آمريڪي فوج ايران خلاف ڪارروائين ۾ ھٿرادو ڏاھپ وارا اوزار استعمال ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

آمريڪي فوجي قيادت موجب جديد نظامن سان ڄاڻ جي تيز ڇنڊڇاڻ ۽ هدفن جي سڃاڻپ ۾ مدد ملي ٿي، پر حملي بابت آخري فيصلو اڃا به انسان ئي ڪري ٿو، جڏهن ته شفافيت ۽ نگراني بابت سوال وڌيڪ تيز ٿي ويا آهن

آمريڪي فوج پهريون ڀيرو کليل طور تي تصديق ڪئي آهي تہ ايران خلاف جاري فوجي مھم ۾ “ترقي يافتہ هٿرادو ڏاهپ وارا اوزار” استعمال ڪيا پيا وڃن. آمريڪي مرڪزي ڪمان جي سربراہ ايڊمرل بريڊ ڪوپر موجب اهي اوزار وڏن انگن اکرن، نگراني رپورٽن ۽ مختلف ذريعن مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ کي ڪجھ سيڪنڊن ۾ گڏ ڪري تجزيو ڪن ٿا، جنھن سان فوجي اڳواڻن کي تيزي سان فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. هن چيو تہ جيتوڻيڪ اهي جديد نظام فيصلا ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪن ٿا، پر حملي بابت آخري فيصلو اڃا بہ انسان ئي ڪندو آهي تہ ڪهڙي هنڌ تي حملو ڪرڻو آهي، ڪڏهن ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙي هدف کي نشانو نہ ڪرڻو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي فوج هن مھم دوران پالينٽير جي مُيون نظام ۽ اينٿراپڪ جي ڪلاڊ جھڙن اوزارن مان فائدو ورتو آهي. رپورٽن موجب اهي نظام اصل ۾ فوجي فيصلا ڪندڙن لاءِ مددگار اوزار طور ڪم ڪن ٿا. اهي سيٽلائيٽ تصويرن، نگراني جي ڊيٽا، مواصلاتي ڄاڻ ۽ ٻين استخباراتي ذريعن مان حاصل ٿيندڙ معلومات کي تيزي سان گڏ ڪري ترتيب ڏين ٿا. اهڙي طريقي سان ممڪن هدفن جي سڃاڻپ ۽ انهن کي اوليت ڏيڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ حملي جي منصوبابندي بہ وڌيڪ تيز ٿي وڃي ٿي. ڪجھ رپورٽن موجب جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ اهڙن اوزارن جي مدد سان ٿوري وقت اندر وڏي انگ ۾ هدف چونڊڻ ۽ فوجي ڪارروائين جي رفتار وڌائڻ ممڪن ٿيو. آمريڪي فوج ۽ ان سان لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي تہ اهي نظام پاڻمرادو قاتل هٿيارن وانگر ڪم نٿا ڪن. رپورٽن موجب انهن جو بنيادي مقصد فيصلا ڪرڻ واري عمل ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، نہ ڪي بنا انساني اجازت جي حملو ڪرڻ. بهرحال، آمريڪي قانونسازن، ماهرن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۾ هن معاملي تي وڌندڙ ڳڻتي ڏٺي پئي وڃي. سندن خيال آهي تہ جڏهن فوجي عملدار بار بار اهڙن نظامن تي ڀاڙڻ لڳن ٿا تہ انهن تي ضرورت کان وڌيڪ ڀروسو ٿيڻ جو خطرو وڌي سگھي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ غلطي جا امڪان بہ وڌي سگھن ٿا، خاص طور تي جڏهن جنگي حالتن ۾ معلومات اڻپوري، پراڻي يا غلط هجي. هن بحث کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو هڪ اهم سبب ايران اندر شهري نقصان بابت وڌندڙ سوال بہ آهن. الجزيره جي رپورٽ موجب ڏکڻ ايران ۾ هڪ اسڪول تي ٿيل بمباري کان پوءِ، جنھن ۾ 170 کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ۽ انهن مان گھڻا ٻار هئا، آزاد جاچ جو مطالبو وڌيڪ زور وٺي ويو آهي. ساڳئي وقت ايراني ادارن جو چوڻ آهي تہ آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ هزارين شهري عمارتون ۽ ڪيترائي صحت مرڪز بہ متاثر ٿيا آهن. اهڙين خبرن کان پوءِ ناقدن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن هٿرادو ڏاهپ جا اوزار هدفن جي چونڊ ۽ ترجيح ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رھيا آهن تہ پوءِ انهن جي استعمال، جاچ، جوابدهي ۽ شفافيت بابت واضح ضابطا هجڻ ضروري آهن. آمريڪا جي اندر بہ هن معاملي تي سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. اين بي سي نيوز موجب ڪانگريس جي ڪجھ ميمبرن مطالبو ڪيو آهي تہ جنگي حالتن ۾ هٿرادو ڏاهپ جي استعمال بابت سخت نگراني، واضح حدون ۽ مڪمل جائزو هجڻ گھرجي. ڪجھ قانونسازن جو چوڻ آهي تہ انساني نگراني رڳو رسمي نہ پر حقيقي ۽ گھڻ سطحي هجڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هٿرادو ڏاهپ وارا نظام 100 سيڪڙو قابل اعتماد ناهن ۽ اهي باريڪ پر خطرناڪ غلطيون بہ ڪري سگھن ٿا. هن سڄي معاملي جو هڪ اهم رخ اهو بہ آهي تہ جنھن ڪمپني جي نظامن جو نالو رپورٽن ۾ اچي رھيو آهي، ان سان آمريڪي بچاءَ واري اداري جا لاڳاپا بہ تڪرار جو شڪار آهن. الجزيره ۽ ٻين رپورٽن موجب اينٿراپڪ چاهي ٿي تہ ان جا ماڊل مڪمل طور خودمختيار قاتل هٿيارن يا وڏي پيماني جي نگراني لاءِ استعمال نہ ڪيا وڃن، جڏهن تہ ان معاملي تي آمريڪي حڪومت جي ڪجھ حلقن سان اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن. رپورٽن ۾ اهو بہ چيو ويو آهي تہ ڪمپني کي “سپلاءِ چين خطري” طور نامزد ڪرڻ کان پوءِ قانوني تڪرار بہ شروع ٿي ويو آهي. ان ڪري هاڻي بحث رڳو جنگي ميدان تائين محدود ناهي رھيو، پر ٽيڪنالاجي ڪمپنين، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ اختيارن ۽ ذميوارين جي حدن تائين پهچي ويو آهي. ماهرن جو گڏيل جائزو اهو آهي تہ هٿرادو ڏاهپ جنگ دوران رفتار وڌائڻ، وڏي مقدار ۾ ڊيٽا جو جائزو وٺڻ ۽ منصوبابندي کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي، پر اها اخلاقي ۽ قانوني ذميواري ختم نٿي ڪري. جنگ جي حالتن ۾ هڪ غلط نشاندهي، غلط ترجمو، تصوير جي غلط سڃاڻپ يا اڌوري ڄاڻ بہ سوين زندگين لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿي. ان ڪري موجودہ بحث جو مرڪزي سوال اهو آهي تہ ڇا انساني فيصلا سازي واقعي مضبوط ۽ آزاد رهي ٿي يا هٿرادو ڏاهپ جي تيز سفارشون عملي طور انسان جي جائزي کي ڪمزور بڻائي رھيون آهن. موجودہ حالتن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ جنگي ميدان ۾ هٿرادو ڏاهپ جو استعمال هاڻي تجربي واري مرحلي کان نڪري عملي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، پر ان سان گڏ شفافيت، احتساب ۽ شهري تحفظ بابت سوال بہ ساڳي شدت سان سامھون اچي رھيا آهن.