست نہ آهي.
هن بيان کان پوءِ ڪيترن ماڻھن چيو تہ بحث هتي ختم ٿي وڃڻ گهرجي، ڇو تہ جنهن عورت بابت ڳالھ ٿي رهي آهي، اها پاڻ پنهنجي چونڊ واضح ڪري رهي آهي.
پر ڪجھ ماڻھن جو خيال اڃا بہ مختلف رهيو. انهن جو چوڻ هو تہ فرد جي اظهار ۽ سماجي ڍانچي ٻن الڳ سطحون آهن. هڪ فرد پنهنجي ڪردار ۾ خوش ٿي سگھي ٿو، پر ان سان گڏ سماج ۾ موجود وڏيون ساختي اڻبرابريون بہ برقرار ٿي سگھن ٿيون.
اصل ۾ هي بحث نئون نہ آهي. گھريلو محنت، صنفي ڪردار ۽ معاشي قدر بابت بحث دنيا جي ڪيترن سماجن ۾ ڊگھي عرصي کان جاري آهي. فرق رڳو اهو آهي تہ هاڻي سوشل ميڊيا انهن بحثن کي وڌيڪ نمايان بڻائي ڇڏيو آهي.
جتي اڳ اهڙا سوال گھريلو يا علمي حلقن تائين محدود هوندا هئا، اتي هاڻي اهي لکين ماڻھن جي سامهون کلي بحث جو موضوع بڻجي رهيا آهن. هڪ تصوير، هڪ جملو يا هڪ مختصر تبصرو ڪڏهن ڪڏهن اهڙي بحث کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو سماج جي گھري سوچن کي ظاهر ڪري ٿو.
شايد ان شام تيار ٿيل افطار واقعي تمام لذيذ هوندو.
پر اها تصوير جيڪا سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي، آهستي آهستي هڪ وڏي سوال جي علامت بڻجي وئي: محبت، ذميواري ۽ محنت جي وچ ۾ حد ڪٿي آهي؟ ۽ ڇا جديد سماج خاص طور ڏکڻ ايشيا ۾ هاڻي انهن تصورن کي نئين نظر سان ڏسڻ گهرجي؟