پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي
سياستدانن کي مسلسل ڪرپٽ قرار ڏئي سندن ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي: چيئرمين پيپلزپارٽي
ڪنهن وزير يا وزيراعظم لاءِ اڪيلي سر ڪرپشن ڪرڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ تہ سرڪاري فيصلن جي عمل ۾ بيوروڪريٽس بہ فائلن تي صحيحون ڪندا آهن.
سياستدانن کي رڳو دولت ڪمائڻ جي مقصد سان سياست ڪندڙ سمجھڻ درست ناهي. حقيقت اها آهي تہ پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي.
بلاول ڀُٽو زرداري چيو: پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين لڳ ڀڳ هر وزيراعظم کي اقتدار کان جيل ۽ جيل کان ٻيهر اقتدار تائين جو سفر ڪرڻو پيو آهي.
منھنجي خواهش آهي تہ مستقبل ۾ ڪنهن بہ وزيراعظم کي اهڙي صورتحال کي منھن نہ ڏيڻو پوي.
منھنجو ايترو چئي ڇڏڻ ڪو ڏوہ تہ ناهي
سياسي قيدي واري ڳالھ رڳو عمران خان لاءِ نہ، پر ان سان گڏ سمورن اڳوڻن وزيراعظمن لاءِ بہ آهي ڇاڪاڻ تہ ڪو بہ شخص سياسي سببن جي بنياد تي جيل ۾ قيد ٿي سگھي ٿو.
بلاول ڀُٽو زرداري صوبن واري معاملي تي نجي ٽيليوزن جي پروگرام ۾ محسن نقوي تي تنقيدي گفتگو ڪندي چيو، وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين کي ڇا رڳو صوبن جي ورهاست ۽ نظام ۾ تبديلي جھڙن معاملن تي ڳالھائڻ جو حق حاصل آهي؟
جيڪڏهن صوبي جي ورهاست ٿيڻي آهي تہ ڇا ان بابت ڳالھائڻ جو حق رڳو پي سي بي جي چيئرمين کي آهي ۽ مان خاموش ٿي گهر هليو وڃان؟
ائين تہ منھنجي لاءِ ممڪن ناهي
هن چيو تہ هو ڌمڪي نہ ڏئي رهيا هئا، پر رڳو ’خطري جي گھنٽي‘ وڄائي رهيا هئا تہ جيڪڏهن زبردستي سنڌ جي ورهاست ڪئي وئي تہ هن صوبي ۾ اهڙي باھ ڀڙڪي سگھي ٿي، جنهن کي وسائڻ تمام ڏکيو ٿي پوندو.