مھاسا اميني، جنھن جي قتل دنيا کي زن، زندگي، آزادي جو نعرو ڏنو.
مھاسا اميني هڪ نوجوان ايراني ڇوڪري هئي، جيڪا عام زندگي گذاري رهي هئي، پر ايراني رياست جي حجان واري قانون سبب هوءَ مشهور احتجاجن جي علامت بڻجي وئي.
مھاسا (جينا) اميني جو موت ڪنھن اوچتي حادثي يا انفرادي بدقسمتي جو نتيجو نہ هو. مھاسا جو موت ايران ۾ رياستي جبر، طاقت ۽ عورت جي ذاتي آزاديءَ جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرارن جو هڪ نمايان موڙ هو، جيڪو گھڻي وقت کان موجود هو پر اميني جي موت ان کي کولي پڌرو ڪري ڇڏيو.
ايران ۾ حجاٻ قانون ڇا آهي؟
ايران ۾ حجاب جو قانون اسلامي جمھوريہ جي قيام کان پوءِ لاڳو ٿيو، جنھن تحت سڀني عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ، بالغ ٿيڻ کانپوءِ، عوامي جڳهن تي وارن کي ڍڪڻ ۽ کُليل لباس پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو. هي قانون مسلمانن سان گڏ ٻين مذهبي ماڻھن، پرڏيهي رھائش پزيرن ۽ سياحن تي بہ لاڳو ٿئي ٿو.
هن پابندي ايران جي اسلامي قانون جي تشريح سان جوڙي وڃي ٿي، پر وقت سان گڏ اها عورتن جي آزادي ۽ رياستي ڏاڍ جي علامت بڻجي وئي. قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ اخلاقي پوليس، جنھن کي “گشتِ ارشاد” چيو وڃي ٿو، ذميوار آهي. ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڏنڊ، قيد، يا ٻي سزا بہ ٿي سگھي ٿي.
تاريخي طور، ايران ۾ پردو صديون پراڻو سماجي رواج رھيو آهي، پر 1936ع ۾ رضا شاہ پهلوي حجاب تي پابندي لڳائي هئي. 1941ع کان 1979ع تائين حجاب ذاتي پسند بڻيل رھيو. 1979ع جي اسلامي انقلاب کان پوءِ، شروعاتي واعدن جي ابتڙ، حجاب کي آهستي آهستي لازم بڻايو ويو ۽ 1983ع ۾ ان کي قانوني حيثيت ڏني وئي.
گذريل ڏهاڪن دوران هن قانون خلاف مزاحمت وڌندي رهي آهي، خاص طور تي عورتن جي حقن لاءِ تحريڪن وسيلي. ويجھر سالن ۾ عورتن جي مذاحمت سبب ڪجھ شهرن ۾ عملداري نرم ٿيڻ جون رپورٽون مليون آهن پر رياست واضح ڪري چڪي آهي تہ حجاب جو قانون اڃا تائين ختم نہ ٿيو آهي.
تنقيدنگارن جو چوڻ آهي تہ هي قانون عورتن جي ذاتي آزادي ۽ انساني حقن جي خلاف آهي، جڏهن تہ رياستي حامين ۽ ساڄي ڌُر جي ماڻھن طرفان ان کي اسلامي قدرن جي حفاظت لاءِ ضروري قرار ڏنو پيو وڃي.
مھاسا (جينا) اميني جو ڪيس
مھاسا اميني جو واقعو، جيڪو ايراني پوليس جي هڪ “معمولي” ڪارروائي طور ظاهر ٿيو، پر آهستي آهستي قومي ۽ پوءِ عالمي علامت ۾ بدلجي ويو، اهڙي علامت، جنھن سماج کان اهو سوال پڇيو تہ فرمانبرداري چاهي اها ذاتي هُجي، سماجي يا رياستي ان جي قيمت آخر ڇا آهي، ۽ اها قيمت ڪنھن کي ادا ڪرڻي پوي ٿي؟
13 سيپٽمبر 2022 تي، تهران جي گھٽين ۾ مھاسا (جينا) اميني کي ان الزام هيٺ راہ ويندي روڪيو تہ هن پنھنجو حجاب “درست نموني” سان نہ پاتو آهي. اها الزام ايران ۾ عورتن لاءِ ڪا نئين ڳالھ نہ هئي پر ان ڏينھن ان جا نتيجا هڪ عام زندگيءَ گذاريندڙ راہ ويندڙ عورت جيڪا نہ سماجي طور يا سياسي طور تي سرگرم هئي، ان لاءِ موتمار ثابت ٿيا.
ڪجھ ڪلاڪن اندر، مھاسا پوليس جي تحويل ۾ بيمار ٿي پئي. کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي. ٽن ڏينھن کان پوءِ سندس موت جي خبر آئي، جنھن نہ صرف خاندان پر سڄي ملڪ کي جھوري ڇڏيو.
ساڳئي وقت، رياستي ادارن هڪ اهڙي طبي وضاحت پيش ڪئي، جيڪا جلدي ۾ تيار ڪيل هئي ۽ شڪ جوڳي لڳي. ان ۾ دعويٰ ڪئي وئي تہ مھاسا کي دل جا مسئلا هئا يا هوءَ ننڍپڻ ۾ ڪنهن دماغي بيماريءَ جو شڪار رهي هئي.
اهي وضاحتون اميني جي موت کي قدرتي ثابت ڪرڻ جون ڪوشش لڳيون. مقصد صاف هو تہ پوليس جي ذميواري گھٽائڻ ۽ رياستي تشدد جي امڪان کي رد ڪرڻ، جيئن معاملو هڪ معمولي طبي حادثي طور بند ٿي وڃي.
پر اهي دعوائون تڏهن ئي ڪمزور ٿي ويون، جڏهن شاهدن ٻڌايو تہ مھاسا کي پوليس وين ۾ ماريو ويو. انھن بيانن سرڪاري ڪهاڻيءَ کي سڌي ريت چئلينج ڪيو ۽ عوام جي شڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو.
اسپتال مان ليڪ ٿيل تصويرن ۽ طبي معائني ۾ سندس مٿي ۽ ڪنن وٽ واضح زخمن جا نشان ڏٺا ويا. ڊاڪٽرن، جن انھن تصويرن جو جائزو ورتو چيو تہ اهي زخم قدرتي بيماريءَ سان ميل نٿا کائين.
انھن ماهرن موجب، اهي نشان سخت جسماني تشدد ڏانھن اشارو ڪن ٿا. اهو تشدد پوليس جي تحويل ۾ ٿيو، جنھن مھاسا جي حالت کي نازڪ بڻايو ۽ آخرڪار سندس زندگي ختم ٿي وئي.
2024 ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي جاچ ان شڪ کي تصديق ۾ بدلائي ڇڏيو. رپورٽ ۾ صاف لفظن ۾ چيو ويو تہ مھاسا اميني جو موت پوليس جي تحويل ۾ ٿيل تشدد جو نتيجو هو.
ان رپورٽ ۾ اهو بہ واضح ڪيو ويو تہ ايراني اختيارين ثبوت لڪائڻ، خاندان کي ڊيڄارڻ ۽ حقيقت کي مبهم ڪرڻ لاءِ منظم ڪوششون ڪيون، جيئن رياست پاڻ کي قانوني ۽ اخلاقي ذميواريءَ کان بچائي سگھي.
مھاسا اميني جو موت رياست لاءِ شايد هڪ انتظامي ناڪامي هو، پر سماج لاءِ اهو هڪ گھرو صدمو بڻجي ويو هو. خاص طور نوجوان عورتن لاءِ، جيڪي سالن کان لازمي حجاب جي قانون سان جيئڻ سکيو هيون.
انھن عورتن ان رياستي قانون تحت رھڻ جون حڪمت عمليون تہ ٺاهيون هيون، پر هاڻي ان کي دل سان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نہ هيون. مھاسا جو نالو احتجاجن جو نعرو بڻجي ويو ۽ “زن، زندگي، آزاد” جنھن جو سنڌي ۾ مطلب "عورت، زندگي، آزادي" گھٽين ۾ گونجڻ لڳي.
اهي احتجاج صرف هڪ شهر يا هڪ طبقي تائين محدود نہ رھيا. اهي ايران جي مختلف علائقن، نسلن ۽ سماجي طبقن تائين پکڙجي ويا، جتي ماڻھن رياستي طاقت کي کليل نموني چئلينج ڪيو.
انھن احتجاجن ۾ عورتن جو مرڪزي ڪردار نمايان هو ۽ عورتون اڳواڻي ڪري رھيون هيون. ڪيترين نوجوان عورتن عوامي جڳهن تي پنھنجا حجاب لاٿا، وار ڪٽيا، ۽ اهڙي جابر رياست کي للڪاريو، جيڪا سندن جسمن تي حڪمراني جي عادي هئي.
رياست جو ردعمل سخت هو: سڌي فائرنگ، اجتماعي گرفتاريون، انٽرنيٽ ۾ بندش، ۽ خوف جو ماحول. انساني حقن جي ادارن موجب، سوين ماڻھو ماريا ويا ۽ هزارين قيد ڪيا ويا.
ان جي باوجود، احتجاجن جو بنيادي خيال ختم نہ ٿيو. سوال رڳو حجاب جو نہ رھيو، پر اختيار، وقار ۽ آزاديءَ جو بڻجي ويو، جيڪو رياست جي اخلاقي حيثيت کي سڌي طرح للڪارڻ لڳو.
مھاسا اميني، جيئين مٿي لکي آيا آهيون ڪنھن تحريڪ جي اڳواڻ نہ هئي. هوءَ سياست ۾ سرگرم نہ هئي. سندس زندگي عام هئي، تعليم، مستقبل جا خواب ۽ هڪ عام خاندان، جيڪو هاڻي هميشہ لاءِ اڌورو ٿي ويو.
اهو ئي سبب آهي جو سندس موت ايترو گھرو اثر ڇڏيو. اهو ڪنھن سياسي اڳواڻ جو انجام نہ هو پر هڪ عام ڇوڪري جو جنھن جو ڏوھ رڳو اهو هو تہ هن “درست” نموني سان لباس نہ پاتو.
ايراني رياست لاءِ سڀ کان ڏکيو سوال اهو ناهي تہ احتجاج ڇو ٿيا پر اهو آهي تہ هڪ نوجوان عورت جا وار ڪيئن اهڙو خطرو بڻجي ويا، جو انھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تشدد توڙي انسان کي قتل ڪرڻ ضروري سمجھيو ويو.
جيڪي رياستون سماجي فرمانبرداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ تشدد تي ڀاڙين ٿيون، تڏهن انھن جي اخلاقي ۽ سياسي حيثيت ڪمزور ٿي وڃي ٿي. مھاسا اميني جو موت انھيءَ ڪمزوري کي ننگو ڪري ڇڏيو.
مھاسا جو نالو هاڻي صرف ايران تائين محدود ناهي رھيو. اهو عورتن جي آزاديءَ جي عالمي بحث ۽ ادب جو حصو بڻجي چڪو آهي، سندس قبر تي لکيل جملا “تون نہ مرندين” هاڻي رڳو جذباتي لفظ نہ رھيون آهن پر مڪمل سياسي توڙي سماجي حقيقتون بڻجي چڪيون آهن، جيڪي اڄ زندہ آهن.
هي ايڊيٽوريل غيرجانبداريءَ جو ناٽڪ نٿي ڪري. اها واضح طور تي هڪ نوجوان عورت جي پاسي بيٺل آهي، جنھن جي زندگي هڪ اهڙي نظام کي چيلينج ڪيو، جيڪو اخلاقيات کي طاقت جو اوزار بڻائي ٿو.
مھاسا اميني جو موت ياد ڏياري ٿو تہ جڏهن رياستون انسانن جي جسمن کي ڪنٽرول ڪرڻ کي پنھنجو حق سمجھن ٿيون، تڏهن آزادي، وقار ۽ زندگي پڻ خطري ۾ پئجي وڃن ٿا.
تازو صورتحال
2024ع جي آخر کان ايران ۾ حجاب بابت سخت قدمن تي عملدرآمد عارضي طور معطل ڪيو ويو آهي. صدر مسعود پزشڪيان ۽ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل عوامي ردعمل کان پوءِ 2023ع واري “حجاب ۽ عفت” قانون تحت لاڳو ڏنڊ ۽ سزائون روڪي ڇڏيون. ان کان پوءِ وڏن شهرن ۾ بغير حجاب نظر ايندڙ عورتن جو انگ وڌيو آهي.
بهرحال، قانوني طور حجاب جو قانون ختم نہ ڪيو ويو آهي. هي معطلي عارضي آهي ۽ مختلف علائقن ۾ ان تي عملدرآمد هڪجھڙو ناهي. اختياريون اڃا بہ ماڻھن کي گرفتار يا ڏنڊ ڪن ٿا. حڪومت واضح ڪيو آهي تہ حجاب قانون جي مڪمل خاتمي بابت دعوائون غلط ۽ بي بنياد آهن. جنوري 2026ع تائين ايران ۾ حجاب پائڻ جو بنيادي قانون برقرار آهي.