ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جو گڏيل ثقافتي ورثو

ڀڳت ڪنور رام: سنڌ جي صوفي موسيقي، انسانيت ۽ مذهبي رواداريءَ جو هڪ اهم ڪردار

سنڌ جي تاريخ رڳو حڪمرانن، جنگين ۽ سياسي تحريڪن جي تاريخ ناهي، پر اها محبت، رواداري، انسانيت، صوفي فڪر ۽ موسيقيءَ جي انهن عظيم روايتن جي بہ امين آهي، جن صدين کان مختلف مذهبن، عقيدن ۽ قومن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجھو آندو آهي. سنڌ جي اهڙين ئي روشن شخصيتن ۾ ڀڳت ڪنور رام جو نالو انتهائي احترام ۽ عقيدت سان ورتو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي سريلي آواز، صوفياڻا ڪلام، روحاني فڪر ۽ انسان دوست ڪردار وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ اهڙي جاءِ ٺاهي، جيڪا اڄ بہ قائم آهي. ڀڳت ڪنور رام کي سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مقام حاصل آهي. سندس سڃاڻپ رڳو هڪ راڳي يا فنڪار طور نہ، پر اهڙي صوفي شخصيت طور آهي، جنهن موسيقيءَ کي عبادت، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو ذريعو بڻايو. سندس محفلن ۾ مذهب، ذات، طبقي ۽ سماجي حيثيت جا فرق ختم ٿي ويندا هئا ۽ ماڻھو هڪ ئي جاءِ تي ويهي روحاني ڪلام ٻڌندا هئا. جنم، ننڍپڻ ۽ شروعاتي زندگي ڀڳت ڪنور رام 13 اپريل 1885ع تي سنڌ جي ضلعي گھوٽڪيءَ جي شهر ميرپور ماٿيلي ڀرسان ڳوٺ جروار ۾ سيٺ تراچند جي گهر جنم ورتو. سندس والدہ جو نالو تيرٿ ٻائي هو ان وقت اهو علائقو ضلعي سکر جو حصو هو، جيڪو هاڻي ضلعي گھوٽڪيءَ ۾ شامل آهي. سندس ننڍپڻ ڪنهن امير گھراڻي جي آسائشن ۾ نہ، پر هڪ عام پورهيت ۽ واپاري خاندان جي ماحول ۾ گذريو. هن ننڍي هوندي ئي پنهنجي والد جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊايو. ڪڏهن ٻنيءَ جي سار سنڀال، ڪڏهن کوہ مان پاڻي ڪڍڻ ۽ ڪڏهن بازارن ۾ اُٻاريل چڻا وڪڻڻ سندس روزاني زندگيءَ جو حصو هئا. تحقيقي مضمونن ۾ بيان ٿيل روايتن موجب، ڪنور رام جڏهن گھٽين ۾ چڻا وڪڻندو هو تہ سندس آواز ۾ اهڙي مٺاس ۽ سُر هوندا هئا، جو سندس سڏ بہ ماڻهن لاءِ موسيقيءَ جو روپ اختيار ڪري ويندو هو. سندس انھيءَ فطري سريلي آواز ئي اڳتي هلي کيس سنڌ جي نامور ڀڳتن ۽ راڳين جي صف ۾ آندو. روحاني تربيت ۽ گروءَ سان لاڳاپو ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ ۾ روحاني تربيت کي بنيادي اهميت حاصل رهي. سندس لاڳاپو حيات پتافيءَ جي درٻار ۽ رهڙڪيءَ جي صوفي روايتن سان رهيو. هن سنت سترام داس کي پنهنجو روحاني رهبر تسليم ڪيو، جنهن جي صحبت ۽ تربيت سندس فڪر ۽ فن تي گھرا اثر ڇڏيا. تحقيق ڪندڙ جيوتي گارين جي 2021ع واري علمي مقالي موجب، ننڍپڻ ۾ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ سندس سريلي آواز کي سڃاتو ويو ۽ کيس ڀائي هسارام وٽ موسيقيءَ جي سکيا لاءِ همٿايو ويو. ان دور ۾ ماتا صاحب هسي ٻائيءَ بہ سندس صلاحيتن کي ساراهيو ۽ کيس اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهيو. سندس زندگيءَ بابت هلندڙ هڪ مشهور روايت موجب، جڏهن ڪنور رام چڻا وڪڻڻ دوران پنهنجو سريلو سڏ ڏيندو هو تہ اهو آواز سنت سترام داس تائين پهتو، جنهن کيس پاڻ وٽ گھرايو. ان واقعي کي سندس روحاني سفر جي هڪ اهم شروعات طور بيان ڪيو ويندو آهي. هن پنهنجي روحاني تربيت کي رڳو ذاتي عبادت تائين محدود نہ رکيو، پر ان کي ماڻهن جي خدمت محبت ۽ سماجي ڀائيچاري سان ڳنڍي ڇڏيو. سنڌي ڀڳت روايت ۽ موسيقيءَ ۾ سندس مقام سنڌ ۾ ڀڳت هڪ قديم لوڪ ۽ روحاني فن آهي، جنهن ۾ راڳ، شاعري، قصا، ناچ، روايتي لباس ۽ داستان گوئي گڏجي هڪ منفرد فني صورت اختيار ڪن ٿا. ان ۾ فنڪار رڳو ڳائيندو ناهي، پر پنهنجي آواز، انداز ۽ حرڪتن ذريعي ٻڌندڙن کي روحاني ۽ ثقافتي ماحول ۾ وٺي ويندو آهي. تحقيق ڪندڙ جيوتي گارين پنهنجي مقالي: A Sindhi Bhagat Song Associated with Kanvar Ram اندر ڀڳت کي سنڌ جي گڏيل لوڪ ورثي جو هڪ اهم حصو قرار ڏنو آهي. سندس تحقيق موجب، هن روايت جون پاڙون ڪيترائي صديون پراڻيون آهن ۽ ڀڳت ڪنور رام ان فن کي نئين سڃاڻپ، مقبوليت ۽ اثرائتو انداز ڏنو ڪنور رام جو مخصوص لباس ڊگھو اڇو ڪُرتو، مٿي تي پڳڙي ۽ پيرن ۾ گھنگھرو هوندو هو. هو راڳ سان گڏ رقص ۽ قصا گوئيءَ وسيلي محفل کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪندو هو، جو ٻڌندڙ رات دير تائين سندس فن ۾ محو رهندا هئا. سندس راڳ ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، ڪبير ۽ ميرا ٻائيءَ جي فڪر جا رنگ نمايان هئا. هن مختلف صوفي شاعرن جي ڪلام کي پنهنجي آواز ۽ مخصوص ادائگيءَ سان ماڻهن تائين پهچايو. سندس اهم ڪلامن ۾: نالي الله جي ٻيڙو تار منھنجو ڪيئن ريجھايان توکي، ڪيئن پرچايان آءُ ڪانگا، ڪري ڳالھ لولي لال کي ڏيان سچو سائين سترام موسيقيءَ کان اڳتي: انسانيت جي خدمت ڀڳت ڪنور رام جي شخصيت جو سڀ کان نمايان پهلو سندس انسان دوستي ۽ سخاوت هئي. هو پنهنجي محفلن ۾ عقيدتمندن کان ملندڙ نذرانو ذاتي ملڪيت نہ سمجھندو هو، پر اهو غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي مدد لاءِ خرچ ڪندو هو. تحقيقي حوالن موجب، سندس گذر سفر جو ذريعو پنهنجو ننڍڙو واپار هو، تنھنڪري محفلن مان حاصل ٿيندڙ رقم هو ضرورتمندن ۾ ورهائيندو هو. ڪنهن غريب خاندان جي ڌيءَ جي شاديءَ لاءِ مدد ڪرڻي هجي، ڪنهن قرضيءَ جو بار هلڪو ڪرڻو هجي يا ڪنهن بکئي کي کاڌو فراهم ڪرڻو هجي، هو هر ممڪن مدد ڪندو هو. جيوتي گارين جي علمي تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ سندس محفلن مان ملندڙ نذرانن کي هو ضرورتمندن تائين پهچائيندو هو ۽ ڪٿي ڪٿي مسافرن لاءِ ڌرم شالائون ۽ اجتماعي سهولتون قائم ڪرڻ ۾ بہ استعمال ڪندو هو. سندس انھيءَ ڪردار سبب ماڻهن ۾ اهو تصور مضبوط ٿيو تہ ڀڳت ڪنور رام لاءِ عبادت جو اصل مقصد انسانيت جي خدمت هو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ سان ثابت ڪيو تہ روحانيت جو حسن رڳو عبادتگاهن تائين محدود نہ ، پر انسانن جي ڏکن کي گھٽائڻ ۾ بہ آهي. هندو مسلم ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداريءَ جو پيغام سنڌ جي سماجي تاريخ ۾ ڀڳت ڪنور رام جي اهميت جو هڪ وڏو سبب سندس مذهبي رواداريءَ وارو ڪردار آهي. سندس محفلن ۾ هندو، مسلمان ۽ مختلف سماجي طبقن جا ماڻھو گڏ ويهندا هئا. هو ڪنهن سان بہ مذهب، ذات يا طبقي جي بنياد تي فرق نہ ڪندو هو. سندس فن ۾ شاه لطيف، سچل، سامي، ڪبير ۽ ميرا ٻائيءَ جي فڪر جو ميلاپ نظر اچي ٿو، جيڪو سنڌ جي گڏيل روحاني روايت جي عڪاسي ڪري ٿو. سندس محفلون رڳو موسيقيءَ جون تقريبون نہ هونديون هيون، پر اهي اهڙا سماجي ميڙاڪا هئا، جتي ماڻهن کي محبت، برداشت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو سبق ملندو هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شخصيت کي رڳو سنڌ جي هندو برادريءَ تائين محدود نٿو ڪري سگھجي. مسلمانن سميت مختلف عقيدن جا ماڻھو بہ کيس احترام سان ياد ڪندا آهن. سنڌ جي تاريخ جو دردناڪ واقعو: رڪ ريلوي اسٽيشن تي شهادت 1939ع وارو سال سنڌ جي تاريخ ۾ مذهبي ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي حوالي سان انتهائي ڏکيو دور هو. ان دور ۾ منجھند ڳڙہ مسجد واري تحريڪ ۽ روهڙيءَ جي فسادن سبب سنڌ جي سماجي فضا ۾ تلخي وڌي رهي هئي. اهڙي ئي ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ پهرين نومبر 1939ع تي ڀڳت ڪنور رام کي رڪ ريلوي اسٽيشن تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. هو سفر دوران رڪ اسٽيشن تي پهتو هو، جتي سندس عقيدتمند ۽ مداح سندس آجيان لاءِ موجود هئا. جيوتي گارين جي علمي تحقيق پڻ سندس قتل جي تاريخ پهرين نومبر 1939ع ڄاڻائي ٿي. جڏهن تہ پاڪستان جرنل آف هسٽري اينڊ ڪلچر جي 2021ع واري هڪ تحقيقي مقالي ۾ سندس قتل جي تاريخ 12 نومبر 1939ع ڄاڻايل آهي. تنھنڪري تاريخي رڪارڊ ۾ تاريخ بابت اختلاف موجود آهي، پر پهرين نومبر سندس ورسيءَ جي حوالي سان وڏي پيماني تي مڃيل تاريخ آهي. سندس قتل سنڌ جي گڏيل سماجي ۽ ثقافتي ماحول لاءِ وڏو صدمو هو. هڪ اهڙي شخصيت، جنهن پنهنجي زندگي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ نفرتن کي گھٽائڻ لاءِ وقف ڪئي هئي، سا پاڻ مذهبي انتهاپسنديءَ جو نشانو بڻجي وئي. ورسي، عقيدت ۽ سنڌ جي ثقافتي يادگيري ڀڳت ڪنور رام جي شهادت کانپوءِ بہ سندس فن ۽ فڪر سنڌ جي ماڻهن جي دلين مان ختم نہ ٿي سگھيو. هر سال پهرين نومبر تي سندس ورسيءَ جي موقعي تي رڪ ريلوي اسٽيشن ۽ رهڙڪيءَ سميت مختلف هنڌن تي عقيدت جون تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون. انهن تقريبن ۾ هندو توڙي مسلمان عقيدتمند شرڪت ڪندا آهن، جڏهن تہ سنڌ جا راڳي سندس مشهور ڪلام پيش ڪري کيس ڀيٽا ڏيندا آهن. سندس شخصيت تي لکيل شاعري ۽ ادبي تحريرون پڻ پڙهيون وينديون آهن. سندس زندگي ۽ خدمتن تي ادبي سطح تي بہ ڪم ٿيو آهي. نامياري ليکڪ تيرٿ وسنت جو لکيل ڪتاب ”ڪنور“ 1958ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي 1959ع ۾ ڀارت جي ساهتيہ اڪيڊميءَ پاران ايوارڊ ڏنو ويو. اهو ڪتاب ڀڳت ڪنور رام جي زندگيءَ بابت اهم سوانحي ماخذن مان هڪ آهي. سندس زندگيءَ تي 1952ع ۾ سنڌي فلم پڻ ٺاهي وئي، جنهن جي هدايتڪاري ڌرم ڪمار ڪئي. ان کان علاوہ 26 اپريل 2010ع تي ڀارت جي اڳوڻي صدر پرتيڀا پاٽل سندس ياد ۾ يادگاري ٽپال ٽڪلي جاري ڪئي، جيڪا سندس فني ۽ سماجي خدمتن جي اعتراف جو هڪ اهم مثال آهي. ڀڳت ڪنور رام جي شخصيت کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي تہ کيس رڳو هڪ مذهبي يا ثقافتي شخصيت طور نہ ڏٺو وڃي، پر سنڌ جي گڏيل تهذيب، صوفي فڪر ۽ انسان دوستيءَ جي علامت طور سمجھيو وڃي. سندس زندگيءَ جو پيغام اڄ بہ سنڌ جي سماج لاءِ اهميت رکي ٿو. اهڙي دور ۾ جڏهن مذهبي، لساني ۽ سياسي اختلافن سبب سماج ۾ ورهاست وڌي رهي آهي، تڏهن ڪنور رام جي زندگي محبت، برداشت ۽ گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ جو هڪ روشن مثال بڻجي سامهون اچي ٿي. هن موسيقيءَ کي نفرت جي بدران محبت جو ذريعو بڻايو، روحانيت کي ڏيکاءَ بدران خدمت سان ڳنڍيو ۽ شهرت کي ذاتي مفاد بدران اجتماعي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪيو. سندس ڪردار اسان کي اهو بہ ياد ڏياري ٿو تہ سنڌ جي ثقافت ڪنهن هڪ مذهب، ذات يا طبقي جي ميراث ناهي، پر اها مختلف عقيدن ۽ روايتن جي گڏيل محنت سان جڙيل هڪ وسيع تهذيبي ورثو آهي. ڀڳت ڪنور رام جسماني طور هن دنيا مان هليو ويو، پر سندس آواز، ڪلام، انسان دوستي ۽ رواداريءَ جو پيغام اڄ بہ سنڌ جي فضا ۾ گونجي رهيو آهي.