گل پلازا سانحي جي جاچ، جوڊيشل ڪميشن آڏو ماهر آرڪيٽيڪٽ عارف حسن جو بيان رڪارڊ
عمارتن ۾ باهه کان بچاءَ لاءِ حفاظتي نظام، فائر ڊرل ۽ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا لازمي قرار، ادارتي ناڪامي سبب قانونن تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو انڪشاف
ڪراچي ۾ گل پلازا سانحي جي جاچ لاءِ قائم جوڊيشل ڪميشن آڏو سينيئر آرڪيٽيڪٽ ۽ شهر ساز عارف حسن جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. ڪميشن، جيڪا جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ٻڌڻي دوران رنڇوڙ لائن فائر اسٽيشن جي هڪ فائر آفيسر کي بہ سيڪريٽريٽ ۾ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪئي.
ٻڌڻي دوران عارف حسن عمارتن جي حفاظت ۽ باہ کان بچاءَ بابت پنهنجي ماهرانہ راءِ پيش ڪندي چيو تہ آرڪيٽيڪٽن کي عمارتن جي ڊيزائن تيار ڪندي مناسب حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ گھرجي. هن چيو تہ باہ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ برقي تنصيبات جي صحيح سار سنڀال ۽ ايل پي جي سلينڊرن سميت ٻين آتشگير شين کي محفوظ نموني رکڻ بہ انتهائي ضروري آهي.
هن نشاندهي ڪئي تہ شهر جي ڪيترن وڏن شاپنگ مالن ۾ بہ اسموڪ ڊيٽيڪٽر موجود ناهن. سندس چوڻ هو تہ رڳو الارم سسٽم لڳائڻ ڪافي ناهي، پر باقاعدي فائر ڊرل جو انتظام بہ ضروري آهي تہ جيئن هنگامي صورتحال ۾ ماڻھن کي محفوظ نموني ٻاهر ڪڍي سگھجي.
عارف حسن زور ڏنو تہ باہ لڳڻ جي صورت ۾ ماڻھن جي محفوظ ۽ بروقت نيڪالي تمام اهم هوندي آهي، تنھن ڪري ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا واضح طور نشان لڳل ۽ هميشہ کليل هجڻ گھرجن. هن چيو تہ قانون موجب هر منزل تي فائر ايڪسٽنگوئشر موجود هئڻ گھرجن ۽ عمارتن ۾ پاڻي جي اسپريڪلن وارو نظام بہ هجڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو تہ حفاظتي سامان جي باقاعدہ جاچ ۽ سار سنڀال ضروري آهي تہ جيئن اهي ضرورت پوڻ تي صحيح نموني ڪم ڪري سگھن.
هن راءِ ڏني تہ اهڙن سانحن کان بچڻ لاءِ عوامي آگاهي ۽ تربيت پڻ اهم آهي. سندس چوڻ هو تہ اسڪولن ۾ ٻارن کي حفاظتي تربيت ڏني وڃي ۽ ماڻھن کي بہ آگاهي ڏني وڃي تہ باہ لڳڻ جي صورت ۾ ڪهڙا قدم کڻڻ گھرجن. هن اهو بہ چيو تہ عمارتن ۾ باہ وسائڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ پاڻي جو ذخيرو رکڻ لازمي هجڻ گھرجي، جڏهن تہ صنعتي عمارتن ۾ باہ کان بچاءَ واريون ڀتيون استعمال ڪرڻ گھرجن.
ٻڌڻي دوران جسٽس آغا فيصل رمارڪ ڏنو تہ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي تہ انهن جي قانونن موجب عمارت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان جي نگراني ڪرڻ جي اجازت ناهي. ڪميشن کي ٻڌايو ويو تہ ادارو صرف تڏهن ڪارروائي ڪري سگھي ٿو جڏهن ڪنهن غيرقانوني تعمير بابت شڪايت داخل ڪئي وڃي.
ڪميشن گل پلازا سان لاڳاپيل زمين جي مڪمل ۽ اصل ريڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ بورڊ آف روينيو کي بہ هدايت جاري ڪئي آهي. ان سان گڏ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ميونسپل ڪمشنر کي بہ ليز معاهدي ۽ ٻين لاڳاپيل دستاويزن سميت رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
عارف حسن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو تہ شهر جي غيررسمي آبادين ۾ تمام ننڍن پلاٽن تي گھڻ ماڙ عمارتون تعمير ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن تہ سرڪاري ادارن طرفان ڪيل ڪيترائي سروي ۽ جاچ بہ گھڻو ڀروسو جوڳا ناهن. هن چيو تہ غيرقانوني عمارتن کي بعد ۾ قانوني حيثيت ڏيڻ مناسب عمل ناهي، ڇاڪاڻ تہ انهن ۾ قانوني ضابطن کان هٽي ڪري تعمير ٿيل حصا موجود هوندا آهن.
هن نتيجو ڪڍيو تہ شهر ۾ فائر سيفٽي قانونن تي صحيح نموني عمل نہ ٿيڻ پويان بنيادي سبب ادارتي ناڪامي آهي. جسٽس آغا فيصل پڻ ٻڌڻي دوران چيو تہ ماضي جي وڏن سانحن، جھڙوڪ بلديہ فيڪٽري باہ واقعي، مان بہ ڪو خاص سبق حاصل نہ ڪيو ويو آهي.