سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيلن ۽ عدالتي عملي کي ذاتي گاڏين تان سرڪاري نشانيون هٽائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيلن ۽ عدالتي عملي کي ذاتي گاڏين تان سائيون نمبر پليٽون، سرڪاري مونوگرام ۽ عدالتي لوگو هٽائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت وڪيلن ۽ عدالتي عملي کي ذاتي گاڏين تان سائيون نمبر پليٽون، سرڪاري مونوگرام ۽ عدالتي لوگو هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت جي هدايت تي ان حوالي سان سرڪيولر پڻ جاري ڪيو ويو آهي. عدالتي سرڪيولر موجب ذاتي گاڏين تان نيريون بتيون، بيڪن، فليشرز، مُهرون ۽ غيرمجاز اسٽيڪر پڻ هٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سرڪيولر ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ سرڪاري عهدو ظاهر ڪندڙ نشانين ۽ جعلي نمبر پليٽن جي استعمال تي پڻ پابندي هوندي، جڏهن تہ حڪمن تي عمل نہ ڪندڙ گاڏين جي عدالتن ۾ داخلا بند ڪئي ويندي. سرڪيولر موجب ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏين جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران جاري ڪيل سرڪيولر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ ذاتي گاڏين تان غيرقانوني شيون هٽائڻ لاءِ 7 ڏينھن جي مھلت ڏني وئي آهي.