حزب الله ايران جنگ ۾ ڇو شامل ٿي رھيو آھي؟
جيئن ئي اسرائيلي فوجون ڏکڻ لبنان ڏانهن اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ جنگي جهاز بيروت جي ڏاکڻي مضافات تي سخت بمباري ڪري رهيا آهن، لبنان هڪ ڀيرو ٻيهر وسيع علائقائي تڪرار جي مرڪز ۾ اچي ويو آهي.
جيئن ئي اسرائيلي فوجون ڏکڻ لبنان ڏانھن اڳتي وڌي رھيون آهن ۽ جنگي جھاز بيروت جي ڏاکڻي مضافات تي سخت بمباري ڪري رھيا آهن، لبنان هڪ ڀيرو ٻيهر وسيع علائقائي تڪرار جي مرڪز ۾ اچي ويو آهي. تازيون ڪارروايون رڳو سرحدي جھڙپون ناهن، پر انهن کي غزہ کان ايران تائين پکڙيل هڪ وڏي آمريڪي–اسرائيلي مھم جو حصو سمجھيو پيو وڃي.
ڏکڻ لبنان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ انساني قيمت صاف نظر اچي رهي آهي. اسرائيلي هوائي حملن رھائشي علائقن کي نشانو بڻايو آهي. رستا ڪلاڪن تائين بند ۽ جام آهن. لڳ ڀڳ 30 هزار ماڻھو پنھنجا گھر ڇڏي بيروت ۽ ٻين محفوظ علائقن ڏانھن لڏي ويا آهن. ڪيترائي ماڻھو پنھنجين گاڏين ۾ يا عارضي پناہ گاهن ۾ رات گذاري رھيا آهن. انهن کي خبر ناهي تہ هو ڪڏهن، يا ڪڏهن بہ، پنھنجن گھرن ڏانھن موٽي سگھندا يا نہ.
حزب الله کليل نموني جنگ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن اتر اسرائيل ڏانھن راڪيٽن ۽ ڊرونن جا حملا ڪيا آهن ۽ 2024 واري جنگ بندي کان پوءِ پهريون ڀيرو سرڪاري طور ذميواري قبول ڪئي آهي. ان قدم سان اڳ ۾ جاري گھٽ شدت واري ڇڪتاڻ هاڻي واضح ۽ کليل مقابلي ۾ تبديل ٿي وئي آهي.
لبنان جي حڪومت هن ڪارروائي تي سخت ردعمل ڏنو آهي. حڪومت هنگامي اجلاس ڪري حزب الله جي فوجي ۽ سيڪيورٽي ونگ تي واضح لفظن ۾ پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن اهڙي نموني نہ ٿيو هو. ملڪ جي اندر سياسي ڇڪتاڻ ۽ بيچيني وڌي وئي آهي، خاص طور تي جڏهن عام ماڻھو اڳ ئي بي گھر ۽ ٿڪل آهن.
اقوام متحدہ جي امن فوج (يونيفل) رپورٽ ڪئي آهي تہ 2024 جي آخر کان وٺي اسرائيل طرفان جنگ بندي جي 15 هزار کان وڌيڪ ڀڃڪڙيون ٿي چڪيون آهن، جن ۾ روزاني حملا، هدف بڻائي قتل ۽ سرحدي دراندازيون شامل آهن. تنھن هوندي بہ، ڪيترين مغربي ميڊيا رپورٽن ۾ تاثر ڏنو وڃي ٿو تہ ڄڻڪ جنگ بندي صرف حزب الله ٽوڙي آهي، جڏهن تہ سرحد تي اڳ کان جاري دٻاءُ ۽ حملا گھٽ ذڪر ڪيا وڃن ٿا.
لبنان جي فوج ڏکئي صورتحال ۾ آهي. گڏيل قومن جي قرارداد 1701 تحت ڏکڻ ۾ غير رياستي هٿياربند گروھن جي جاءِ تي قومي فوج کي مقرر ٿيڻ گھرجي، پر فوج وٽ نہ تہ ڳرا هٿيار آهن ۽ نہ ئي اهڙي طاقت، جيڪا هو اسرائيل يا حزب الله سان سڌي ٽڪر وٺي سگھي. ڪجھ حلقن طرفان دٻاءُ رھيو آهي تہ فوج کي اندروني طور حزب الله خلاف استعمال ڪيو وڃي، پر فوجي قيادت کي خدشو آهي تہ اهڙي قدم سان فوج اندر ڏڦيڙ پئجي سگھي ٿو ۽ ملڪ ٻيهر گھرو ويڙھ ڏانھن وڃي سگھي ٿو.
هي تڪرار صرف لبنان تائين محدود ناهي. غزہ ۾ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي دوران وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. اسرائيل اتي وڏي ايراضي تي ڪنٽرول قائم ڪيو آهي ۽ حماس سميت ٻين گروھن جي فوجي صلاحيت کي سخت نقصان پهچايو آهي. ساڳي ريت شام ۾ بہ اسرائيلي حملن رياست جي روايتي فوجي طاقت کي ڪمزور ڪيو آهي، جنھن سبب مستقبل ۾ ڪا بہ حڪومت مڪمل خودمختياري قائم ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندي.
اولھ ڪناري ۾ بہ هٿياربند مزاحمت کي وڏي حد تائين ختم ڪيو ويو آهي. فلسطيني اختيارين جي سيڪيورٽي فورسز ۽ اسرائيلي ڪارروائين جي گڏيل نتيجي طور 1967 کان پوءِ سڀ کان وڏي جبري بي دخلي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
بيروت ۽ تهران مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ اسرائيل جا مقصد گھڻ رخا آهن. پهرين سطح تي فلسطين ۾ آبادي جي بي دخلي ۽ علائقائي واڌ جو عمل جاري آهي. ٻي سطح تي ڏکڻ لبنان ۽ ڏکڻ شام ۾ مستقل بفر زون قائم ڪرڻ جو مقصد بيان ڪيو وڃي ٿو، جنھن کي سيڪيورٽي سان گڏ پاڻي ۽ وسيلن سان بہ ڳنڍيو وڃي ٿو. ٽين ۽ وسيع سطح تي علائقائي بالادستي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جنھن لاءِ ايران جھڙي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.
حزب الله، ايران، فلسطيني مزاحمتي گروھن ۽ حوثين تي مشتمل جنھن کي “مزاحمتي محور” چيو وڃي ٿو، ان کي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان منظم طريقي سان نشانو بڻايو پيو وڃي. ايران جي بحري ۽ ميزائل ڍانچي تي حملا، اهم شخصيتن جا قتل، ۽ حساس هنڌن تي ڪارروائيون ان حڪمت عملي جو حصو سمجھيون وڃن ٿيون.
حزب الله جي قيادت جو خيال آهي تہ جيڪڏهن ايران ڪمزور يا تباہ ٿي وڃي ۽ هو خاموش رهن، تہ پوءِ مستقبل ۾ کين اڪيلو اسرائيل سان مقابلو ڪرڻو پوندو. تنھن ڪري هو هن مرحلي تي شموليت کي وجودي ضرورت طور پيش ڪن ٿا، ڀلي ان جي نتيجي ۾ لبنان اندر سياسي مخالفت ۽ عام ماڻھن لاءِ ڏک وڌي وڃي.
موجودہ حالتن مان لڳي ٿو تہ ڇڪتاڻ گھٽجڻ بدران وڌي سگھي ٿي. ممڪن آهي تہ وڌيڪ هوائي حملا ٿين، سرحدي علائقن ۾ تباهي وڌي ۽ اهڙو علائقو بڻجي وڃي جتي شهري واپسي ناممڪن ٿي وڃي. پوءِ لبنان تي دٻاءُ وڌي سگھي ٿو تہ هو هڪ غير فوجي پٽي قبول ڪري، جيڪا ڪمزور قومي فوج جي نگراني هيٺ هجي.
بهرحال، ماضي ڏيکاري ٿو تہ فوجي طاقت هميشہ سياسي استحڪام ۾ تبديل نٿي ٿئي. 1982 ۽ 2006 ۾ لبنان تي اسرائيلي حملن اڻڄاتل نتيجا پيدا ڪيا، جن مان حزب الله وڌيڪ مضبوط ٿي سامھون آئي. موجودہ جنگ بہ شايد اهڙا نتيجا آڻي سگھي ٿي، جيڪي ڪنهن بہ ڌر جي مڪمل ڪنٽرول ۾ نہ هجن.
هن سڄي تڪرار جو سڀ کان وڏو بار عام ماڻھو کڻي رھيا آهن. بيروت جي سامونڊي ڪناري تي خيمن ۾ رھندڙ خاندان، ڊرونن جي آواز هيٺ سمھندڙ ٻار، ۽ پنھنجا گھر وڃائيندڙ ڳوٺاڻا ياد ڏيارين ٿا تہ هر علائقائي حڪمت عملي جي پٺيان انساني زندگيون آهن. ڏکڻ لبنان ۾ هلندڙ هي جنگ رڳو سرحدي لڪيرن بابت ناهي، پر ڪروڙين ماڻھن جي مستقبل ۽ انهن جي زندگي جي حق بابت بہ آهي.