ايران واري جنگ دوران، ڇا روس يوڪرين جي پيٽريئٽ ميزائلن جي کوٽ جو فائدو وٺندو؟
وچ اوڀر ۾ ايران جي ميزائلن کي روڪڻ لاءِ پيٽريئٽ سسٽم جي وڏي استعمال سبب يوڪرين کي جلد ئي دفاعي ميزائلن جي کوٽ جو خطرو پيدا ٿي رھيو آھي. ماهرن موجب روس ھن صورتحال مان فائدو وٺي وڏا حملا ڪري سگھي ٿو.
جڏھن آمريڪا جي وچ اوڀر ۾ موجود اتحادي ملڪ ايران جي ميزائلن ۽ ڊرونن کي ڪيرائڻ لاءِ آمريڪي ٺاھيل پيٽريئٽ ايئر ڊفينس سسٽم استعمال ڪري رھيا آھن، تڏھن يوڪرين کي جلد ئي انھن سسٽمن لاءِ گائيڊڊ ميزائلن جي شديد کوٽ کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو. ماهرن جو چوڻ آھي تہ روسي صدر ولاديمير پيوٽن ھن کوٽ مان ضرور فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو.
پيٽريئٽ سسٽم تي لڳل ميزائل انتھائي مھانگا هوندا آھن ۽ وڏي رفتار سان فائر ٿي روس جي بيلسٽڪ ميزائلن کي تباھ ڪندا آھن، جن بابت پيوٽن اڳ دعويٰ ڪئي هئي تہ اھي “ناقابلِ شڪست” آھن. پيٽريئٽ سسٽم 1970ع واري ڏھاڪي ۾ تيار ڪيو ويو ھو، جنھن جو بنيادي مقصد سوويت يونين جي ميزائلن کي تباھہ ڪرڻ ھو. اھي ئي ميزائل بعد ۾ ترميمن سان روس اڄ يوڪرين تي استعمال ڪري رھيو آھي.
يوڪرين کي ھي سسٽم 2023ع ۾ فراھم ڪيا ويا. شروعاتي طور تي ڪُجهہ بيٽريون فقط راڄڌاني ڪِيف ۾ نصب ڪيون ويون ۽ انھن جي جڳھہ بار بار تبديل ڪئي ويندي هئي تہ جيئن روسي حملن کان محفوظ رھن. جرمني جي بريمن يونيورسٽي سان لاڳاپيل ماھر نڪولائي ميٽروخن جو چوڻ آھي تہ پيٽريئٽ سسٽم خاص طور تي وڏن شھرن، جھڙوڪ ڪيِف، جي بچاءَ لاءِ انتھائي اھم ثابت ٿيا آھن، جيتوڻيڪ اھي سڀني روسي ميزائلن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ڪامياب ناھن رھيا. ھن وڌيڪ چيو تہ يوڪرين جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي تحفظ ۾ بنيادي مسئلو اھو آھي تہ سڀني اھم ھنڌن کي بچائڻ لاءِ ڪافي دفاعي نظام موجود ناھن.
ميٽروخن موجب يوڪرين جي توانائي جو نظام ھر صورت ۾ خطري ۾ آھي، ڇاڪاڻ تہ روس شايد ايٽمي پاور اسٽيشنن تي حملو نہ ڪندو، پر پيٽريئٽ سسٽم سڄي ملڪ جي ٽرانسميشن لائينن کي محفوظ نٿا رکي سگھن. ھن جو چوڻ آھي تہ اصل سوال اھو ناھي تہ يوڪرين وٽ ڪيترا پيٽريئٽ ميزائل آھن، پر اھو آھي تہ روس کي ميزائل ٺاھڻ ۽ استعمال ڪرڻ کان ڪيئن روڪيو وڃي.
پيٽريئٽ سسٽم جديد ريڊار استعمال ڪري ٿو، جيڪي انتھائي تيز رفتاري سان ايندڙ ھدفن کي سڃاڻين ٿا. پوءِ سسٽم ھڪ منٽ ۾ لڳ ڀڳ 32 ميزائل فائر ڪري سگھي ٿو. انھن ميزائلن جي فائر ٿيڻ دوران پيدا ٿيندڙ آواز ۽ آسمان ۾ ٿيندڙ ڌماڪا يوڪرينين لاءِ ڪنھن حد تائين تحفظ جو احساس پيدا ڪندا هئا، خاص طور تي جڏھن روس ڊرونن ۽ ميزائلن سان وڏا حملا ڪندو ھو
.
پيٽريئٽ سسٽم جلد ئي روس جي ڪنزھال ميزائلن کي بہ تباھہ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي سپرسونڪ جھازن مان لانچ ٿيندا آھن ۽ فضا جي مٿئين حصي مان گذرندا آھن. ان سان پيوٽن جي اھا دعويٰ غلط ثابت ٿي وئي تہ انھن ميزائلن کي ڪو بہ مغربي دفاعي نظام روڪي نٿو سگھي.
پيٽريئٽ سسٽم جو ھر گائيڊڊ ميزائل ڪيترن ئي ملين ڊالرن جو ھوندو آھي، ۽ انھن جي سالياني پيداوار عام طور 900 کان وڌيڪ نہ ھوندي آھي. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلينسڪي جو چوڻ آھي تہ ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ صرف ٽن ڏينھن ۾ لڳ ڀڳ 800 پيٽريئٽ ميزائل استعمال ڪيا ويا.
ھن چيو تہ يوڪرين وٽ ڪڏھن بہ ايترا ميزائل موجود نہ هئا جيترا ھاڻي وچ اوڀر ۾ استعمال ٿي رھيا آھن. ماھرن جو چوڻ آھي تہ ميزائلن جي کوٽ فوري مسئلو نہ آھي، پر ايندڙ هفتن ۾ سنگين ٿي سگھي ٿي. ڪييف جي سياسي تجزيہ نگار ولاوديمير فيسينڪو موجب روس ممڪن آھي تہ وڏي پيماني تي ميزائل حملا ڪري يوڪرين کي مجبور ڪري تہ ھو پنھنجا باقي پيٽريئٽ ميزائل بہ استعمال ڪري ڇڏين. ھن جو چوڻ آھي تہ روس شايد وڏي حملي جي تياري ڪري رھيو آھي، ڇو تہ گذريل ڏينھن ۾ ھن ڊرون ۽ ميزائل حملا گهٽ ڪري ڇڏيا آھن.
روس عام طور تي پنھنجي حملن جو آغاز ڊرونن ۽ جعلي ڊرونن سان ڪندو آھي، جنھن سان يوڪرين جي دفاعي نظام کي وڌيڪ ميزائل استعمال ڪرڻا پوندا آھن. ان کان پوءِ روس ڪيترن ئي مرحلن ۾ حقيقي حملا ڪندو آھي، جن ۾ بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائل شامل ھوندا آھن. تجزيہ نگار ايگر ٽيشڪيويچ جو چوڻ آھي تہ ايندڙ حملن جو نشانو شايد صرف توانائي جو نظام نہ ھجي، پر ٻيا بہ اھم ھدف ٿي سگھن ٿا.
يوڪرين وٽ ھن وقت ھڪ درجن کان بہ گهٽ پيٽريئٽ بيٽريون آھن، جڏھن تہ سرڪاري انگن موجب ملڪ کي گهٽ ۾ گهٽ 25 بيٽرين جي ضرورت آھي. يوڪرين جي اڳوڻي فوجي آفيسر ليفٽيننٽ جنرل ايھور رومانيينڪو جو چوڻ آھي تہ روس کي خبر آھي تہ يوڪرين وٽ دفاعي نظام محدود آھن، تنھنڪري ھو انھن ھنڌن کي نشانو بڻائين ٿا جتي پيٽريئٽ سسٽم موجود ناھن.
يوڪرين وٽ فرانس ۽ اٽلي جي ٺاھيل SAMP/T ايئر ڊفينس سسٽم پڻ موجود آھن، جيڪي 2023ع کان استعمال ٿي رھيا آھن. انھن سسٽمن جو ھڪ فائدو اھو آھي تہ پيٽريئٽ جي ڀيٽ ۾ انھن کي ھلائڻ لاءِ گهٽ ماڻھو گھربل ھوندا آھن. جتي پيٽريئٽ سسٽم کي لڳ ڀڳ 90 عملي جي ضرورت پوي ٿي، اتي SAMP/T کي فقط ھڪ درجن جي لڳ ڀڳ عملي سان هلائي سگھجي ٿو. البتہ انھن جي ڪارڪردگي جديد روسي ميزائلن خلاف مڪمل طور جنگي حالتن ۾ آزمائي وڃڻ باقي آھي.
ساڳئي وقت يوڪرين روس جي اندر بہ ڊرون ۽ ميزائل حملا ڪري رھيو آھي، جن سان روسي هٿيارن جا گُودام ۽ ڪارخانا نقصان جو شڪار ٿي رھيا آھن. تازي حملن ۾ يوڪرين روسي بحري ٻيڙي ايڊمرل ايسين کي نقصان پهچايو، جيڪا ڪروز ميزائل فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ان کان علاوہ روس جي قبضي ھيٺ آيل ڊونيٽسڪ ۽ ڪريميا ۾ ڪيترائي دفاعي نظام پڻ تباھ ڪيا ويا.