وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي: ايران تي گڏيل حملا ۽ علائقائي سلامتي کي خطرو
آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي تيل ڊپو ۽ فوجي تنصيبات تي حملا جاري رکيا آهن، جڏهن تہ ايران اسرائيل ۽ ڪجھ خليجي ملڪن ڏانهن ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪري جواب ڏئي رهيو آهي. تڪرار لبنان ۽ عراق تائين پکڙجڻ سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران خلاف شروع ڪيل وڏي پيماني جي فوجي مهم کي نَوَ ڏينهن ٿي ويا آهن، جنهن دوران تڪرار نہ رڳو ايران جي اندروني علائقن تائين محدود رهيو آهي پر پوري وچ اوڀر، خاص طور خليجي ملڪن، لبنان ۽ عراق تائين پکڙجي ويو آهي. ڇنڇر جي رات دير سان تهران جي اولھندي مضافاتي علائقي ۾ واقع شهران آئل ڊپو تي شديد فضائي حملي کانپوءِ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ تيل جي ٽينڪن ۾ باہ ڀڙڪي اٿي، جنهن جا منظر مقامي ٽيليويزن ۽ صحافتي ادارن نشر ڪيا.
اسرائيلي فوج بيان جاري ڪندي چيو تہ حملو انهن هنڌن تي ڪيو ويو جيڪي سندن دعويٰ موجب ايراني هٿياربند ادارن ۽ فوجي لاجسٽڪ نظام سان لاڳاپيل هئا. جنگ جي شروعات 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي سان ٿي هئي ۽ ايران جي سرڪاري ذريعن مطابق ان وقت کان وٺي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 1332 ماڻھو حياتي وڃائي ويٺا آهن، جڏهن تہ ڪيترائي هزار زخمي بہ ٿيا آهن ۽ ڪيترين صنعتي ۽ رهائشي عمارتن کي بہ سخت نقصان پهتو آهي.
واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کان “غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ” جو مطالبو ورجايو آهي. هن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ فوجي ڪارروائيون ڪجھ وقت تائين جاري رهنديون ۽ سندس چوڻ موجب آمريڪي فوجي مهم “غير معمولي طور ڪامياب” رهي آهي. ٽرمپ اهو بہ واضح ڪيو تہ واشنگٽن هن مرحلي تي تهران سان ڪنهن بہ قسم جي مفاهمت يا سياسي ٺاہ بابت سنجيدہ ڳالھين ۾ دلچسپي نٿو رکي.
وائٽ هائوس جي ذريعن موجب موجودہ فوجي مهم چار کان ڇهن هفتن تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ آمريڪي دفاعي کاتي جو چوڻ آهي تہ خطي ۾ وڌيڪ فوجي وسيلا بہ موڪليا پيا وڃن تہ جيئن آمريڪي مفادن ۽ اتحادي ملڪن جي حفاظت يقيني بڻائي سگھجي.
ٻئي طرف ايران اعلان ڪيو آهي تہ هرمز جو اهم سامونڊي لنگھ بظاهر کليل آهي، پر ايراني فوج خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏهن آمريڪي يا اسرائيلي بحري جھاز هن رستي مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندا تہ کين نشانو بڻايو ويندو. هرمز جو آبنائي رستو عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم سمجھيو وڃي ٿو ڇاڪاڻ تہ دنيا جي وڏي حصي جو خام تيل ان لنگھ تان گذري ٿو. تازين فوجي ڇڪتاڻن سبب ڪيترن ئي تجارتي جھازن هن رستي کان گذرڻ کان پاسو ڪيو آهي، جنهن ڪري عالمي مارڪيٽن ۾ بيچيني وڌي وئي آهي. عالمي تيل مارڪيٽن ۾ تيزي سان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ برينٽ ڪروڊ جي قيمت صرف هڪ هفتي اندر لڳ ڀڳ 27 سيڪڙو وڌي وئي آهي، جيڪا ڪورونا وبا کانپوءِ سڀ کان وڏي هفتيوار واڌ قرار ڏني پئي وڃي.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان پاڙيسري خليجي ملڪن سان لاڳاپن بابت وضاحت ڏيندي چيو آهي تہ تهران علائقي جي ملڪن سان ڀائپي ۽ تعاون جا لاڳاپا برقرار رکڻ چاهي ٿو ۽ ايران ڪنهن بہ صورت ۾ پاڙيسري رياستن سان دشمني نٿو چاهي. سندس چوڻ هو تہ ڪجھ قوتون علائقي ۾ غلط فهميون پيدا ڪري پاڙيسري ملڪن کي هڪ ٻئي خلاف ڪرڻ چاهين ٿيون. بهرحال ساڳئي وقت بحرين، ڪويت، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات پنهنجي فضائي حدن ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملن جون رپورٽون ڏنيون آهن.
بحرين جي گھرو وزارت موجب هڪ ڊرون حملي سبب سامونڊي پاڻي کي پيئڻ جي لائق بڻائيندڙ ڊيسيلينيشن پلانٽ کي نقصان رسيو، جيڪو ملڪ لاءِ اهم پاڻي جو ذريعو آهي. خليجي ملڪن جي اڪثريت پيئڻ جي پاڻي لاءِ اهڙن سامونڊي پلانٽن تي ڀاڙي ٿي، تنهنڪري ان قسم جي حملي علائقي ۾ وڌيڪ خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن.
ڪويت جي اختيارين ٻڌايو آهي تہ ميزائل ۽ ڊرون حملن دوران سرحدي سيڪيورٽي تي مقرر ٻن اهلڪارن حياتي وڃائي آھي، جڏهن تہ ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجھو باہ لڳڻ جا واقعا پڻ پيش آيا. قطر، ڪويت ۽ گڏيل عرب امارات بہ پنهنجي فضائي حدن ۾ ايندڙ ڪيترن ئي ڊرونن ۽ ميزائلن کي روڪڻ جون دعوائون ڪيون آهن.
سعودي عرب جو چوڻ آهي تہ رياض جي سفارتي علائقي ڏانهن ايندڙ ڪيترائي ڊرون تباہ ڪيا ويا. خليجي تعاون ڪائونسل، جنهن ۾ بحرين، ڪويت، عمان، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات شامل آهن، گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي تہ ايران جا تازا حملا علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن.
انساني حقن جي تنظيمن پڻ تڪرار دوران ٿيندڙ نقصانن بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. هڪ بين الاقوامي انساني حقن جي اداري چيو آهي تہ ايران جي ڏاکڻي علائقي ۾ هڪ پرائمري اسڪول تي ٿيل حملي جي جاچ ضروري آهي، جتي گھٽ ۾ گھٽ 160 ماڻھو مارجي ويا هئا، جن ۾ وڏي انگ ۾ ٻار پڻ شامل هئا. ڪجھ صحافتي تحقيقاتي رپورٽن موجب امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي تہ اهو حملو آمريڪي فوجي ڪارروائي دوران ٿيو هجي. انساني حقن جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن شهري آبادي يا تعليمي ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو تہ اهو بين الاقوامي قانون تحت جنگي ڏوہ شمار ٿي سگھي ٿو.
ايران جي اندر سياسي صورتحال بہ تيزي سان تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنئي جي قتل کانپوءِ ملڪ جي اعليٰ مذهبي قيادت اندر نئين رهبري بابت صلاح مشورا جاري آهن. اسيمبلي آف ايڪسپرٽس جي هڪ اهم ميمبر آيت الله محمد مهدي ميرباگھري اشارو ڏنو آهي تہ نئين سپريم ليڊر جي چونڊ بابت جلد فيصلو متوقع آهي ۽ قيادت بابت تقريباً اتفاق راءِ پيدا ٿي چڪي آهي.
آمريڪي انٽيليجنس ڪائونسل جي تيار ڪيل هڪ رپورٽ، جنهن جا حوالا ڪجھ آمريڪي اخبارن ڏنا آهن، ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪري ٿي تہ جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ اسرائيل وڏي پيماني تي فوجي حملن ۾ مصروف آهن، پر ان باوجود ايران جي موجودہ حڪومتي نظام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو امڪان گھٽ آهي. رپورٽ موجب ايران جو مخالف سياسي قوتون منتشر ۽ غير منظم آهن، تنهنڪري موجودہ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اقتدار سنڀالڻ لاءِ ڪو مضبوط متبادل نظر نٿو اچي.
جنگي صورتحال اسرائيل اندر بہ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي تہ ايران تازن ڏينهن ۾ ڪيترائي ميزائل اسرائيل ڏانهن فائر ڪيا آهن، جنهن بعد ڏکڻ اسرائيل سميت نيگيڦ ريگستان ۾ هوائي حملي جا سائرن وڄايا ويا. ايران جي پاسداران انقلاب گارڊ ڪور ان ڪارروائي کي “آپريشن ٽرو پرامس” جي ستاويهون لھر قرار ڏنو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي تہ اسرائيل جي فوجي تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو.
آمريڪا ۾ پڻ جنگ جا اثر واضح نظر اچي رهيا آهن. ايران جي جوابي حملي ۾ مارجي ويل ڇهن آمريڪي فوجين جا تابوت وطن واپس آندا ويا، جتي صدر ٽرمپ فوجي اعزازن سان ٿيندڙ استقبال واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن ان واقعي کي آمريڪا لاءِ “تمام ڏکوئيندڙ ڏينهن” قرار ڏنو. ساڳئي وقت آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ سخت بيان ڏيندي خبردار ڪيو آهي تہ جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن بہ هنڌ تي آمريڪي شهرين يا فوجين کي نشانو بڻايو ويو تہ آمريڪا بنا ڪنهن هٻڪ جي ايران خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪندو.
ڪجھ ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي اعليٰ درجي جي افزودہ يورينيم جي ذخيري بابت بہ ڳڻتي ظاهر ڪري رهيا آهن. خبرن مطابق ٻنهي ملڪن جي حڪمت عملي ۾ اهو بہ شامل آهي تہ مستقبل ۾ ڪنهن مرحلي تي خاص فوجي دستا ايران اندر موڪلي انهن جوهري مواد تي قبضي جي ڪوشش ڪري سگھن ٿا، جيتوڻيڪ اهڙي ڪارروائي بابت حتمي فيصلو اڃا سامهون ناهي آيو.
لبنان ۽ عراق بہ هن تڪرار جي اثر کان بچي نہ سگھيا آهن. اسرائيلي فوج بيروت جي مرڪزي علائقي ۾ هڪ هوٽل تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ چار ماڻھو مارجي ويا ۽ ڏہ کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اسرائيل دعويٰ ڪئي تہ هوٽل ۾ ايران جي قدس فورس سان لاڳاپيل اهم ڪمانڊر موجود هئا. بيروت جي ڏکڻ مضافاتي علائقن تي پڻ اسرائيلي حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ ڏکڻ لبنان جي ڪيترن ئي ڳوٺن جھڙوڪ ارنون، يهمور ۽ زراريہ جي رهواسين کي فوري طور علائقو خالي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله بہ بيان جاري ڪندي چيو آهي تہ هنن ڏکڻ لبنان جي شهر مربا ۾ اسرائيلي فوجي دستن کي نشانو بڻايو آهي. مسلسل بمباري سبب هزارين ماڻھو پنهنجا گھر ڇڏي ٻين محفوظ علائقن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، جڏهن تہ بيروت جي ڪيترن ئي اسڪولن کي عارضي پناهگاهن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
اتر عراق جي سليمانيہ علائقي ۾ ڪرد پيشمرگھ فورس هڪ مشڪوڪ ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. عراق جي فوجي اختيارين چيو آهي تہ نہ عراقي فوج ۽ نہ ئي ڪرد پيشمرگھ دستا ايران جي سرحد پار ڪري ڪنهن فوجي ڪارروائي ۾ شامل ٿيا آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ پڻ بيان ڏنو آهي تہ هو جنگ کي وڌيڪ پيچيدہ بڻائڻ نٿو چاهي، تنهنڪري ڪرد فورسن کي سڌي ريت هن تڪرار ۾ شامل ڪرڻ بابت في الحال ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو. جنگ جي وڌندڙ دائري سبب وچ اوڀر جو خطو شديد غير يقيني صورتحال ۾ داخل ٿي ويو آهي، جڏهن تہ سفارتي حلقن ۾ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي تہ جيڪڏهن تڪرار جلد ختم نہ ٿيو تہ ان جا عالمي سياسي ۽ معاشي اثر گھڻو وڌيڪ سنگين ٿي سگھن ٿا.