دل تي پٿر رکي تيل اگھن ۾ واڌ ڪئي، ڪابينا ميمبر ٻہ مهينا پگھار نہ وٺندا: وزيراعظم
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل جنگي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب حڪومت ملڪ جي معيشت کي بچائڻ لاءِ سخت بچت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل جنگي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب حڪومت ملڪ جي معيشت کي بچائڻ لاءِ سخت بچت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
لائيوَ خطاب ڪندي شريف چيو تہ حڪومت ايندڙ ٻن مهينن لاءِ سرڪاري خرچن ۾ نمايان گھٽتائي آڻڻ لاءِ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا آهن. هن اعلان ڪيو تہ سرڪاري کاتن جي گاڏين کي ملندڙ تيل ۾ 50 سيڪڙو گھٽتائي ڪئي ويندي، جڏهن تہ ايمبولينس ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ان پابندي کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم موجب ايندڙ ٻن مهينن دوران سرڪاري ادارن وٽ استعمال ٿيندڙ 60 سيڪڙو گاڏيون بند رکيون وينديون تہ جيئن تيل جي استعمال ۾ گھٽتائي آڻي سگھجي.
هن چيو تہ بچت قدمن جي تحت وفاقي ڪابينا جا سمورا وزير، صلاحڪار ۽ خاص مددگار رضاڪاراڻي طور ايندڙ ٻن مهينن لاءِ پنهنجي پگھارون نہ وٺندا، جڏهن تہ پارليامينٽ جي ميمبرن جي پگھارن ۾ بہ 25 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ سرڪاري ادارن جي مجموعي خرچن ۾ بہ 20 سيڪڙو گھٽتائي آندي ويندي ۽ ايندڙ ڪجھ عرصي لاءِ سرڪاري کاتن پاران گاڏيون، فرنيچر، ايئر ڪنڊيشنر ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو تہ وزيرن، صلاحڪارن ۽ سرڪاري آفيسرن جي غير ضروري پرڏيهي دورن تي بہ پابندي هوندي، جڏهن تہ تيل بچائڻ لاءِ ٽيلي ڪانفرنس ۽ آن لائين اجلاس کي ترجيح ڏني ويندي.
وزيراعظم اعلان ڪيو تہ سرڪاري خرچ گھٽائڻ لاءِ سرڪاري ڊنر ۽ افطار پارٽين تي بہ پابندي هوندي، جڏهن تہ سيمينار ۽ ڪانفرنسون هوٽلن بدران سرڪاري عمارتن ۾ منعقد ڪيون وينديون.
هن چيو تہ توانائي بچائڻ لاءِ عوامي ۽ نجي ٻنهي شعبن ۾ بہ قدم کنيا پيا وڃن. ضروري خدمتن کانسواءِ ٻين ادارن ۾ 50 سيڪڙو عملي کي گھران ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن تہ آفيسون هفتي ۾ چار ڏينهن کليل رهنديون.
وزيراعظم موجب زراعت، صنعت، بئنڪنگ ۽ ٻين ضروري خدمتن کي ان فيصلي کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي.
تعليمي ادارن بابت هن اعلان ڪيو تہ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ آن لائين ڪلاسن جو آغاز ڪيو ويندو، جڏهن تہ سڀني اسڪولن کي هن هفتي جي آخر کان ٻن هفتن لاءِ موڪلون ڏنيون وينديون.
وزيراعظم چيو تہ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان مٿي وڃي چڪي آهي. هن چيو تہ پاڪستان گھڻو ڪري تيل ۽ گيس لاءِ خليجي ملڪن تي دارومدار رکي ٿو، تنهن ڪري موجودہ صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا.
سندس چوڻ هو تہ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي تہ معاشي دٻاءُ عوام تي گھٽ کان گھٽ پوي.
خطاب دوران وزيراعظم منافعي خورن ۽ ذخيرہ اندوزن کي بہ خبردار ڪندي چيو تہ موجودہ صورتحال مان ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.