آمريڪا ۽ اسرائيل جنگي ميدان ۾ ھٿرادو ڏاھپ ڪيئن استعمال ڪري رھيا آھن؟
غزه ۾ نسل ڪُشي دوران وڏي پيماني تي تباھي آئي، جتي گڏيل قومن موجب لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو رھائشي عمارتون متاثر يا تباھہ ٿي ويون. ڪيترن ماهرن جو خيال آھي تہ غزه عملي طور جديد ھٿرادو ڏاھپ تي تي ٻڌل جنگي نظامن لاءِ ھڪ وڏي حقيقي تجربگاهہ بڻجي ويو.
جنگ جو ھڪ نئون دور ھاڻي دنيا آڏو ظاھر ٿي چڪو آھي. غزه جي آسمانن ۾ اُڏامندڙ ڊرونن کان وٺي ايران جي جبلن جي ھيٺان ٿيندڙ ڌماڪن تائين، ھاڻي جنگين جو فيصلو صرف فوجي جرنلن جي حڪمن سان نہ پر الگورٿمن جي حساب ڪتاب سان ٿيڻ لڳو آھي. جديد ھٿرادو ڏاھپ تي ٻڌل نظام جنگ جي رفتار، ھدف چونڊڻ جي عمل ۽ حملي جي حڪم تائين پھچڻ واري وقت کي اهڙي حد تائين گھٽائي ڇڏيو آھي جو انساني سوچ ۽ فيصلي لاءِ گهڻي گنجائش باقي نہ رھي آھي.
تضاد طرفان ھن خصوصي رپورٽ ۾ اھو جائزو پيش ڪيو ويو آھي تہ آمريڪا ۽ اسرائيل ھن ٽيڪنالاجي کي جنگي ميدان ۾ ڪيئن استعمال ڪري رھيا آھن، ان جا ڪهڙا نتيجا سامهون آيا آھن ۽ ڇو ھڪ وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني جو اهڙي عمل ۾ حصو وٺڻ کان انڪار گذريل ڏھاڪي جي سڀ کان اھم سرمائيدارنہ ۽ ڪارپوريٽ فيصلن مان ھڪ سمجھيو پيو وڃي.
ھٿرادو ڏاھپ جي جنگي استعمال بابت موجودہ عالمي بحث کي ھڪ نئين رخ تڏھن مليو جڏھن 3 جنوري 2026 تي آمريڪا وينزويلا ۾ ھڪ فوجي ڪارروائي شروع ڪئي، جنھن کي “آپريشن ايبسولوٽ ريزولو” سڏيو ويو. ان ڪاروائي دوران ڪاراڪاس ۾ ھوائي حملا ڪيا ويا ۽ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي گرفتار ڪيو ويو.
بعد ۾ سامھون آيل رپورٽن مطابق ھن آپريشن جي تياري ۽ معلوماتي تجزئي ۾ جديد ھٿرادو ڏاھپ جا اوزار استعمال ڪيا ويا، جن ۾ اي آءِ ڪمپني اينٿروپڪ جو ماڊل “ڪلاڊ اي آئي” پڻ شامل ھو. اھو ماڊل خفيہ فوجي نيٽ ورڪن ۾ ڊيٽا جي تجزئي، مشن پلاننگ ۽ ممڪن هدفن جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪيو ويو، جيتوڻيڪ ڪمپني جي پاليسي اهڙي قسم جي پرتشدد استعمال جي اجازت نٿي ڏئي.
وينزويلا واري ڪارروائي کان پوءِ جڏھن ساڳي ٽيڪنالاجي ٻين فوجي حالتن، جھڙوڪ ايران تي حملن ۾ بہ استعمال ٿيڻ جون خبرون سامھون آيون، تڏھن عالمي سطح تي ھڪ نئون بحث شروع ٿيو: جديد جنگ ۾ ھٿرادو ڏاھپ جو اصل ڪردار ڇا آھي؟
ساڳئي وقت اسرائيل بہ ڪيترن سالن کان آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي مدد سان ھٿرادو ڏاھپ تي ٻڌل نظام استعمال ڪري رھيو آھي، جيڪي سيٽلائيٽ تصويرن، مواصلاتي ڊيٽا ۽ سوشل ميڊيا مان معلومات گڏ ڪري تيزي سان هدفن جي سڃاڻپ ڪن ٿا. اهڙي ٽيڪنالاجي جنگي ڪارروائين کي وڌيڪ تيز بڻائي ٿي، پر ان سان گڏ شھري جاني نقصان ۽ غلط فيصلن بابت خدشا بہ وڌي وڃن ٿا.
ان پسمنظر ۾ وينزويلا جي آپريشن کان پوءِ عالمي سطح تي ڪيترن ماهرن، تجزيہ نگارن ۽ راءِ ڏيندڙن جي وچ ۾ ھڪ اھم سوال تي بحث شروع ٿيو: جڏھن جنگي فيصلا الگورٿمن جي مدد سان ڪيا وڃن ٿا، تڏھن بنا انساني جذباتن جي انساني نگراني، اخلاقي ذميواري ۽ غلطي جي خطري کي ڪيئن سنڀاليو وڃي؟
مختلف پرڏيھي رپورٽن ۽ تجيہ نگارن موجب غزه جي نسل ڪُشي دوران ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن حملي جي منظوري ڏيڻ لاءِ رڳو ويھہ سيڪنڊ ئي ڪافي ھوندا هئا. ڪمپيوٽر اسڪرين تي ھڪ نالو ظاھر ٿيندو ھو، جنھن سان گڏ ھڪ اسڪوَر ۽ آواز جي سڃاڻپ ذريعي ان شخص جي انسان ھجڻ جي تصديق ڏيکاري ويندي هئي. آفيسر اسڪرين تي موجود ھڪ خاني ۾ نشان لڳائيندو ھو ۽ حملي جو حڪم جاري ٿي ويندو ھو.
چند ئي لمحن بعد ڪنھن عمارت تي بم ڪِرندو ھو ۽ آفيسر فوري طور ايندڙ نالي ڏانھن وڌي ويندو ھو. ھي منظر ڪنھن ڊسٽوپين ناول يا مشھور ھاليووڊ ٽرانسفارم فلم جو حصو نہ ھو پر ڪيترن تحقيقاتي ذريعن موجب اھو ئي طريقو ھو جنھن ذريعي اسرائيلي فوج غزه ۾ ھزارين حملن جا حڪم جاري ڪيا.
ھن ھٿرادو ڏاھپ واري نظام جو مرڪزي الگورٿم “ليوينڊر” جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي. پر اصل ڪھاڻي صرف ھن ھڪ نظام تائين محدود ناهي. جديد جنگ ۾ ھٿرادو ڏاھپ ڪيترن ئي ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظامن جي صورت ۾ ڪم ڪري ٿي، جتي نگراني، ڊيٽا جو تجزيو، هدفن جي سڃاڻپ ۽ حملي جي منصوبابندي سڀ ڪُجهہ ھڪ مربوط سلسلي ۾ پاڻ ۾ جڙيل ھوندو آھي.
تاريخي طور ڏٺو وڃي تہ جديد جنگي ٽيڪنالاجي جو لاڳاپو هميشہ سائنسي ترقي ۽ سرمائيدارانہ نظام سان رھيو آھي. 1945ع ۾ تيار ڪيل ڪمپيوٽر "اين اي آئي اي سي" آمريڪي فوج لاءِ توپخاني جي حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو ھو. بعد ۾ "اپرنيٽ" مان انٽرنيٽ وجود ۾ آيو، جيڪو اصل ۾ ايٽمي حملي جي صورت ۾ مواصلاتي رابطا برقرار رکڻ لاءِ تيار ڪيو ويو ھو.
جي پي ايس نظام بہ شروعاتي طور فوجي مقصدن لاءِ تيار ڪيو ويو ھو ۽ پوءِ آھستي آھستي عام ماڻھن لاءِ کوليو ويو. ان لحاظ سان اڪثر چيو ويندو آھي تہ سليڪان وادي صرف فوجي ٽيڪنالاجي استعمال نہ ڪئي پر ڪيترن حوالن سان فوجي ضرورتن ئي ھن ٽيڪنالاجي واري صنعت کي جنم ڏنو.
11 سيپٽمبر 2001ع کان پوءِ آمريڪا جي جنگي حڪمت عملي ۾ وڏيون تبديليون آيون. روايتي فوجي محاذن بدران ھاڻي اهڙن مخالفن سان مقابلو ٿيڻ لڳو جيڪي نہ يونيفارم پائيندا هئا ۽ نہ ئي واضح محاذ رکندا هئا. اهڙي صورتحال ۾ ھڪ وڏو سوال سامهون آيو: لکين ماڻهن تي ٻڌل شهرن مان ڪنھن ھڪ مخصوص ماڻهو کي ڪيئن ڳولھجي؟ سيٽلائيٽ تصويرن ۾ هٿيارن جي ذخيرن ۽ عام عمارتن ۾ فرق ڪيئن سڃاتو وڃي؟ يا اهڙي نيٽ ورڪ کي ڪيئن ٽريڪ ڪيو وڃي جيڪو خفيہ ايپس ۽ مسلسل بدلجندڙ سم ڪارڊ استعمال ڪري؟
اھي سڀ مسئلا دراصل ڊيٽا سان لاڳاپيل مسئلا هئا. نتيجي طور آمريڪي دفاعي ادارن ھٿرادو ڏاھپ ۽ مشين لرننگ تي وڏي پيماني تي سيڙپڪاري شروع ڪئي. آمريڪا جي اداري ڊيفنس ايڊوانسڊ ريسرچ پروجيڪٽ اينجسي "ڊارپا" جي بجيٽ ۾ نمايان واڌ آئي، جڏھن تہ قومي سلامتي وارن ادارن وسيع پيماني تي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جا نظام قائم ڪيا. ڊيٽا تجزيي واري ڪمپني پالانٽيئر بہ اهڙي ئي پسمنظر مان اُڀري، جنھن جا نظام بعد ۾ اسرائيلي فوج بہ استعمال ڪرڻ لڳي.
جديد فوجي ھٿرادو ڏاھپ کي سمجهڻ لاءِ ان کي چار بنيادي مرحلن ۾ ڏسڻ ضروري آهي. پهريون مرحلو نگراني جو هوندو آهي، جتي سيٽلائيٽ تصويرون، مواصلاتي ڊيٽا، بائيو ميٽرڪ معلومات ۽ ڊرون ذريعي حاصل ڪيل نگراني گڏ ڪئي ويندي آهي. آمريڪا روزانو لڳ ڀڳ سئو ٽيرا بائيٽ تصويري ڊيٽا پروسيس ڪري ٿو، جڏهن تہ اسرائيل غزه ۾ انتهائي وسيع نگراني جو ڄار وڇائي رکيو ھو.
ٻيو مرحلو ڊيٽا جي تشريح ڪندڙ ماڊلز جو ھوندو آھي. اسرائيل غزہ ۾ “گوسپل” نالي نظام سيٽلائيٽ تصويرن مان عمارتن، سرنگھن ۽ هٿيارن جي ذخيرن جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ٿيندو ھو. ٻئي طرف “ليوينڊر” سماجي نيٽ ورڪن ۽ روين سان لاڳاپيل ڊيٽا جو تجزيو ڪري ماڻهن کي ھڪ اسڪوَر ڏيندو ھو، جنھن جي بنياد تي اندازو لڳايو ويندو ھو تہ ڪو ماڻھو مزاحمتي ويڙھاڪ تنظيم سان لاڳاپيل آھي يا نہ.
ٽيون مرحلو “ڪِل چين” (Kill Chain) جو آھي، جنھن جو مقصد حملي جي سڄي عمل کي تيز ڪرڻ ھوندو آھي. اسرائيلي نظام “فائر فيڪٽري” ڪيترن ئي متغيرن جو ھڪ ئي وقت تجزيو ڪري بمباري جا شيڊول تيار ڪندو ھو، جيئن جھازن، هٿيارن، موسم ۽ فضائي حدن کي نظر ۾ رکندي حملا ترتيب ڏئي سگھجن. آمريڪا بہ پنھنجي جوائنٽ آل ڊومين ڪنٽرول 2 (جي اي ڊي سي 2) نيٽ ورڪ ذريعي اهڙي ئي قسم جو نظام تيار ڪري رھيو آھي، جنھن جو مقصد اھو آھي تہ دشمن کي ردعمل ڏيڻ جو موقعو ملڻ کان اڳ ئي حملي جو فيصلو ۽ ان تي عمل مڪمل ٿي وڃي.
چوٿون ۽ شايد سڀ کان اھم مرحلو فيڊ بيڪ جو ھوندو آھي. ھر حملي کان پوءِ سيٽلائيٽ ۽ ڊرون تصويرن، مواصلاتي ڊيٽا ۽ ٻين ذريعن جي مدد سان اھو جائزو ورتو ويندو آھي تہ حملي جو نتيجو ڇا نڪتو. اھا معلومات ٻيھر ماڊل کي ڏني ويندي آھي تہ جيئن ھو پنھنجي ايندڙ اندازن کي وڌيڪ بھتر بڻائي سگھي. غزه ۾ لڳ ڀڳ ارڙھن مھينن تائين اهڙي ڊيٽا گڏ ٿيڻ کان پوءِ، ايران تي ٿيندڙ حملي جي وقت اھي نظام اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ تربيت يافتہ ٿي چڪا هئا.
غزه جي جنگ دوران انھن نظامن جي استعمال ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو. رپورٽن موجب “ليوينڊر” جي ڊيٽابيس ۾ لڳ ڀڳ 37 ھزار ماڻهن جا نالا شامل هئا. ھر شخص کي ھڪ امڪاني اسڪوَر ڏنو ويندو ھو، جنھن جي بنياد تي اندازو لڳايو ويندو ھو تہ اھو شخص ڪنھن مزاحمتي ويڙھاڪ تنظيم سان لاڳاپيل آھي يا نہ. گهٽ درجي جي هدفن لاءِ بہ ڪڏھن ڪڏھن اھڙو اصول لاڳو ڪيو ويندو ھو تہ ھڪ ماڻھو کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيترن عام شھرين، ٻارن، عورتن جي موت کي بہ قابلِ قبول سمجھيو وڃي.
ان جنگ دوران وڏي پيماني تي تباھي آئي. گڏيل قومن جي مطابق غزه جي لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو رھائشي عمارتون يا تہ متاثر ٿيون يا مڪمل طور تباھ ٿي ويون. ڪيترن ماهرن جو خيال آھي تہ اهڙي صورتحال جديد شھري جنگ جي تاريخ ۾ تقريباً بي مثال آھي.
ڪُجهہ تجزيہ نگارن اھو بہ دليل ڏنو تہ غزه عملي طور ھٿرادو ڏاھپ تي ٻڌل جنگي نظامن لاءِ ھڪ وڏي حقيقي تجربگاهہ بڻجي ويو.
ساڳئي وقت آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو ڪردار بہ انتهائي اھم رھيو. 2021ع ۾ ايمازون ۽ گوگل اسرائيل لاءِ ڪلائوڊ انفراسٽرڪچر تيار ڪرڻ جو ھڪ وڏو معاھدو حاصل ڪيو. اهڙي ڪمپيوٽنگ طاقت کانسواءِ “ليوينڊر”، “گوسپل” ۽ ٻين نظامن جو وڏي پيماني تي ھلڻ ممڪن نہ ھجي ها. مائڪروسافٽ، اوپن اي آئي ۽ ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جا ڪلائوڊ پليٽفارم بہ دفاعي ادارن طرفان وڏي پيماني تي استعمال ٿيندا رھيا.
ان پسمنظر ۾ 2026ع ۾ ھڪ اھم تڪرار سامھون آيو، جڏھن آمريڪي پينٽاگون ھڪ وڏي فوجي معاهدي لاءِ اي آءِ ڪمپني اينٿروپڪ سان ڳالهين ۾ ھو. ڪمپني جي پاليسي ۾ ٻہ واضح شرط شامل هئا: ان جا ماڊل مڪمل طور خودمختيار قاتل هٿيارن لاءِ استعمال نہ ڪيا وڃن ۽ نہ ئي وڏي پيماني تي رياست ۾ رھندڙ شھرين جي نگراني لاءِ. پينٽاگون چاهيو پئي تہ ڪمپني پنھنجين شرطن کي ختم ڪري “قانوني مقصدن” جي نالي تي مڪمل اجازت ڏئي. اينٿروپڪ انڪار ڪيو، جنھن کان پوءِ حڪومت ڪمپني کي قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ان جا نظام سرڪاري استعمال لاءِ بند ڪري ڇڏيا.
حيرت انگيز طور، ان پابندي کان پوءِ ڪمپني جي ايپ وڌيڪ مقبول ٿي وئي ۽ استعمال ڪندڙن جو انگ تيزي سان وڌڻ لڳو. بعد ۾ ڪُجهہ رپورٽن مان اھو بہ ظاھر ٿيو تہ پابندي ھوندي بہ فوجي نظامن ۾ ان ماڊل جا ڪُجهہ استعمال جاري رکيا.
فيبروري 2026 جي آخر ۾ اوپن اي آءِ جي سربراهہ سيم الٽمان سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪسٽوئٽر تي ھڪ اعلان ڪيو، جنھن ۾ ھُن ٻڌايو تہ ڪمپني آمريڪي پينٽاگون سان ھڪ نئين معاهدي تي ڪم ڪري رھي آھي. ھن اعلان فوراً ئي سخت ردعمل کي جنم ڏنو. ڪيترن صارفين ۽ تجزيہ نگارن ان فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو تہ اوپن اي آءِ جو فوجي استعمال ڏانھن اھو رخ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي اخلاقي ذميوارين بابت نوان سوال پيدا ڪري ٿو.
الٽمان پنھنجي بيان ۾ چيو تہ معاهدي ۾ “ٽيڪنيڪي حفاظتي قدم” شامل ھوندا، جيڪي وڏي پيماني تي نگراني يا مڪمل طور خودمختيار قاتل هٿيارن جي استعمال کي روڪيندا. ھن ان کي ھڪ ذميوار قدم طور پيش ڪيو، خاص طور تي ان وقت جڏھن آمريڪي حڪومت اينٿروپڪ تي پابندي لڳائي چڪي هئي. بھرحال ڪيترن نقادن جو خيال آھي تہ اھو قدم اصل ۾ مارڪيٽ جي حالتن مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش آھي.
ان اعلان کان پوءِ ردعمل صرف سياسي ۽ معاشي بحث تائين محدود نہ رھيو پر ان جا اثر اوپن اي آئي جي ٽول چيٽ جي پي ٽي جي استعمال ۾ بہ نظر آيا. ايپ اسٽور جي ڊيٽا ۽ سينسر ٽاور جي انگن اکرن موجب ھڪ ئي ڏينھن ۾ چيٽ جي پي ٽي کي اَن انسٽال ڪرڻ جي شرح لڳ ڀڳ 295 سيڪڙو وڌي وئي. ساڳئي وقت اينٿروپڪ جي ايپ “ڪلاڊ” مفت ايپس جي فھرست ۾ تيزي سان مٿئين نمبرن تي پھچي وئي، ڇاڪاڻ تہ ڪيترن صارفين ان کي ھڪ “اخلاقي متبادل” طور ڏسڻ شروع ڪيو. بعد ۾ سيم الٽمان عوامي وضاحتن ۾ تسليم ڪيو تہ اھو قدم ڪُجهہ حد تائين “جلد بازي ۽ موقعا پرستي” جو نتيجو ھو. ھن اھو بہ چيو تہ ڪمپني ھاڻي معاهدي ۾ اهڙين شرطن تي ٻيھر ڳالهيون ڪري رھي آھي، جيڪي عام ماڻھن جي نگراني جھڙين استعمالن کي واضح طور محدود ڪن. تنھن ھوندي بہ ان اعلان جا اثر ڪمپني اندر بہ محسوس ڪيا ويا، جتي ڪُجهہ اندروني سروي موجب ملازمن ۾ ان فيصلي جي تاثر بابت بي چيني موجود آھي.
ھي سڄي صورتحال ھڪ وڏو اخلاقي سوال اٿاري ٿي: جڏھن ٽيڪنالاجي ڪمپنيون جنگي نظامن لاءِ اوزار فراھم ڪن ٿيون تہ ڇا اھي رڳو ٽيڪنالاجي مھيا ڪندڙ ھونديون آھن يا پوءِ جنگ جو حصو بڻجي وڃن ٿيون؟ ڪُجهہ ڪمپنين لاءِ اھو سوال صرف ڪاروباري فيصلي جو معاملو ھوندو آھي، جڏھن تہ ڪُجهہ لاءِ ھتي ھڪ واضح اخلاقي سرحد بہ موجود ھوندي آھي.
ھٿرادو ڏاھپ تي ٻڌل جنگي نظامن بابت سڀ کان وڏو خدشو اھو آھي تہ اھي فيصلا ڪرڻ جي رفتار کي انساني سوچ کان بہ وڌيڪ تيز ڪري ڇڏين ٿا. جڏھن حملي جي منظوري لاءِ رڳو ويھہ سيڪنڊ ھجن، تہ عملي طور انسان صرف مشين جي تجويز جي تصديق ڪندڙ بڻجي وڃي ٿو.
جوھري ھٿيارن کانپوءِ اڄ آمريڪا ۽ اسرائيل دنيا جا سڀ کان وڌيڪ ترقي يافتہ اي آئي تي ٻڌل جنگي نظام تيار ڪري چڪا آھن ۽ حيران ڪن ڳالھہ اھا آھي تہ انھن کي حقيقي جنگي حالتن ۾ آزمائي بہ چڪا آھن. پر سڀ کان اھم سوال اڃا بہ ساڳيو آھي: جنگ جو حتمي مقصد ڪير طئي ڪري ٿو؟ ۽ ڇا انھن رياستن ۽ ھيڏي وڏين نظامن ۾ ڪو اھڙو وڏو گڏيل قومن جھڙو ادارو بہ آھي جيڪو ٿورو وقت ڪڍي اھو سوال پڇي سگھي تہ اھو مقصد صحيح بہ آھي يا نہ؟